19/03/2025
Admission are open
Tharparkar study updates
19/03/2025
Admission are open
19/03/2025
داخلائون جاري آهن
بهتر تعليم ۽ تجربيڪار استاد
پر سڪون ۽ صاف سٿرو ماحول
هفتيوار ۽ ماهوار ٽيسٽ
نصابي، غير نصابي سرگرميون
11/10/2024
ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي ڳوٺ واگھو بجير جي نوجوان بجير برادري سان تعلق رکندڙ وڪيل نبي بخش بجير فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري رجسٽرار بڻجي ويو،پنجاب ۽ سنڌ صوبي جي ٻن سيٽن مان ۽ سنڌ جي 5سئو اپلائي ڪندڙ نوجوانن مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي،آفر آرڊر ملڻ بعد رجسٽرار اسپيشل ڪورٽ بئنڪنگ اسلام آباد مقرر ٿيڻ تي سڀني ٿرواسين کي مبارڪون❤❤❤❤❤جيو خميساڻي ❤
01/09/2024
-Proud moment! Great triumph! Thari possess fertile minds, just like the Tharparkar Desert region is known for its fertile land.
Gems of Tharparkar - five sons and one daughter from Tharparkar, Sindh, have flown abroad for higher studies: Bharat Heerani and Jeewat Turkio to Belgium, Dayand Thakrani to Taiwan, Qeemat Rai D Soojani to Indonesia,
Dewan Rahwani to Belgium and Neelam to the USA.
We are especially proud of Neelam who is breaking the outdated conservative barriers and paving the way for future generations of girls from Tharparkar region to pursue their dreams through education.
Education is the key to unlocking the full potential of girls, and we believe that Neelam's achievement will inspire many more to follow in her footsteps.
Heartiest best wishes for their future endeavors.
May they all always be successful in life ahead.
Congratulations all ❤️
08/07/2024
ڏيپلو ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ قابل ۽ محنتي شاگرد ڪيلاش ميگھواڙ پنجاب صوبي جي شھر لاھور ۾ قائم پاڪستان جي بھترين يونيورسٽي لمس (LUMS) ۾ فلي فنڊيڊ اسڪالرشپ تحت چار ساله پروگرام بي ايس سي آنرس ان مئنيجمينٽ سائنس ۾ داخلا حاصل ڪري ورتي،
توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته ڪيلاش ھڪ ذھين ۽ محنتي شاگرد آھي ھن نوجوان اين جي وي اسڪول ڪراچي جي اسڪالرشپ ٽيسٽ ۾ بہ ٽاپ ڪيو ھو، يقينن ھن جي محنت ۽ لگن کي ڏسي ٿر جي ٻين شاگردن ۾ به اتساهه پيدا ٿيندو،
ڪيلاش ۽ سندس پريوار کي واڌايون پيش ڪندي سندس روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪجي ٿو.
07/07/2024
ٿرپارڪر جا نوجوان اڳتي وڌي ٿر جو نالو روش ڪن پيا..!
مٺي واسي شاگرد مھيش ڪمار ميگھواڙ لاھور جي اخوت ڪاليج يونيورسٽي ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان جو استقبال ڪندي،
توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته مٺي واسي نوجوان مھيش ولد لجپت راء ميگھواڙ فلي فنڊيڊ اسڪالرشپ تي لاھور جي اخوت ڪاليج يونيورسٽي ۾ اڪنامڪس شعبي ۾ پڙھي رھيو آھي، جنھن کي يونيورسٽي انتظاميه يونيورسٽي اندر ايندڙ ھر وڏي شخصيت جي استقبال لاءِ نامزد ڪندي رھندي آھي، جيڪا ھڪ اعزاز جھڙي ڳالھه آھي.
06/07/2024
ٿرپارڪر جا شاگرد انهن ٽيسٽن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن
Register now
06/07/2024
ٿرپارڪر جا شاگرد انهن ٽيسٽن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن
"Believe you can and you're halfway there." - Theodore Roosevelt
Emerging Scholars of Thar is excited to announce its 3rd Free Physical Mock Test, conducted in collaboration with Al-Mehran Higher Secondary School, Mithi, and Government Boys Higher Secondary School No-1, Umerkot.
This mock test is designed specifically for students aspiring to secure admission in top business universities in Pakistan, such as IBA Sukkur, IBA Karachi, LUMS Lahore, and others.
Test Subjects:
- English
- Mathematics
Important Details:
Mithi Venue:
- Date: July 10 (Wednesday)
- Reporting Time: 9:00 AM sharp!
- Location: Boys Campus, Al-Mehran Higher Secondary School, Mithi (near Mai Bhagi Chowk)
Umerkot Venue:
- Date: July 10 (Wednesday)
- Reporting Time: 9:00 AM sharp!
- Location: Government Boys Higher Secondary School No-1, Umerkot
Last Date for Registration: July 8, 2024
Don't forget to register:https://forms.gle/pAxcMHdtjnpKCeSi7
Join us on July 10th and take the first step towards achieving your dreams! Remember, believing in yourself is the first step to success!
20/05/2024
ٿر ڪول ڏئي رھيو آھي اٺن هفتن انٽرنشپ اِنهن شاگردن جي لاء جيکي B.E يا D.A.E رکندڙ هجن مڪينيڪل ، اليڪٽريڪل يا environmental engineering جي ڊگري. کاڌو ۽ رھائش مفت ڏني ويندي. وڏيڪ تفصيل هيٺ ڏنل لنڪ مَ ڏِسي سگھو ٿا.
https://www.facebook.com/share/JKwShDvw6615WzNJ/?mibextid=xfxF2i
17/05/2024
اڄ توھان دوستن کي ٿر جي مشهور علائقي "ڳوٺ ويراواھ" جي هڪ غريب نوجوان جي ڪيل محنتن ۽ حاصل ڪيل منزل بابت ٻڌائينداسين.
✓نوجوان محمد هاشم سمون! جنھن تازو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جو امتحان پاس ڪري اسلاميات مضمون ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گريڊ ۱۷ طور منتخب ٿي ويو.
اسان پنھنجي پيج Gallery سنڌ طرفان نوجوان محمد هاشم جن کي اھڙي ڪاميابيءَ تان ۽ پوري ٿر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ ضلعي ٿرپارڪر مان ھي نوجوان اڪيلو ئي ھيو جنھن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت سبجيڪٽ اسپيشلسٽ اسلاميات سترهين گريڊ جو امتحان پاس ڪرڻ ۽ آفر آرڊر وصول ڪرڻ وقت به اڪيلو ئي ھيو.
نوٽ: جيڪي ماڻھو چوندا آهن تہ ٿر ۾ صرف پٺتي پيل ۽ اڻپڙهيل ماڻهو رھندا آھن! انھن جي لاءِ محمد هاشم ھڪ سٺو جواب آھي.
✓محمد هاشم تعليم جي معاملي ۾ تمام سنجيده قسم جو شخص آھي. ھن نوجوان تي نہ صرف پڙهائي جو وزن ھيو بلڪہ پوري گھر جون ذميواريون بہ سندس ڪلهن تي هيون.
✓محمد هاشم بنيادي تعليم پنھنجي علائقي مان حاصل ڪيائين ۽ ايم اي ڊگري پروگرام بہ ڪيائين پنھنجي محنتن سان ۽ ڪڏھن بہ ڪنھن جي اڳيان هٿ نہ ڦهلايائين! ۽ پنھنجي مدد ھميشہ پاڻ ڪيائين ۽ اھو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ اڪيلي سِر بہ ماڻھو پنھنجي منزل کي حاصل ڪري سگھي ٿو.
✓محمد هاشم ٿر ۽ سموري سنڌ جي غريب نوجوانن لاءِ ھڪ محنت جو مثال آھي. اگر ھر ڪوئي ھن جيان محنت ڪندو تہ ھڪ پنھنجي منزل کي حاصل ضرور ڪري وٺندو.
✓محمد هاشم ھن وقت ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ وائيس پرنسيپل ۽ بطور ٽيچر پنهنجا تدريسي فرائض سرانجام ڏئي رهيو آھي.
دوستن کي عرض آهي تہ ھن پوسٽ شيئر ضرور ڪندا تہ جيئن غريب نوجوانن ۾ محنت ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿئي ۽ اھي غربت جھڙي ناسور مرض کي پنھنجي ناڪاميءَ جو سبب نہ بڻائن.
پوسٽ لکندڙ: اطھر حسين چنا ( Athar Hussain Channa)
04/05/2024
ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ نوجوان تيرٿ ڪمار ميگھواڙ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس ۾ سليڪٽ ٿي ويو.
سندس پريوار ۽ ٿر واسين کي واڌايون
25/04/2024
ٿر جي نوجوان نظير احمد بجير يوٽيوب تي محنت ڪندي يوٽيوب کان گولڊن پلي بٽڻ حاصل ڪري ورتو آھي.ٿر جي نوجوانن کي يوٽيوب چينل ٺاهي وڊيوز اپ لوڊ ڪري روزگار ڪرڻ گهرجي ۽ يوٽيوب تي ڪم ڪندڙ دوستن جي چينلز کي سبسڪرائب شيئر ۽ لائيڪ ڪري انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.هڪ ٻي جي مدد سان يوٽيوب تان سٺو ڪمائي سگهجي ٿو.ٿر ڊائري