G B H S Nasirabad

G B H S Nasirabad Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from G B H S Nasirabad, Education, Nasirabad city, Nasirabad.

14/08/2026

قومي ترانو

14/08/2026
هاء اسڪول نصيرآباد ۾ جشن آزادي نهايت شاندار ۽ پروقار نموني ملهايو ويو.هيڊ ماستر نجم الدين چنو ۽ جميل احمد سوهو جي صدارت ...
14/08/2026

هاء اسڪول نصيرآباد ۾ جشن آزادي نهايت شاندار ۽ پروقار نموني ملهايو ويو.
هيڊ ماستر نجم الدين چنو ۽ جميل احمد سوهو جي صدارت ۾ ملهايل پروگرام ۾ اسڪول جي استادن،شهرين ۽ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي هيڊ ماستر صاحبان چيو تہ ﷲ پاڪ جا ڪروڙين ڪرم آهن جو اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساھ کڻي رهيا آهيون، اسانجو وطن اسان جي وڏڙن جي قربانين سبب آهي اسان جو فرض آهي تہ وطن جي ترقي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيون، محنت ڪري پڙهائي ڪريون.
پروگرام ۾ اسڪول جي شاگردن رت گرمائيندڙ تقريرون، شاندار ٽيبلوز ۽ ملي نغما ڳائي پنهنجي وطن کي ڀيٽا پيش ڪئي، آخر ۾ شاگردن کي آزادي جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي ۽ شاندار ڪيڪ ڪٽيو ويو.
پروگرام جي ڪارروائي اسڪول جي استاد ڪليم الله شيخ هلائي.

ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي سهڪار سان هاء اسڪول نصيرآباد جي ٺهندڙ نئين بلڊنگ جي بنياد جو ڪم تيزي سان جاري آهي، هيڊ ماستر جميل...
05/08/2026

ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي سهڪار سان هاء اسڪول نصيرآباد جي ٺهندڙ نئين بلڊنگ جي بنياد جو ڪم تيزي سان جاري آهي، هيڊ ماستر جميل احمد سوهو هلندڙ ڪم جي ڪڙي نگراني ڪري رهيو آهي، انشاءاللہ جلد ئي بلڊنگ تيار ٿي ويندي.

آگسٽ مهينو شروع ٿيندي ئي هاء اسڪول نصيرآباد ۾ آزادي تقريبن جي شروعات ٿي وئي آهي، هيڊ ماستر جميل احمد سوهو قومي جهنڊو ڦڙڪ...
03/08/2026

آگسٽ مهينو شروع ٿيندي ئي هاء اسڪول نصيرآباد ۾ آزادي تقريبن جي شروعات ٿي وئي آهي، هيڊ ماستر جميل احمد سوهو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريبن جي باقائده شروعات ڪئي ساڻس اسڪول ايف اي سائين عنايت ﷲ ڪانڌڙو،سيڪنڊ ايف اي روشن علي ڳنواس ۽ ٻيا استاد گڏ هئا.

اسڪول اسپيسيفڪ بجٽ ۾ اسڪولز لاء ڏنل خاص رنگن واري اسڪيم تحت هاء اسڪول نصيرآباد جي عمارت کي اندران ۽ ٻاھران رنگ جو ڪم تيز...
22/07/2026

اسڪول اسپيسيفڪ بجٽ ۾ اسڪولز لاء ڏنل خاص رنگن واري اسڪيم تحت هاء اسڪول نصيرآباد جي عمارت کي اندران ۽ ٻاھران رنگ جو ڪم تيزي سان جاري آهي.
هيڊ ماستر جميل احمد سوهو چيو تہ وئڪيشن دوران گهڻي قدر رنگ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، جڏهن تہ تاريخي اسيمبلي هال جي بحالي جو ڪم پڻ هلي رهيو آهي.

پرائمري اسڪول اقرا ۽ اردو هاء اسڪول نصيرآباد جا ڪئمپس اسڪول آهن. اسڪول جي SSB بجيٽ منجهان انهن اسڪولز جو ڪم هلي رهيو آهي...
11/07/2026

پرائمري اسڪول اقرا ۽ اردو هاء اسڪول نصيرآباد جا ڪئمپس اسڪول آهن. اسڪول جي SSB بجيٽ منجهان انهن اسڪولز جو ڪم هلي رهيو آهي.
هيڊ ماستر جميل احمد سوهو جو چوڻ آهي تہ اسڪولز جي هر ممڪن ڪم ڪار لئہ ڪوششون جاري رهنديون.

اسڪول اسپيسيفڪ بجٽ جاري ٿيڻ سان ئي هاءِ اسڪول نصيرآباد جي تاريخي اسيمبلي هال جي مرمت ۽ فرنيچر جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.هيڊ ...
05/07/2026

اسڪول اسپيسيفڪ بجٽ جاري ٿيڻ سان ئي هاءِ اسڪول نصيرآباد جي تاريخي اسيمبلي هال جي مرمت ۽ فرنيچر جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.
هيڊ ماستر جميل احمد سوهو جي ذاتي ڪوششن سان اسڪول جي بهتري جو ڪم جاري آهي،انشاء الله جلد ئي اسڪول جا سالن کان رهيل ڪم مڪمل ٿيندا.

هاء اسڪول نصيرآباد جي نئين بلڊنگ جو ڪم تيزي سان جاري آهي.هيڊ ماستر جميل احمد سوهو ڪم جي مسلسل نگراني ۾ مصروف آهي، اميد ت...
24/06/2026

هاء اسڪول نصيرآباد جي نئين بلڊنگ جو ڪم تيزي سان جاري آهي.
هيڊ ماستر جميل احمد سوهو ڪم جي مسلسل نگراني ۾ مصروف آهي، اميد تہ بلڊنگ جو ڪم مقرر وقت تي ٿي ويندو.

Address

Nasirabad City
Nasirabad

Telephone

03331336226

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when G B H S Nasirabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category