Samoon Niaz

Samoon Niaz Sindhi / Secular / Bibliophile / Student of Literature studies at University Sindh Jamshoro.

بايوگرافي : ٿامس ايلوا ايڊيسنترجمي نگار؛  بلوچ صحبت عليتبصرو : نياز سمون  ٿامس ايلوا ايڊيسن 11 فيبروري 1847 ۾ آمريڪا جي ...
29/09/2024

بايوگرافي : ٿامس ايلوا ايڊيسن
ترجمي نگار؛ بلوچ صحبت علي
تبصرو : نياز سمون

ٿامس ايلوا ايڊيسن 11 فيبروري 1847 ۾ آمريڪا جي شھر ميلان ۾ ڄائو. ننڍي ھوندي کان ئي محنتي ۽ ذھيني ٻار ھو. ھن جي دماغ ۾ ”ڇا“ ،”ڇو“ ”ڪئين“ ۽ ”ڪڏھن“ وارا سوال گردش ڪندا رھندا ھئا. ھن تي سندس گھر وارن نالو بہ ” سوال ڪندڙ سائين“ رکي ڇڏيو هو. ڇو تہ ھي جيستائين شيءَ کي تجربي مان نہ گذاريندو ھو تيستائين ان کي قبول بہ ڪون ڪندو ھو. ھڪ دفعي ھن سندس گھر وارن کان سوال پڇيو تہ مرغي وارا چوزا ڪٿان ايندا آھن. گھر وارن جواب ڏنو بيضن مان، ھن ضد ڪيو تہ بيضن مان ڪئين، گھر وارن چيو تہ مرغي آري تي ويھندي آهي پوءِ ان بيضن مان چوزا نڪرندا آھن. ھي بہ تجربي ڪرڻ لاءِ پنھنجي مرغي فارم تي ھليو ويو جتي ھنن ھڪ مرغي جا ڪجھ بيضا کڻي پنھنجي ھيٺيان رکي مٿي پاڻ ويھي رھيو، گھر وارا پريشان تہ ٿامس ڪيڏانھن ويو اٿئي. نيٺ ڪجھ وقت ڳولڻ کانپوءِ مليو ھڪ جاءِ تي بيضن جي مٿي ويٺو ھو. گھر وارن پڇيو ڇو ويٺو آھين چيائين ڏسان بيضا ڦٽن ٿا يا نہ، گھر وارن چيو اھو مرغي جي ھيٺيان ڦٽندا اھي بہ ٽي ھفتن کان مسلسل مٿي ويھڻ جي ڪري. نيٺ هن جي ماءَ ھڪ مرغي جي ھيٺيان نرم بيضي کي ڪڍي ان کي ڦوڙي ان مان چوزو ٻاھر ڪڍي هن کي ڏيکاريو تڏھن ٿامس ايلوا ايڊيسن کي وڃي يقين ٿيو تہ واقعي بيضن مان مرغي جا چوزا ڦٽن ٿا.

اھڙي قسم جو تجربي تي ڀاڙيندڙ ٻار ھئڻ ڪري جڏھن ست سال جي عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو تہ اتي هو اسڪول ۾ استاد کان سوال پڇڻ لڳندو ھو ان تي استاد تمام گھڻو ناراض ٿي چوندو ھو جيڪڏھن تون ايترو ھوشيار ۽ عقلمند آھين تہ ٻي درجي وارن ٻارن کي اچي پڙھا تڏھن مايوس ٿي ويندو ھو. اسڪول ۾ استاد جو مسلسل ڇڙٻون ڏيڻ ڪري ٿامس اسڪول ۾ ٽي مھينا مس ٽڪيو، استاد اھو چئي ٿامس ايلوا ايڊيسن کي اسڪول مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو تہ ھي ٻار ” بي وقوف“ آھي جڏھن ھن اھو ماءَ کي ٻڌايو تہ ماءُ هن جي پيءُ سان صلاح مشھورو ڪري ھن کي پاڻ ڇھ سال تائين پڙھائڻ شروع ڪيو جتي هو ڪيترائي اهڙا سوال ڪندو هو جنهن کي ماء ۽ پٽ گڏجي ڳولندا هئا. ايترو سائنس جي پڙهائي ۾ مشغول ٿي ويو جو پنهنجي 10 سالگره جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي رچرڊ گرين پارڪر جي ڪتاب "اسڪول آف نيچرل فلاسفي جو هڪڙو جلد" ملي ويو هو. هن ڪتاب ذريعي ٿامس ايلوا ايڊيسن سائنس خاص طور تي علم ڪيميا جي علم سان واقف ٿيو. هن ڪتاب م ڪيميا جي علم جو مختلف شيون پڙهي پنهنجي تجربيگاھ ٺاھڻ جي خواهش سندس گهر وارن جي اڳيان ظاهر ڪئي انهن هن کي موڪل ڏني. ٿامس ايلوا ايڊسن جو والد صاحب سائنس جا ڪتاب وٺي ھن کي پڙھڻ لاءِ ڏيندو ھو تہ جئين جيڪي سوال سائنسي جي حوالي سان ھن جي دماغ ۾ اڀري رھيا آھن اھي انھن سائنسي ڪتاب وسيلي مھيا ٿي سگھن ۽ ٿامس ڪتاب پڙھي پنھنجي والد صاحب کي خلاصو ٻڌائيندو ھو تہ جئين ڪھڙي شيءِ ان ڪتاب مان ھن حاصل ڪئي. جڏھن ھي خلاصو ٻڌائي پورو ڪندو ھو تہ ھن کي ھن جو والد صاحب ان جي بدلي ۾ خرچي ڏيندو ھو تہ جئين سندس پٽ جو اڃا بہ ڪتابن پڙھڻ ۾ چاھ وڌي. ائين ٿامس ايلوا ايڊيسن پنھنجي بنيادي تعليم سندس گھر م پنھنجي پيءِ ۽ ماءُ کان حاصل ڪئي. ھن جي اسڪول جي تعليم صرف ٽي مھينا ھئي.

ٻارانھن سالن جي عمر ۾ 1859 ڌاري پنھنجي پيءِ ۽ ماءٌ کان اھو بھانو ڪيو تہ پورٽ ھورون جي لائبريري م جيڪي ڪتاب آھن اھي مون پڙھي ڇڏيا آھن ھاڻي آئون وڌيڪ سائنس جا ڪتاب پڙھڻ لاءِ ڊاٽراءِ جي پبلڪ لائبري ويندس جنھن جي ڪري مونکي ريل ۾ مٺائي ۽ ٻيون کاڌي جون شيون وڪڻيون پونديون جنھن سان نہ صرف منهنجو خرچو بہ نڪرندو پيو پر اوھان کي ھڪ ڊالر روزانو ڏيندس. اتي ريل واري کاتي سان ھن جي اھڙي دوستي ٿي جو سگريٽ ڇڪڻ واري دٻي ۾ ھن پنھنجي ليباٽري قائم ڪري ڇڏي جتي ھر اڌ ڪلاڪ ريل جي دٻن مان چڪر ڏيڻ کانپوءِ اتي ٺاھيل ليباٽري ۾ پيو تجربا ڪندو ھو. ان سان گڏوگڏ اخبارون بہ کپائيندو ھو ۽ ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سندس والد جي ٻني مان ڀاڄيون ۽ ميوا بہ کڻي ويندو ھو. اسٽيشن تي اخبار ۾ جيڪي خبرون ھونديون اھي تار ذريعي اڳ ۾ بورڊ تي لکرائي ڇڏيندو ھو جئين ريل اسٽيشن تي پھچندي ھئي ائين اخبار وٺڻ وارن جو قطارون لڳي وينديون ھيون. ايئن ئي اخبار وڌيڪ وڪرو ٿيڻ ڪري هن ھڪ پراڻي پريس وٺي پاڻ پنھنجي اخبار جو رپوٽر، ايڊيٽر، ڇاپيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ٿي ويو جنھن مان ھن جھجھو پسئو ڪمايو. ھڪ دفعي ريل واري تجريگاھ ۾ ريل جو موڙ م جھٽڪو اچڻ ڪري ٿامس ايلوا ايڊيسن جي ھٿ مان فاسفورس ھيٺ ڪري پيو ان کي باھ لڳي پئي. ھن ڪوٽ سان ھوا ھڻي باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڌ ڪوٽ سڙي ويو باھ نہ وسامي. نيٺ ھن دانھون ڪيون ڪنڊڪٽر آيو ان باھ کي وسائي ۽ اڳي اسٽيشن تي اھو چئي لاھي ڇڏيو تہ تون منھنجي ريل کي اڃا وڌيڪ نقصان ڏيندي.

1868 ڌاري ھن اليڪٽرڪ ووٽ ريڪارڊر ايجاد ڪئي جنھن جي رجسٽريشن 1869 ۾ ڪرائي ھي ان کي وڪڻڻ لاءِ واشنگٽن ھليو ويو. اتي پارلامينٽ جي نمائدن اھو چئي ٿامس ايلوا ايڊيسن کي مايوس ڪري ڇڏيو تہ اسين نٿا چاھيون تہ پارلامينٽ ۾ هي مشين استعمال ڪري اسان جو ووٽ ٻيو ڪو ڏسي. ھن جي پھرين ايجاد مالي حساب سان ناڪام ثابت ٿي. ھاڻي ھن وڌيڪ ٽليگراف واري ايجاد ڌيان ڏنو. ٽليگراف سان گڏوگڏ ھن اسٽاڪ ٽريڪر ايجاد ڪئي اسٽاڪ ايڪسچينگ جي اندر ڪم ڏيندي ھئي. جئين ھن جي سائنس جي تجربن ۾ دلچسپي وڌندي وئي ائين ھن جي ھاڪ ھر ھنڌ ھورڻ لڳي. 1870 ع ڌاري گولڊ ائنڊ اسٽاڪ ٽليگراف ڪمپني جي صدر جنرل مارشل ليفرٽس ٿامس ايلوا ايڊيس کي عرض ڪيو تہ ان جي ڪمپني جي اسٽاڪ ٽريڪر مشين ۾ مناسب رودوبدل ڪري وڌيڪ ڪارآمد بڻائي ڏي. ھن کي ان جو معاوضو 30 ھزار ڊالر مليو ھن صرف 3 ھزار ڊالر جو سوچيو ھو پر ھيترا پسئا جڏھن ھن وٽ آيا تڏھن ھن کي ننڊ بہ نہ اچي متان ڪير پئسا چوري نہ ڪري وڃي. صبح جو ان ڊپ جي ڪري پسئا بينڪ ۾ جمع ڪرائي آيو.

1871 ع ۾ والدہ جي مرڻ کانپوءِ، ھن سورھن سالن جي ڇوڪري اسٽل ويل مِري سان شادي ڪئي جنھن مان ھن کي ھڪ ڇوڪريءِ ڄائي جنھن جو نالو ميرين رکيو ويو، ان کانپوءِ ھن کي ھڪ ڇوڪرو ڄائو جنھن جو نالو ٿامس جونيئر رکيو ويو. اسٽل ويل مِري جي مرڻ کانپوءِ ٿامس ايلوا ايڊيسن ٻي شادي ڪئي جنھن مان ھن کي ٽي ٻار ٿيا. 24 ڊسمبر 1877 ع ۾ ھن ڪيترين ئي سالن جي تجربي کانپوءِ ھڪ مشين ايجاد جيڪو آواز ريڪارڊ ڪندي ھئي جنھن جو ھن ”فونوگرام“ نالو رکيو. ھن ٻيون بہ ننڍيون وڏيون ڪيتريون ئي ايجادون ڪيون جنھن م بجلي پار ڪرائيندڙ تار، ٽائيپ رائٽر ۾ ردوبدل، تار جو پيغام ھڪ ريل ٻي ريل تائين بغير تار جي پھچائڻ، رول ڪميرا فلم لاءِ، چاڪليٽ لاءِ پني ۽ ٻي مھاڀاري جنگ دوران آمريڪي بحري فوج توڙي هوائي فوج لاءِ نيون شيون . ھن جي وڏي ۾ وڏي ايجاد جنهن ھن کي سڄي دنيا مشھور ڪيو ۽ ھُل مچايو اھو بلب جي ايجاد آھي. 21 آڪٽوبر 1879 ع ٿامس ايلوا ايڊيسن وليم واليس جي اڳ م ڪيل بلب واري ايجاد کي نئي سر عملي جامو پھرايو جيڪو ھن کان سستو، پائيدار ۽ وڌيڪ روشني ڏيندڙ ھو. پھرين 19 ھين صدي م وليم واليس ليمپ تي تجربو ڪيو جيڪو روشني صرف ڪجھ ڪلاڪ ڏيندو ھو ان م آواز وڌيڪ ٿيندا ھئا ۽ ٻرڻ کانپوءِ بدبوءِ ايندي ھئي جنھن ڪري اوزار ھر ڪلاڪ تي تبديل ڪرڻا پوندا ھئا. 21 آڪٽوبر 1910 ع ۾ روشني جي 36 سالگرھ جي موقعي تي يوم ايڊيسن ”ايڊيسن جو ڏھاڙو“ ملھايو ويو. 21 آڪٽوبر 1929 ع ۾ روشني 50 سالگرہ ”جوبلي“ ملھائي وئي. ٿامس ايلوا ايڊيسن سادي قسم جو ماڻھو ھو جڏھن بلب جي ايجاد واري جوبلي جي وقت ھن کان پڇيو ويو تہ کاڌي م ڪھڙي شيءِ پسند آھي ھن چيو ”سڀڪھ“ ۽ سندس دوست ھينري فورڊ جنھن گيس تي ھلندڙ ڪاري ايجاد ڪئي ھئي ان کي ھن تنبيہ ڪئي تہ ھي بہ ان خاني ۾ ”سڀڪجھ“ لکي. ايتري شھرت ماڻڻ جي ڪري ماڻھن سان ائين سادگي ۽ عاجزي سان ملندو ھو جھڙوڪر ھن ڪجھ بہ حاصل نہ ڪيو ھجي. آخرڪار انسان جي بلب واري ضرورت پوري ڪري سڄي دنيا کي روشن ڪري، پاڻ 11 آڪٽوبر 1931 ۾ 84 سال 8 مھينن جي عمر م وفات ڪيائين. ٿامس ايلوا ايڊيسن جو نالو پوري دنيا ۾ بلب جي ايجاد جي ڪري مشھور آھي.

روزانو حلال پاڪستان اخبار 27/09/2024
ھفتيوار ميگزين سنڌ واسي حيدرآباد 22/09/2024

16/06/2024

مشکل وقت میں غیر حاضر رہنے والوں کو ہمیشہ غائب رہنا چاہیے!

محمود درویش

انسان دُنيا ۾ اچي ايتري اذيت سهندو آهي جو اُن کي ٽهڪ ايجاد ڪرڻا پوندا آهن..!!"ڪافڪا "
12/06/2024

انسان دُنيا ۾ اچي ايتري اذيت سهندو آهي
جو اُن کي ٽهڪ ايجاد ڪرڻا پوندا آهن..!!

"ڪافڪا "

ڊائري9 مئي 2024هاسٽل جو ڏينهنورسٽي ته هون ورسٽي آهي جتي سکڻ لاءِ تمام گهڻيون شيون ملنديون آهن پر  جڏهن ورسٽي جي اندر هم ...
10/05/2024

ڊائري
9 مئي 2024

هاسٽل جو ڏينهن

ورسٽي ته هون ورسٽي آهي جتي سکڻ لاءِ تمام گهڻيون شيون ملنديون آهن پر جڏهن ورسٽي جي اندر هم خيال دوست ملي ويندو آهي ته ورسٽي وڌيڪ حسين لڳڻ لڳندي آهي.محبوب ته هون اسان ٻنن کي ڪون مليا جيڪي سي ايل تي، ڪينٽينن تي، مزارن تي، پارڪن م ويهي اسان سان ڪچهري ڪن، سرگوشيون ڪن، پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائن ۽ ٽهڪن ڏين. نه قطعي اهڙي نُبت ڪون آئي، بابا دل آهي اهڙي نُبت آئي هوندي پر اوهان وڌيڪ سمجهي سگهو ٿا. اڇا مون ڳالھ پئي ڪئي محبوب جي "محبوب جهڙو نالو محبوب آهي تهڙو پاڻ به محبوب آهي". اسان ٻئي ڪالھ شهباز هاسٽل ڏانهن نڪتاسين پئي جتي فدا حسين سمون سان ملڻو هو جنهن مسلسل مون ۽ محبوب کي هاسٽل تي اچڻ ۽ ملڻ لاءِ فون پئي ڪيا ته اچانڪ ماس ڪميونيڪيشن جي فائنل ايئر جي سي آر علاوه الدين اوٺي سان وچ رستي تي ملاقات ٿي وئي. محبوب سان ڪو تازي پٽي ڪئي هئي ان جو بدلو وٺندي انگريزي ڪينٽين تي وٺي آياسين جتي همراه مان اسان ٽي ڪيلي جا جوس ڪڍيا سين. پوءِ علاه الدين کان موڪلائي شهباز هاسٽل جو رخ ڪيو سون جتي فدا حسين رهندو آهي. هاسٽل تي پهچڻ سان ئي محبوب زاهد هنڱورجو کي ننڍي مان اٿاريو. زاهد هنڱورجو ٿرڊ ايئر ڪميسٽري م پڙهندو آهي ۽ فدا حسين سمون سيڪنڊ ايئر ڪيمسٽري م پڙهندو آهي. تيستائين عبدالمجيد سومرو به ڪمري ۾ پهچي ويو جيڪو سيڪنڊ ائير ڊي فارسمي م پڙهي ٿو جنهن شعبي لاءِ حليم باغي چيو آهي؛

اڃان ڀي ته ساڳي ئي آ فارميسي
سپر هاءِ وي لڳ هو پيليون ديوارون.

ائين ڪچهري جو سلسلو شروع ٿيو جنهن م پڙهائي، هاسٽل ۽ يونيورسٽي جي زندگي، سي سي ڪينٽين جي ماني، سي ايل جي پڙهائي کان وٺي نيٺ "سائين ياسين چانڊيو" تائين اچي قصي کي ختم ڪيو سون ۽ وقت گذرندو رهيو وڃي ٻه ٿيا. اسان سڀ نڪري وياسين سينٽرل ڪينٽين جنهن کي اڪثر شارٽ فارم م سي سي (CC) سڏيندا آهن جتي ماني کاڌي اتي محبوب جو مائٽ سردار احمد خان جوڻيجي اچي ڪنڌ ڪڍيو هال ۾، زاهد هنڱورجو بنا سلام جھلڻ جي احمد کي چيو ڏنو تو وارو مائٽ محبوب جوڻيجو آيو ويٺو آهي اڄ وٺي وڃ هن کي هي توکي رهائش ڪنهن نه ڪنهن هاسٽل مان وٺي ڏيندو. احمد خان جوڻيجو سادو سودو ماڻهو آهي جيڪو زولاجي شعبي م ٻي سال جي اندر پڙهي پيو ۽ ٿورو گهڻو جذباتي هئڻ ڪري انقلاب جون چڻگون اندر م شعلا پيون ڏين. ٻه بجي کان وٺي شام جو ساڍا ڇھ بجي تائين مون ۽ محبوب جو ٽاپڪ رهيو احمد خان جوڻيجو فدا، زاهد ۽ مجيد ٽهڪ ڏيڻ وارا هئا. نيٺ انهن کان موڪلائي روم نمبر 44 تي دانش سان گڏجي وياسين جتي رحمان ۽ سراج مليا جيڪي منهنجا ڪلاس فيلوز آهن ۽ شام جو اچي ڪري ڄامشورو جي ڏونگرن مان لهندڙ سج کي ڏٺو سين جنهن لاءِ باغي چيو آهي:

جڏهن سج ڏونگر مان لاڙيندو لامون
وري ياد ايندئي ورسٽي جون شامون
ويل وقت توکي ڏک ڏئي ڏنگيندو
تڏهن توکي باغي گھڻو ياد ايندو
حليم باغي

24/03/2024

عيد کان پوءِ ملنداسين

نياز سمون

هو سفيدي جي وڻ جي گهاٽي ڇانء ۾ ويٺي ڪنڌ مٿان پنهنجا وار ورايا پئي. هن جي هٿ ۾ عالم ابڙي جو ناول "رهجي ويل منظر " هو. پارڪ خالي هئي. پکين جو آواز ڪو ورلي آيو پئي. صرف چوڪيدار ڊيپارٽمينٽ جي گيٽ تي سگريٽ ڇڪيو پئي. گاڏيون ايڪڙ ٻيڪڙ روڊ تان هليون پئي. شاگرد رمضان جي مهيني جي ڪري گهر وڃي چڪا هئا ۽ ٻيا هئا ته به گهٽ. يونيورسٽي جو ڪينٽون بند هيون،نه چانھ پئي ملي نه ماني، پورو ڏينهن شاگرد بک ڪاٽي رهيا هئا ۽ واپسي ٽرانسپورٽ جو معاملو به ذليل ڪندڙ هو . هو پنهنجي پيار کي جيارڻ آئي هئي جيڪو ڪجهه ڏينهن پهريان ڄامشوري جي جابلو ڌرتي مٿي ڦٽي پيو هو. هن کي پيار جي آبياري لاءِ پاڻي پيارڻ جي ضرورت هئي. ڊيپارٽمينٽ جي ديوارن تي هن کي ڀليڪار ته ڪئي، پر گهڻو سنسان ماحول ۽ گهٽ ٻوسٽ هئڻ ڪري هو "رهجي ويل منظر " ناول کي پڙهڻ لڳي هئي. ناول جي پهرين جملو پڙهڻ سان هن جي مٿي ۾ روز سان ڌڪ لڳڻ لڳا، اکيون ٿڙڻ لڳيون، پير ٿڙڪڻ لڳا، بت مان ساھ نڪرڻ لڳو. هن اسٽنگ بوتل جو ڍڪ ڏڪندڙ هٿن سان کولي آهستي آهستي پيئڻ لڳي. اکين جو وڌندڙ خمار گهٽ ٿيڻ لڳو، اکين جون پنڀڙيون مور جيان رقص ڪرڻ لڳيون هيون. هُن کي هڪ بندري قدر ڪنڌ جو نوجوان جنهن کي ڪيلن شيو ٿيل ڏاڙهي هئي، تڪي رهيو هو، جنهن کي هٿ ۾ ڪتابن جي گٺڙي کنيل هئي جهڙوڪر ڪر ڪتاب گهر ئي پاڻ سان گڏ آندو هجي. جهٽ ۾ گلاب جي گل مان گل پٽيندي نڪ تائين آڻيندي ڏند ڪڍي کليو پئي پر هن جو هن ڏانهن ڌيان ڪون هو. هو ڪتاب پاسي ۾ رکي سوچڻ لڳي هئي ته "ليکڪ ناول جي پهرين سٽ ايتري گهري ڇو لکندا آهن". وري مٿي ۾ سور پوڻ لڳو، اکين ۾ سور جا سٽڪا پوڻ لڳا. هن ڪتاب ۽ سوچن کي هڪ پاسي رکي وري اسٽنگ جي بوتل مان ڍڪ ڀرڻ لڳي ۽ وڏا گھرا ساھ کنيا. هن رمضان جي مهيني کان پهريان ڊاڪٽر کان طبعيت چيڪ اپ ڪرائي هئي. ڊاڪٽر هن کي چيو هو ته غور فڪر ۽ سوچ ويچار گهٽ ڪندي وڃ، ڪجهه ننڊ جا ٽبليت هن کي کي لکي ڏنا هئا جيڪي سمهڻ مهل رات جو وٺندي هئي. ننڊ هن جي گهٽ پوري ٿيندي ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ هن کي ننڊ جا به جهوٽا اچي ڪنڌ ڀڃندا هئا پر ان جھوٽن ۽ وڏن ليڪچرز سان نڀائي ويندي هئي. چوڪيدار وڏي آواز سان ھڪل ڪري شاگرد کي موٽر سائيڪل ڊيپارٽمينٽ اندر پارڪ ڪرڻ کان روڪيو ۽ ٻاهر بيهارڻ لاءِ تنبيھ ڪئي. تڏهن اوڇتو ڇرڪ ڀري هو خيال جي پتال ۾ نڪري "رهجي ويل منظر " ڪتاب ڏانهن تڪڻ لڳي جنهن ڪتاب هر هر هن جو ڪنڌ ڀڃيو پئي. هن کي پڪ ٿي وئي ته اڄ ڪلاس بند ٿي چڪا هوندا ان ڪري هو ڪون آيو هوندو نه ته هو روز صبح ۾ سوير ايندو آهي. سفيدي جي وڻ مان پکين اڏرڻ جو ڀڙڪو ٿيو هن مٿي ڏٺو ته هن کي ڪيترائي پکي جوڙي ۾ نظر آيا. هي وري پنهنجي پيار جي تات کي ساريندي دل ۾ ڏرڻ لڳي، اکين ۾ وري ڌنڌڪار اچڻ لڳي. هو ڪتاب کي زوز سان ڇاتي سان لڳائيندي دل ئي دل ۾ روئڻ لڳي. اوڇتو موبائيل تي جو نوٽيفڪيشن آيو ۽ لکيل هو " پرين ڪلاس وارن سان گهڻو ضد ڪيو ته ڪلاسون هلن پر اهي نه مڙيا، اسان گڏجي ڪلاس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي هاڻي عيد کانپوءِ ملنداسين". هن ڀڻڪن ڀڻڪڻ ۾ ڪجهه چيو ۽ سينٽرل لائبرريءَ ڏانهن نڪري وئي..........!

جاگيردار ۽ پوليس*نياز علي سمون*اسان جي صوبي سنڌ جي اندر ڪنھن ھڪ اھڙي پوليس واري جي ڪري پوليس بدنام ٿيندي رھي آھي جيڪو ھم...
25/11/2023

جاگيردار ۽ پوليس

*نياز علي سمون*

اسان جي صوبي سنڌ جي اندر ڪنھن ھڪ اھڙي پوليس واري جي ڪري پوليس بدنام ٿيندي رھي آھي جيڪو ھميشہ جاگيردارن، وڏيرن، ڏاڍن مڙسن جون، اوطاقن تي حاضريون ڀرندو رھندو آھي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تہ اھو وڏين طاقتور ڌرين جي ساٿاري بہ بڻيل ھوندو آھي. ھڪ ڏينھن آئون دوستن سان گڏ ڳوٺ ۾ ويٺو ھئس تہ پوليس جي گاڏي ٽپي جنھن ۾ ست کان اٺ ٻڪريون اندر ويٺيون ھيون، اھا پوليس جي گاڏي ڀر واري ڳوٺ ڏانھن وئي پئي جنھن ۾ جاگيردار ويڙھو رھي ٿو. يڪدم دوستن کي پڇا ڪئي تہ ٻڪريون پوليس ڪيڏانھن پئي کڻي وڃي، ان تي دوستن چيو تہ اھا ٻڪريون فلاڻي وڏيري جي خيرات آھي ان جي ڳوٺ پئي رسائڻ وڃي. ان وقت مونکي ان پوليس آفيسر تي کل آئي جيڪو سٺي شخصيت ھوندي ھڪ جاھل وڏيري جي پيرن م ڪري پيو ھو.

مٿي پوليس آفيسر واري ڳالھ مونکي انڪري ياد آئي تہ آئون مسلسل پندرنھن ڏينھن کان ھڪ پاڪستان جو ڊرامو جيڪو پوليس نظام تي ٺاھيل آھي اھو ڏسي رھيو ھئس. ان ڊرامي جي اندر ھڪ پوليس آفيسر ھوندو آھي جيڪو غربت پار ڪري آفيسري جي نوڪري حاصل ڪندو آھي. جڏھن ھن جي مقرري ھڪ ڳوٺ جي اندر ٿيندي آھي جتي جاگيرداري راڄ ھوندي آھي، جتي جرگا ھلندا آھن، جتي ھن کان اڳ پوليس ان جاگيردار جي اوطاق تي روزانو حاضري ڀرڻ ايندي آھي ۽ ھلي ويندي آھي. جڏھن ڳوٺ م اھا ڳالھ پکڙبي آھي تہ جاگيردار جي ڳوٺ ۾ نئون پوليس آفيسر جي مقرري پئي ٿئي تڏھن اھو جاگيردار منسٽر سان رابطو ڪري پوليس آفيسر جي مقرري ٻي جگھ تي ڪرائڻ لاءِ چوندو پر ان جي چوڻ کان اڳ ۾ اھا پڪي مقرري ان ڳوٺ جي اندر ٿي ويندي آھي جتي جاگيردار پوليس کي پنهنجي حڪم تي رکيو ويٺو هوندو آهي .

غربت پار ڪري آيل آفيسر جڏھن ٿاڻي جي اندر ايندو آھي تہ ھن کي پوليس جو ٿاڻو گھٽ، مينھن جو واڙو وڌيڪ لڳندو آھي، جنھن جي اندر ھر شيءَ ائين وکيريل ھوندي آھي جئين ڪنھن پاڳل عورت جي گھر ۾ ٿانءَ ۽ ڪپڙا . جڏھن ايف آئي آر درج ڪرڻ واري رجسٽر کي کولي ڏسندو آھي تہ چئن پنجن سالن کان ايف آئي آر درج نہ ٿيل ھوندي آھي نہ ئي ڪا اين سي وغيرھ ڪٽيل ھوندي آھي تڏھن اتي جي اڳواڻي چارج سنڀالندڙ کان پڇا ڳاڇا ڪندو آھي تہ تڏھن موٽ ۾ اتي جي اڳواڻي ڪندڙ دادن خان چوندو آھي سائين ھتي مسئلا وڏيرن جي اوطاقن تي حل ٿيندا آھن ۽ جيڪڏھن اسان وٽ ڪا ايف آئي آر درج ڪرائڻ ايندا آھن تہ اسان انھن کي موٽائي ڇڏيندا آھيون ڇو تہ جاگيردار يا وڏيري جو حڪم ڪونھي.

جيڪڏھن بارڪ بيني سان کڻي ان مسئلن تي غور ڪنداسين تہ پوليس کان اسان کي جاگيردار يا وڏيرا وڌيڪ طاقت رکندي نظر ايندا آھن ڇو تہ انھن کي طاقت ڏيڻ واري اتي جي اٻوجھ عوام ھوندي آھي جنھن جي ھييشہ گلي تي تير ۽ سيني تي بندوق رکيو ويٺا ھوندا آھن ۽ جن کي ھڪ حروف بہ سندن خلاف ڳالھائڻ ڪون ڏيندا آھن. جاگيردار يا وڏيرا ھميشہ عوام ۽ پوليس کان پنھنجن حقن م واکاڻون ۽ ترانا ڳارائيندا رھندا آھن. ھن درامي ۾ ائين ٿيندو آھي جڏھن ھڪ سٺو آفيسر ايندو آھي جنھن شان ۾ سندن اوطاق تي پارٽي رکڻ لاءِ دعوت ڏني ويندي آھي پر اھو آفسير ان کي ٺڪرائي ڇڏيندو آھي. اھو پنھنجو صاف ۽ شفاف مقصد کڻي جڏھن اڳتي ھلندو آھي تڏھن ان جي پنھنجي نظام ۾ اھا دادن خان ھر شيءَ وڏيري کي ٻڌائيندو آھي. ھي آفيسر اتي جي ھڪ اسڪول ماستر سان ملندو آھي جيڪا ٽنگن کان منڊو، ھڪ ضعيف انسان ھوندو آھي جيڪو ھن کي اسڪول جي باري ۾، تعليم جي باري ۾ ۽ ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائيندو آھي. تنھن کانپوءِ ھي پوليس آفيسر ان ماستر جي ڌيءِ کي ماستري جي نوڪري وٺرائي ڏيندو آھي جيڪو غريبن جي ٻارن کي پڙھائڻ شروع ڪندي آھي. ائين تعليم جي اندر سڌرا اچڻ شروع ٿيندو آھي ائين وڏيرن يا جاگيردرن جو بنياد ڪمزوز ٿيڻ لڳندو آھي.

جئين جئين ھن پوليس آفيسر جون بي رخيون وڏيري جي سيني جي اندر تير وانگر گھاء وجھنديون رھنديون آھن تئين تيئن اھو وڏيرو ھر هربا ھلائيندو آھي ھن آفيسر کي پنھنجي قدم ۾ ڪرائڻ لاءِ پر ھي آفيسر ان وڏيرو جو پورو گھر تہ برباد ڪري ڇڏيندو آھي پر آڻ ڪون مڃندو آھي نڪي ھن جي قدم ۾ جھڪندو آھي. ھي ڊرامي آھي ان جي ڪري الاھي ڪئين، باقي اسان وٽ ڪافي زبردست پوليس آفسر بہ مقرري ٿيڻ کان وٺي بدلي ٿيڻ يا رٽائير ٿيڻ تائين وڏيرن، مشيرن، جاگيردارن، منسٽرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي حاضر ڀريندا رھندا آھن. ان جا بوٽ چٽيندا رھندا آھن، انھن جي اوطاقن تي ٻڪريون تہ ڇا، ٿي سگھي ٿو انهن جي عياشي لاءِ به ڪا خاص بندوبست ڪن.

اتي جي جاگيرداري ايتري تہ ڳوٺاڻڻ جي اندر خوف پکيڙيڙي ڇڏيندي آھي جو ڪير بہ ڪڇڻ لاءِ تيار ڪون ٿيندو آھي ايتري قدر جو ڊرامي ۾ اھا بہ ڏيکاريو ويو آھي تہ ھڪ ڇوڪري جيڪا پنھنجي پسندي جو مڙس ڪري ڀڄندي آھي ان کي اھا جاگيردار واپس ان ڪري وٺي ايندا آھن تہ ڪجھ مھيني جي اندر ان ڇوڪري جو پيءُ وڏيري سان شادي ڪرائڻ لاءِ راضي ٿيندو آھي ڇو تہ ڇوڪري جي بابي تي قرض تمام گھڻو ھوندو آھي. اھا تہ ڊرامي ۾ ڏيکاريل آھي پر جيڪڏھن اھا اسان ھن معاشري جي اندر عام جام ڏسي رھيا آھيون جٿي جاگيردارن يا وڏيرن جي ڀلي ڀلي آھي اتي اھڙي قسم جا مسئلا ڪر کنيو بيٺا آھن. جئين راڻي پور جي اندر پيرن جي حويلي ۾ ٻارنهن سالن جي فاطمه سان واقعو پيش آيو.

اھو سچو ۽ کرو انسان آفيسر ٿي ڪري پنھنجي حصي جي زبردست ڪوشش ڪندو آھي پر پورو نظام جاگيردارن سان ھوندي ان جي اندر ڀڃ ڊاھ ڪري وائکو ڪري وٺندو آھي جيڪو معاشري جي ترقي جي وچ ۾ رڪ جي ديوار وانگر ھوندا آھن. پر ھڪ ڏينھن ان پوليس آفيسر کي ٽرين مان وڏيري جو پٽ ميرل اغوا ڪري کڻي ويندو آھي پنھنجي بنگلي تي، ھي آفيسر وڃي رھيو ھوندو آھي پيشي تي ڪورٽ ۾ جيڪا وڏيرن جي گھڻن حربن ڪري ڪنھن جرم جي اندر بيگناھ ڦاسي پوندو آھي. پر ھڪ ڏينھن اھڙو بہ ايندو آھي جڏھن پوري پوليس جي نفري ھنن غربت پار ڪري آيل آفيسر کي ڇڏائڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ ايندي آھي جٿي جاگيردار ۽ ان جي ماڻھن سان آمھون سامھون ٿنيدي تقريبن پوري نفري ۽ جاگيردار جا ماڻھو مري پوندا آھن. آخري ۾ پوليس آفيسر ۽ وڏيري وارو پٽ ٻہ پاڻ ۾ وڙھجي وڙھجي ھڪ ٻي کي رائيفل سان شوٽ ڪري ختم ڪندا آھن.

ھن پوري ڊرامي کي پيش ڪرڻ جو مکيہ مقصد آھي پوليس جي سسٽم جي اندر سڌرا آڻڻ ۽ جاگيردار نظام جي طاقت کي ختم ڪرڻ. ڇو جو جيڪڏدھن ايمانداري سان ڏسنداسين تہ سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد جي اندر جاگيردار سسٽم تمام گھڻو آھي پر مونکي لڳو ھتي اسان وٽ سنڌ ۾ ٿي سگھي ٿو ٻين صوبن کان گھڻو ھجي، سنڌ جي ڀيٽ ۾ ٻين صوبن جي اندر جيڪڏھن ھوندو تہ انھن وٽ پوليس اوطاقن جي چڪر ڪون ڏيندي آھي جئين اسانجي معاشري جي اندر پوليس اوطاق تي ٻڪريون ڇڏڻ ايندي آھي، وڏيرن جون حاضريون ڀرڻ ايندي آھي، جيڪڏھن ڪا ايف آئي آر ڪٽرائڻ لاءِ ڪا غريب ويندو آھي تہ ان کان اڳ منسٽرن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ڪرپث ڪامورن کان پڇا ڪري پوءِ ڪٽندي آھي. پوءِ جھموريت ڪيڏانھن وئي جيڪڏھن انھن جي ماتحت تي ھلڻُو آھي. جڏھن کان پوليس پنھنجي نظام جي اندر مضبوط ٿي مظلومن سان گڏ بيھندي خود بخود جاگيردارن توڙي وڏيرن جي بي بنياد ديوار ٽٽي، ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويندي، معاشري جي اندر غريب توڙي مظلوم طبقي جي ماڻھن سان انصاف ٿيندو. جيڪڏھن ائين نہ ٿيو تڏھن بہ ھن جديد دور جا نوجوان ضرور آرٽيفشل انٽيلجينس، ڪمپيوٽر سائينس، ادب، سائينس ۽ جديد دور جي تقاضائن کي مدي نظر رکي ضرور روشني جو ڏيئو جلائيندا...........!!!!!!!

منهنجو لکيل ليک "عورت دشمن سماج"  اڄ سنڌي واسي ميگزين ۾. 🙏سماج م تبديلي گهر کان شروع ٿيڻ گهرجي.سمون نيازبرساتن جي ختم ٿي...
13/11/2023

منهنجو لکيل ليک "عورت دشمن سماج" اڄ سنڌي واسي ميگزين ۾. 🙏

سماج م تبديلي گهر کان شروع ٿيڻ گهرجي.

سمون نياز

برساتن جي ختم ٿيڻ کانپوء, ڳوٺاڻي زندگي منجھ وڏي تبديلي اچڻ لڳي, ٻنيون ٻارا جواني کي ڇهڻ لڳا, هر چهري تي خوشي جا تاثر اڀا ٿيڻ لڳا, هو ٻئي پيء ۽ پٽ عمومن واندڪائي جي وقت ڳالهيون ڪرڻ لاء ڀر پاسي واري دڪان يا اوطاق تي وڃڻ لڳا. ٻيا به ڳوٺاڻا معمول مطابق ڪم مان فارغ ٿي اچي سگهڙن, معززن, چڱن ڀلن توڙي ٻٽاڪن هڻندڙن جون ڳالهيون ٻڌندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سگهڙ, معزز, چڱا ڀلا ۽ ٻٽاڪ هڻندڙ ماڻهو سائنس کي ائين رد ڪندا هئا جئين اڳئين هڪ ٻي جي پويان سائنس م نظريا (thoeries) رد ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن سائنس جي ايجادن تي ائين ڪاوڙبا هئا جهڙوڪر هن لاء ڪا نقصانڪار ڪينسر جيان موذي مرض هجي. هڪ ڏينهن وڏي ميڙاڪي منجھ سائنس جي خلاف هڪ ڳوٺاڻي ايتريون ٿي ابتيون سبتيون گاريون ڏنيون, اهڙا پنهنجا نڪتا پيش ڪيا جو پيو پورو ڏينهن ويهاڻو منهن م هڻي کل. ان ساڳئي ماڻهو ڪچهري ختم ٿيڻ کانپوء سندس پٽ کي چيو ابا ڪال ته هڻ تنهنجي وڏي ڀاء تي ته سمر پمپ جي سمري خراب ٿي وئي آهي ٻي وٺي اچي نه ته پاڻ توڙي چوپايو مال اڃ مري وينداسين. اتان هن کي سائنس جون سهولتون صفا ڪون ياد آيون جيڪا هڪ جملي ۾ سندس پٽ کي ڪم طور ٻڌايو هيون. ٻيا ته ڳوٺاڻا پيا ويچارا وات ڦاڙي ٻڌندا هئا پوء اها ڪوڙ هجي يا سچ, رد ڪن يا پاس, صحيح چون يا غلط, اهي پيا واڇون ٽيڙي ڏند ڪڍي پيا کلندا هئا. ائين روز جي معمول مطابق ڪڏهن پيء اڳ م ايندو ته پٽ ان جي پويان ايندو هو يا پٽ اڳ م ايندو هو ته پيء پويان ايندو هو پر ڳالهائڻ م ٻين ڳوٺاڻن کان ٻئي پيء ۽ پٽ گو کڻي ويندا هئا ايڏيون ته فلسفي سان ڀريل ڳالهيون ڪندا هئا جو ٻين اٻوجھ ڳوٺاڻن جي واتان واااه وااااه نڪري ويندي هئي ائين هو ٻئي پيا دل ئي دل م خوش ٿيڻ لڳندا هئا. هڪ ڏينهن شام ڌاري پي ۽ پٽ ٻئي ڪچهري جو مرڪز بڻيا ويٺا هئا, ته هڪ ڳوٺاڻي ڀولائي مان ڳالھ ڇيڙي "فلاڻي جي نوجوان ڌي پرڻائڻ کانپوء اڄ ڏينهن تائين مڙس سان گڏ همبستري, پيار, ڳالھ ٻولھ, ويجهڙائي ته ٺهيو پر سٺو طريقي سان ڳالهايو به نه آهي'' هن ڏانهن هڙئي سڀني جون نظرون ڄمي ويون. هو ويچارو ڏڪڻ لڳو ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري هاڻي ٿڌي ٿڌي بيعزتي ٻڌڻ لڳو. ايتري م ٻيو صفا چريو ويٺو هو ان به اتا بم وانگر ابتي سبتي ڳالھ کي ڇڏي " آخرڪار اهو گهريلو اڻبڻت ڪيستائين نوجوان نياڻن جي زندگين کي ڳڙڪائيندي رهندي اڄ فلاڻي جي ڌي سان ٿيو آ سڀاڻي ڪنهن فلاڻي جي ڌي سان ٿيندو" ايتري م گلاب ( جيڪا ڇوڪرو جو پيء ھو) ان هڪدم ڇوڪري کي ڪاوڙ مان ڇڙٻ ڏيندي چيو ته تون اڃا اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جيڏو ناهي جڏهن معزز, سگهڙ, چڱو ڀلو ماڻهو ٿئي وڃي تڏهن اهڙيون سمجه ۽ سگهڙائپ واريون ڳالهيون ڪجان هيئنر ماٺ ڪر . گلاب وحيد ڏانهن اشارو ڪيو ته هاڻي توهان انهي ٻنن سوالن تي روشني وجھو جيڪا هن ميڙاڪي م ڪيا ويا آهن. وحيد جيڪا سندس پٽ سان گڏ ڪچهري ٻڌڻ ان ڪري ايندو هو ته هي ڪجھ ديني ڳالهيون ٻڌائي, ماڻهن جا اخلاق سنواري ۽ ٻي وڏي م وڏي وجه هئي ته هو به پنهنجن ساڳئين گهريلو هلندڙ معاملن م ايترو ته ٿڪجي ويو هو ,جو اندر ئي اندر م برف وانگر ڳرڻ لڳو هو , چمڙي م سر پوڻ لڳا هئا. توڙي جو اڃا مس هي عمر م پنجاھ سال تائين پهتو هو پر هڙٻاٽون کاڏي اندر پئجي ويون هيون, اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون ۽ هڪ دل جو دورو به پيو هو پر ان جي باوجود سوالن تي روشني وجهڻ لاء پنهنجي منهن کي کڻي سڀني ڳوٺاڻن طرف ڪيو ۽ گنڀيرتا منجهان چوڻ لڳو " منهنجا ڀائرو ! اهڙو معاملو اها هڪڙو نه آهي اهڙا ته معاملا ڪافي آهن : عورت مرد جو شادي کانپوء نه ٺهڻ, روز معمول جي مطابق زال کي جهڙي م طلاق ڏيڻ, ,عورت جو پنهنجي مڙس کي نه سهڻ, سندس جائيداد مان عورت کي تڙي ڇڏڻ, ٻچن کان پري ڌڪي ڇڏڻ, عورت سان شادي ڪري صفا ويچاري کي ڇڏي ڏيڻ, ڪنهن ڳالھ جي ڪري زور جي بنياد تي طعنا ڏيڻ, تشدد ڪرڻ جيڪا سراسري هڪ عورت سان نه بلڪه پوري سماج سان جهٺ اٿئي"

ائين اکيون مان آب هاريندي ڳالھ کي جاري رکندي چيو " پيارا ڀائرو ! اهڙن معاملن م هڪ ته اسان جي پنهنجي لاپرواهي هوندي آهي ته اسان پنهنجي اولاد جي شادي جي چونڊ اسان پاڻ ڪندا آهيون اولاد کان به ڪون پڇندا آهيون . پوء اهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري, ايتري قدر جو هم عمر ته ٺهيو اسان پنجاھ سالن جي پوڙهي کي به چوڏانهن سال جي ڇوڪري ڏئي ڇڏيندا آهيون , جيڪا جنسي معاملن, جسماني بيماري, ننڍي عمر م حامله ٿيڻ ۽ ٻيو کوڙ ساريون بيماريون جيڪيون پوڙهي جهور مان لڳڻ ڪري پنهنجي ننڊڙي خوبصورت جواني کي الوداع چئي ننڊي عمر م کوڙ سارين مشڪلاتن کي اڪيلي سر منهن ڏيڻ لڳندي آهي. مڙس جيڪا جهور پوڙهو هئڻ ڪري صرف هاڻي پنج سال ڪمائي سگهندو پوء معاشي مسئلا ان معصوم جي مٿان اچڻ لاء آتا هوندا آهن. ,مڙس جي مرڻ کانپوء بيماريون, سرديون, گرميون, اٽو لٽو ته سندس مائٽن تي ئي هوندو آهي. اسان ته انهن کان پڇڻ به گوارا نه ڪندا آهيون پوء اها ڌي هجي يا پٽ اسان انهن جي خواهشن, اميدن ۽ سپنن تي گاسليٽ تي هاري ; تڏهن باھ ڏيندا آهيون جڏهن انهن جي مرضي جي خلاف ور ( مڙس) يا وني (زال) چونڊا آهيون. انهن معاملن م اسان جون ٻيو به کوڙ ساريون ڪوتاهيون هونديون آهن اسان پنهنجي عزت, مان, مرتبي کي برقرار رکڻ لاء لڪائيندا آهيون جيڪا اڳتي هلي ڪري عجيب و غريب قسم جا نتيجا نڪري ايندا آهن. اهڙن سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻ لاء پاڻ سڀني کي گڏجي هاڻي جاڳڻو پوندو ".عورت توڙي مرد جي سنجيده معاملن تي هن کي ڳالهائيندي اڃا مس اڌ منو ڪلاڪ ٿيو هو متان وري رڙين, هل, هنگامي جو آواز اچڻ شروع ٿيو. ائين وحيد جي ننڊڙي پٽ جهٽ م اچي ڪچهري جي اندر چئو "بابا وڏي ڀيڻ شيلا کي سندس مڙس ۽ سسر ٻئي گڏجي مارن پيا جلدي هلو هلي ڇڏايو نه ته اهي ادي شيلا کي ماري ڇڏيندا. ايتر قدر اها به چيو پئي ته وحيد جو وڏو پٽ اسان جي ڌي جي زندگي خراب ڪري ڇڏي آهي نه ٿو گهر اچي ۽ نه ٿو پنهنجي زال کي سنڀالي اسان هن جي ڌي کي ڪون ڇڏينداسين". وحيد جي منهن جو پنو ڪچهري م صفا لهي ويو. مذهبي توڙي دانشمند هوندي هاڻي ڳوٺاڻن جي اڳيان ڪنڌ هيٺ ڪري پٽ سان گڏ کيس پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو. ڳوٺاڻا هن جي دانشمندي تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳا ۽ سس پس ڪندي پنهنجن ڪکاون گهرن ڏانهن وڃڻ لڳا.

~Samoon Niaz*Village*A village among the dense trees, where sun rose above the horizon, looked like villager men dwelt i...
12/11/2023

~Samoon Niaz

*Village*

A village among the dense trees, where sun rose above the horizon, looked like villager men dwelt in heaven. Smile, over their face, was dying them to look into in nature eagerly. They laughed ludicrously when they listened some funny jokes over their friend, and an old man said something over their laughing show deliberately when he passed, but his conversation often went in at one ear and out at the other. Each and every street showed that pluralism, tolerance, patience, brotherhood, meetings, justice and sincerity were the part of that village. Additionally, they laughed together, smiled together, ate together, celebrated together, helped together and showered tears over sorrows together; they sat together around the fire in the winter at night or they sat beneath the trees in summar at day, and talked about their memories or reminiscences. Their hearts and brains were not obsolete. Their eyes were looking at the clouds, at night or day, in the morning or evening, at the dawn or dusk, when the rain was far from their areas . They used to talk about the movement of the stars, the moon and the sun when the rain threw it's drops from vault above them, and their happiness reached over sky extremely. They looked, over their faces, happiness, when they helped destitute, orphan, beggars, wanderers and poor people . They fetched water far from their houses, and used it according to their needs. They trudged about 20 miles a day, when they were no any kind of transportation. They used to ride over horses, camels and donkeys, and took weights over them. They did not write and read. When they received the letters from their relatives, they went to educated person to read out, and they said him/her to write down a letter. They calculated entire daily basis calculation over their fingers; and memorized it's calculation in brain till receiving. They were illerate, uneducated and even not knowing ABC, but they were civilized, developed, caring, clean-hearted, wide-minded, well-trained and well-skilled people. Their hospitality was popular each and every corners in whole areas. There was a time when there were no any kind of facilities, such as, road, education, electricity and technology. An old and emaciated villager shouted to say in a big voice.

Picture courtesy : Mehtab Yasin

Smile, over his face, shows that Ayaz,  my nephew, is very excited internal as well external. ❤️
11/11/2023

Smile, over his face, shows that Ayaz, my nephew, is very excited internal as well external. ❤️

زندگيءَ کي دوست ئي خوبصورت ٺاھيندا آھن نه ته الاھي ڪڏھن ماڻھو ڀري ڀُرا ڀُرا ٿي وڃي.نياز سمون
07/11/2023

زندگيءَ کي دوست ئي خوبصورت ٺاھيندا آھن نه ته الاھي ڪڏھن ماڻھو ڀري ڀُرا ڀُرا ٿي وڃي.

نياز سمون

Address

Nagar Parkar

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Samoon Niaz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Samoon Niaz:

Shortcuts

Share