Miskeen Jahan Khan Khoso Govt: Campus Higher Secondary School Nagarparkar

Miskeen Jahan Khan Khoso Govt: Campus Higher Secondary School Nagarparkar Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Miskeen Jahan Khan Khoso Govt: Campus Higher Secondary School Nagarparkar, School, Nagar Parkar.

Pakistan Zindabad
15/08/2026

Pakistan Zindabad

يومِ آزادي مبارڪ 🇵🇰مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر ۾ يومِ آزادي جو ڏينهن وڏي جوش، جذبي ۽ حب ا...
14/08/2026

يومِ آزادي مبارڪ 🇵🇰

مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر ۾ يومِ آزادي جو ڏينهن وڏي جوش، جذبي ۽ حب الوطني سان ملهايو ويو.

تقريب جي شروعات مهمانِ خاص ايم پي اي محمد قاسم سومرو صاحب ۽ ٻين معزز مهمانن پاران پرچم ڪُشائي ۽ قومي جهنڊي کي سلامي سان ڪئي وئي. قومي جهنڊي کي احترام سان بلند ڪندي پاڪستان سان وفاداري، محبت، قومي يڪجهتي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

هن پروقار تقريب ۾ معزز مهمانن، جن ۾ ايم پي اي محمد قاسم سومرو صاحب، AC ارم ڪريم ناريجو صاحبه، مختيارڪار سيف الله صدر صاحب، سردار خان کوسو صاحب، ڪريم ڏنو دل صاحب، ڀيمراج صاحب (TEO سيڪنڊري-ميل)، علي نواز کوسو صاحب (TEO پرائمري-ميل)، گلاب سنگهه راجپوت صاحب (AVP/Manager، نيشنل بئنڪ ننگرپارڪر)، ممتاز احمد سمون صاحب، لالا قمبر کوسو صاحب، اسسٽنٽ مختيارڪار قلندر خان کوسو صاحب، پيتامبر شرما صاحب (SHO)، واشديو ڪي. ڊي. جيسواڻي صاحب، صحافي غازي خان کوسو صاحب، صحافي سليم کوسو صاحب ۽ ٻين معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب دوران اسڪول جي باصلاحيت شاگردن قومي گيت، تقريرون، ملي نغما، ٽيبلوز ۽ مختلف خوبصورت ثقافتي پروگرام پيش ڪري پنهنجي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو. شاگردن جي شاندار ڪارڪردگيءَ تي معزز مهمانن، استادن ۽ والدين پاران کين ڀرپور داد ۽ حوصلا افزائي سان نوازيو ويو.

ان موقعي تي اسڪول جي استادن شاگردن کي آزاديءَ جي اهميت، پاڪستان جي تاريخ، قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ نوجوان نسل جي اهم ڪردار بابت آگاهي ڏني. استادن شاگردن کي تعليم، اتحاد، نظم ۽ محنت کي پنهنجو شعار بڻائي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو.

اسڪول انتظاميا تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني معزز مهمانن، والدين، استادن، شاگردن، صحافين ۽ تقريب کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ سمورن معززين جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا. سندن شرڪت سان تقريب جي رونق، وقار ۽ اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو.

تقريب جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي سلامتي، استحڪام، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.

🇵🇰 پاڪستان زنده باد!
💚 پاڪ فوج زندہ باد
🇵🇰 14 آگسٽ مبارڪ!

27/08/2025

مسڪين جھان خان کوسو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري
اسڪول ننگرپارڪر جي XI ۽ XII
ڪلاس جي سڀني شاگردن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته انهن جا ڪلاس باقاعدگي سان هلي رهيا آهن. سڀني شاگردن کي اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته اهي باقاعدگي سان پنهنجا ڪلاس اٹینڈ ڪن۔

22/04/2025

It is informed to all the students of class XI and XII to collect their exam slips from MJKK GHSS Nagarparkar.

مسڪين جھان خان کوسو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر جي يارهین ۽ ٻارهین ڪلاس جي سڀني شاگردن کي مطلع ٿو ڪجي تہ اهي پنهنجي امتحاني سلپس
مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر مان کٹي
وٺن۔



پاران
اجمل جئپال
پرنسپال مسڪين جھان خان کوسو
گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول
ننگر پارڪر

26/03/2025

عام اطلاع
تمام نائين ۽ ڏهين جي شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته پنهنجي امتحان جي سلپ تاريخ 27-03-2025 کان مسڪين جهان خان کوسو هائر سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر مان پنهنجا ڪتاب واپس ڪري حاصل ڪري سگهو ٿا. جنهن ٻار ڪتاب واپس نه ڪيا ان کي سلپ جاري نه ڪئي ويندي.
نوٽ:- سلپ حاصل ڪرڻ جو وقت صبح 8 وڳي کان منجهند 12:30 تائين آهي.
بحڪم پرنسپال
مسڪين جهان خان کوسو گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر.

:                           مسڪين جھان خان کوسو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر جي  يارهین  ۽ٻارهین  ڪلاس جي سڀني...
18/02/2025

:
مسڪين جھان خان کوسو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر جي يارهین ۽ٻارهین ڪلاس جي سڀني شاگردن کي مطلع ٿو ڪجي تہ
يارهین ۽ٻارهین ڪلاسن جا آن لائن امتحاني فارم
ٖٖٖتاريخ 19 فيبروري 2025 کان شروع آھن۔ آن لائن امتحان فارم ڀرائڻ جي آخري تاریخ 8 مارچ 2025 آھي.
آن لائين امتحاني فارم جي فيس 200 آهي۔


پاران
اجمل جئپال
پرنسپال مسڪين جھان خان کوسو
گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول
ننگر پارڪر

The Mid Term test (2024-25) award ceremony was held at MJKK GOVERNMENT HIGHER SECONDARY SCHOOL NAGARPARKAR, for acknowle...
31/01/2025

The Mid Term test (2024-25) award ceremony was held at MJKK GOVERNMENT HIGHER SECONDARY SCHOOL NAGARPARKAR, for acknowledging students' outstanding achievements. Position holders received trophies and certificates amidst applause. The principal and teachers praised their hard work, dedication, and perseverance, encouraging them to continue striving for excellence. The event fostered a sense of pride and motivation.

Culture day was celebrated with zeal and enthusiasm at MJKK Higher secondary School Nagarparkar, in which students showc...
30/11/2024

Culture day was celebrated with zeal and enthusiasm at MJKK Higher secondary School Nagarparkar, in which students showcased vibrant cultural heritage through tableaux, songs, speeches, and traditional attire, highlighting the importance of preserving cultural diversity and promoting unity.

Honourable Director (ES&HS) Sir Mirza Arshad Baig visited  morning assembly of Miskeen Jahan Khan Khoso Government (Camp...
01/12/2023

Honourable Director (ES&HS) Sir Mirza Arshad Baig visited morning assembly of Miskeen Jahan Khan Khoso Government (Campus) Higher Secondary school Nagarparkar, today on 01-12-2023.

30/11/2023

شاگردن لاء اهم اطلاع:
سڀني مسڪين جھان خان کوسو گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ننگرپارڪر جي ڪلاس نائين جي شاگردن کي مطلع ٿو ڪجي تہ نائين ڪلاس جا آن لائن انرولمينٽ فارم ٖٖٖتاريخ 04-ڊسمبر 2023ع کان شروع آھي آن لائن انرولمينٽ فارم ڀرائڻ جي آخري تاريخ 20 ڊسمبر 2023 آھي.

نوٽ: ـ آن لائن انرولمينٽ فارم ڀرائڻ لاءِ ڦوٽو جي پويان بليو بيڪ گرائونڊ ھجڻ ضروري آھي.

پاران
پرنسپال مسڪين جھان خان کوسو
گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول
ننگر پارڪر

Address

Nagar Parkar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Miskeen Jahan Khan Khoso Govt: Campus Higher Secondary School Nagarparkar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category