13/05/2026
اسان جي اسڪول گورنمينٽ هاءِ اسڪول ھوٿيئر لاءِ انتهائي فخر ۽ خوشيءَ جو مقام آهي تہ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ھوٿيئر جا ٻه هونهار شاگرد ڪنورسنگھ ۽ من موھن سنگھ ولد پرتاب سنگھ پنهنجي قابليت ، استادن جي محنت ۽ والدين جي دعائن سان لاڙڪاڻي جي نامور اداري ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ داخلا حاصل ڪري چڪا آهن۔
هيءَ ڪاميابي صرف انهن شاگردن جي ڪاميابي ناهي، پر سڄي ٿر ۽ گورنمينٽ ھاء اسڪول ھوٿيئر جي عزت ۽ سڃاڻپ آهي۔
اسان کي يقين آهي تہ اهي ٻئي شاگرد مستقبل ۾ به پنهنجي قابليت سان اسڪول، استادن ، والدين ۽ ٿر جو نالو روشن ڪندا۔ ياد رھي تہ اسان جو ھڪ شاگرد خشونت سنگھ ولد صورت سنگھ اڳ ئي ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ زير تعليم آهي .
🌸
🌟 اسان کي پنهنجن شاگردن تي فخر آهي! 🌟
پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ...