26/09/2026
المهراڻ هائير سيڪنڊري اسڪول مٺي مان ڏهون درجو پاس ڪندڙ محنتي ۽ باصلاحيت شاگرد، جن ميڊيڪل جي داخلا ٽيسٽ (MDCAT) ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري اسڪول ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو.
انهن شاگردن جي هيءَ شاندار ڪاميابي سندن مسلسل محنت، عزم ۽ علم سان وابستگي جو ثبوت آهي.
اسان کي پنهنجي مهراڻين شاگردن تي فخر آهي.
الله پاڪ کين مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي.