07/08/2026
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول درس ڪيمپس SEMIS 416030593 جي عمارت جي مرمت ۽ نئين تعمير لاءِ اپيل
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول درس ڪيمپس جي عمارت ڪافي عرصي کان انتهائي خستا حال بڻيل آهي، جنهن سبب اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪندڙ 1,267 شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. عمارت جي خراب حالت سبب شاگرد ۽ استاد هر وقت خوف ۽ بيچيني جي ماحول ۾ تعليم ۽ تدريسي عمل جاري رکڻ تي مجبور آهن.
عمارت جي انتهائي خراب حالت کي نظر ۾ رکندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر بلڊنگس طرفان عمارت خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ اسڪول کي ٻن شفٽن ۾ هلائڻو پيو. ان هوندي به عمارت جي حالت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي.
اسڪول انتظاميا طرفان اعليٰ اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا عمارت جي خراب حالت بابت آگاهه ڪيو ويو. مختلف وقتن تي اسڪول جون تصويرون ورتيون ويون، ڪيترن ئي آفيسرن طرفان وزٽ پڻ ڪئي وئي، پر افسوس جو اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي.
واضح رهي ته گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول درس ڪيمپس 2024–25 ۾ اسٽيم پاليسي يونٽ طرفان سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو، جڏهن ته هتي ڪاميابي سان سمر ڪيمپ پڻ منعقد ڪئي وئي. اهڙين شاندار تعليمي ڪارڪردگين باوجود اسڪول جي عمارت جي خراب حالت هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.
تنهن ڪري اسان، اسڪول جا استاد، شاگرد ۽ علائقي جا رهواسي، حڪومتِ سنڌ ۽ سيد سردار شاه سميت لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي پُرزور اپيل ڪريون ٿا ته اسڪول جي عمارت جي ترت مرمت ڪرائي وڃي، ۽ جيڪڏهن عمارت مرمت جي قابل نه هجي ته ان جي نئين سر تعمير لاءِ فوري طور فنڊ جاري ڪري تعميراتي ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن هزارين شاگردن جي تعليم محفوظ رهي ۽ کين خوف کان پاڪ ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.