16/08/2023
اڄ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سونھري فارم ۾ ڇهين ڪلاس کان ميٽرڪ ڪلاس تائين جي شاگردن ۾ ڪتاب ورهايا ويا. ڪتاب ورهائڻ دوران هيڊ ماستر ڊاڪٽر غلام محمد ڪورائي صاحب شاگردن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حاضري کي يقيني بڻائين ۽ جيڪي غير حاضر شاگرد آهن انهن کي ضرور حاضر ڪيو وڃي. ان موقعي تي سينيئر استاد خادم حسين سيال، نوجوان استاد راشد علي ملڪ، سينيئر استاد سڪندر علي جويو، استاد معروف چوهاڻ، استاد انور علي جويو، استاد منصور ٻرڙو، استاد مسعود احمد ڏاهري، استاد خادم آرائين ۽ استاد دوست محمد پرھيار پڻ موجود هئا.