23/09/2026
محنت ڪنھن جي محتاج ناھي ھوندي
کوڙ سارا اھڙا ٻيا به مثال موجود آهن ، پر ھن ڀيل ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ نياڻي راڌا ڌي سومار ڀيل پنھجي محنت سان ھڪ عجيب مثال قائم ڪيو آهي. ٿر ھڪ اھڙو علائقو جتي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ کوڙ ساريون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ، نه صرف مالي مشڪلاتون پر سماجي ليول تي به ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي ، اتي ھن نياڻي پنھنجي محنت سان اسلام آباد جھڙي شھر جي NUST يونيورسٽي ۾ داخلا حاصل ڪري عظيم مثال قائم ڪيو آهي ، راڌا لاءِ نيڪ تمنائون ، پوري پريوار کي مبارڪون