Thar coaching canter mithi

Thar coaching canter mithi

Share

mithi

23/09/2024
16/12/2023

02/02/2023

🥀🍃💕🤍💕🌿✨️








14/05/2022

زمين جي ماپ:
هڪ ويسوو برابر= 1089 فوٽ
هڪ ايڪڙ برابر= 43560 فوٽ
فرض ڪريو زمين جي هڪ منڍي ۾ 121 فوٽ ٻئي منڍي ۾ به 121 فوٽ آهن ۽ لام جي ٻنهي طرفن کان 360 / 360 فوٽ آهن ته هاڻي منڍا ٻئي برابر آهن ۽ لام به ٻئي برابر آهن ته هڪ پاسو منڍو ۽ هڪ پاسو لام پاڻ ۾ ضرب ٿيندا
121×360= 43560 هاڻي ضرب کان پوء جيڪو جواب آيو آهي اهي آهن فوٽ هاڻي فوٽن کي 1089 سان ونڊ ڪبو
43560÷1089=40
جواب آيو 40 يعني هڪ ايڪڙ
نوٽ: جيڪڏھن منڍا ۽ لام برابر برابر نپيا اچن ته ٻئي منڍا پاڻ ۾ جوڙ ڪري ٻه سان ونڊ ڪريو ۽ لام ٻئي پاسا جوڙ ڪري ٻه سان ونڊ ڪريو پوء انهن کي پاڻ ۾ضرب ڪريو

Photos from Kumudh's post 05/04/2022
Photos from Pak Vision Updates's post 02/04/2022
25/02/2022

ائٽم ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهيا؟
How atoms are formed?
اسان سڀني کي اها خبر آهي ته مادو ائٽمن جو ٺهيل آهي پر سوال اهو آهي ته آخر اهي ائٽم ڪٿان آيا ۽ اهي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٺهيا؟
پهرئين نظر ۾ انهن ائٽمن جو ٺهڻ ايترو مشڪل نظر نٿو اچي. توهان کي مرڪز (nucleus) لاءِ فقط ڪجھ نيوٽرانن ۽ پروٽانن جي ضرورت هوندي آهي تنهنکانپوءِ توهان کي هن جي چوڌاري اليڪٽرانن کپن ته جئين اهي سڀئي برقي طور تي بي اثر بڻجي وڃن. اهو تمام سولو لڳي ٿو پر ائين سراسر نه آهي.
اليڪٽران تمام سادو حصو آهي. جڏهن توهان وٽ واڌو چارج ٿيل ائٽم جو مرڪز (Nucleus) ملي ويندو ته پوءِ اهو اليڪٽرانن کي ڇڪي ٿو ۽ اليڪٽران پاڻمرادو مرڪز جي چوڌاري دائرن (shells) ۾ اچي ويندا. پر ائٽم جي مرڪز کي ٺاهڻ ايتو سولو نه آهي. مسئلو اهو آهي ته سمورن پروٽانن تي واڌو چارج آهي ۽ اهي هڪٻئي کي ڌڪين ٿا. هاڻي جيڪڏهن توهان انهن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻيندا ته طاقتور نيوڪليائي قوت (Strong nuclear force) انهن کي ڇڪي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيندي ۽ جيڪڏهن نيوٽرانن جي مناسب مقدار کي هن ۾ جوڙ ڪيون ته پوءِ ائٽمي مرڪز ٺهي ويندو. پر پروٽانن کي تمام گھڻو ويجهو آڻڻ واسطي اسان کي تمام گھڻي گرمي پد لڳ ڀڳ ڪروڙ ڊگري ڪيلون (100000000 ڊگري ڪيلون) جي ضرورت پوندي ايترو گھڻو گرمي پد ڪائنات جي شروعات ۾ مطلب بگ بئگ جي ڪجھ ساھت کانپوءِ موجود هو.
تنهن هوندي به اُن وقت ڪائنات جي هر هنڌ مادي جي تمام گھڻي گھاٽاڻ (Density) موجود هئي. اها پلازما جي نالي سڏجندڙ ائٽم جي ننڍڙن ذرڙن جو رس هو جنهن جي ڪا بناوت نه هئي. ان رس ۾ ڪو ائٽمي مرڪز نه آهي اهو فقط مرڪز جي جُزن جو مرڪب هو. جڏهن ان پلازما جو ڦهلاءُ ٿيو ۽ اهو ٿڌو ٿيو ته پوءِ انهن مان ڪجھ ذرڙا پاڻ ۾ ملڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙي ريت پهريون ائٽمي مرڪز ٺهيو جيڪو پوءِ اليڪٽرانن کي قابو ڪري ائٽمن کي ٺاهي سگھندو هو. هن مان اسان کي هائيڊروجن، هيلئيم ۽ ڪجھ ٻين ڪيميائي عنصرن سان گڏ انهن جا همزاد (Isotopes) مليا جن جا ائٽمي عدد چئن تائين هئا.
ائٽمي مرڪزن جي ٺهڻ جي اهڙي عمل کي نيوڪليائي ڪيميائي ترڪيب (nucleosynthesis) سڏيو ويندو آهي ۽ نيوڪليائي ڪيميائي ترڪيب جو اهو عمل جيڪو بگ بئگ جي ڪجھ منٽن کانپوءِ ٿيو ان کي بگ بئگ نيوڪليائي ڪيميائي ترڪيب (big bang nucleosynthesis) سڏيو ويندو آهي.
پر بگ بئگ کانپوءِ پلازما جو ڦهلاءُ ايترو ته تيزي سان ٿيو جو هن عمل ۾ فقط هلڪا ائٽمي مرڪز ئي ٺهي سگھيا.
ڳرن ائٽمي مرڪزن جي ٺهڻ ۾ ڪروڙين سال لڳي ويا هن عرصي ۾ ڪائنات لڳاتار ڦهلجندي رهي پر هلڪا ائٽمي مرڪز ثقلي قوت جي ڇڪ جي هيٺ گڏ ٿيندا رهيا ۽ شروعاتي تارن جو جنم ٿيو.
انهن تارن ۾ ثقلي قوت جي داٻ جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گرمي پد ۾ واڌارو ٿي ويو. آخرڪار گرمي پد ايترو ته وڌي ويو جو ان جي ڇڪ جي ڪري ائٽمي مرڪز پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا ۽ نتيجي ۾ وڏا ائٽمي مرڪز ٺهڻ لڳا.
اهو نيوڪليائي ڳانڍاپو (Nuclear fusion) توانائي کي پيدا ڪري ٿو ۽ انهيءِ سبب تارا گرم ۽ چمڪن ٿا. تارن ۾ نيوڪليائي ڳانڍاپي جو عمل ائٽمي عدد 26 تائين جاري رهندو آهي تنهن کانپوءِ اهو بند ٿي ويندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ائٽمي عدد 26 وارو عنصر لوھ آهي ۽ اهو ڪيميائي عنصرن مان سڀ کان وڌيڪ جٽادار آهي.
هن جي ٻڌجڻ واري توانائي (Binding energy) سڀ کان وڌيڪ آهي تنهنڪري جيڪڏهن توهان ننڍڙن ائٽمي مرڪزن کي ڳنڍيندا ته توهان کي هن عمل سان ان وقت تائين توانائي حاصل ٿيندي رهندي جيسيتائين توهان لوھ جي عنصر تائين نٿا رسي وڃو انکانپوءِ ائٽمي مرڪزن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ توهان کي توانائي ڏيڻي پوندي. تنهنڪري تارن جي اندر ٿيندڙ نيوڪليائي ڳانڍاپي مان اسان کي لوھ جي ائٽمي عدد وارا عنصر حاصل ٿين ٿا. پر لوھ جي ائٽمي عدد کانپوءِ وارا ڳرا عنصر ڪٿان ايندا آهن؟ اهي نيوٽران کي قابو ڪرڻ واري عمل (neutron capture) مان حاصل ٿين ٿا.
ڪجھ نيوڪليائي قوتي عمل آزاد نيوٽرانن (free neutrons) کي پيدا ڪن ٿا ۽ جئين ته نيوٽرانن تي ڪا چارج نه آهي تنهنڪري اهي پروٽانن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن ائٽمي مرڪز ۾ تمام ٿوري وقت ۾ داخل ٿي وڃن ٿا. ۽ ائٽمي مرڪز جي اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ اهي پروٽان ۽ اليڪٽران ۽ اليڪٽران ضد پروٽانن ۾ فنا ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن اهي ائين ڪن ٿا ته پوءِ اهي ڳرن عنصرن کي پيدا ڪن ٿا. هن عمل ۾ پيدا ٿيندڙ مرڪزن مان اڪثر غيرجٽادار همزاد هوندا آهن پر اهي اُن وقت تائين ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيندا رهندا آهن جسيتائين جٽادار ترتيب حاصل ڪري نه وٺن.
تارن ۾نيوٽران کي قابو ڪرڻ وارو عمل اتفاقي طور تي ٿئي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ پراڻا تارا لوھ کان ڳرن ڪجھ عنصرن کي پيدا ڪن ٿا پر انت ۾ تارا نيوڪليائي ٻارڻ ختم ڪري فنا ٿي وڃن ٿا. انهن مان اڪثر تباھ ٿي ڪري ڦاٽي پون ٿا. اهي سُپرنووا ڪهڪشائن ۾ ائٽمي مرڪزن کي تقسيم ڪن ٿا يا اهي ائٽمي مرڪزن کي ڪهڪشائن کان ٻاهر اڏائي ڇڏين ٿا.
اڄ جي دور ۾ اسان جي چوڌاري جيڪي هلڪا عنصر موجود آهن انهن مان ڪجھ حقيقت ۾ انهن ڳرن عنصرن سان ڪائنات ڪرڻن (cosmic rays) جي ٽڪرائجڻ سان پيدا ٿيا آهن. تنهن هوندي به پراڻن تارن ۾ نيوٽران کي قابو ڪرڻ جو عمل سُست هوندو آهي ۽ تارا تمام گھڻي عرصي تائين قائم رهن ٿا. هن عمل ۾ اسان جي ڌرتيءِ تي موجود ڳرن عنصرن جيتري مقدار پيدا نه ٿيندي آهي. ائين ڪرڻ لاءِ تڪڙو نيوٽران کي قابو ڪرڻ وارو عمل (rapid neutron capture) گھربل هوندو آهي. هن لاءِ اسان کي تمام گھڻي داٻ واري ماحول جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ تمام گھڻا نيوٽران ڪنهن ننڍي ائٽمي مرڪز سان ٽڪرائجن. هن عمل ۾ به ڪجھ نيوٽران ائٽمي مرڪز ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ فنا ٿين ٿا ۽ هڪ پروٽان رهجي ويندو آهي جيڪو ڳرن عنصرن کي جنم ڏئي ٿو.
هڪ ڊگھي عرصي تائين فلڪياتي طبعياتدانن جو اهو خيال هو ته سُپرنووا ۾ تڪڙو نيوٽران کي قابو ڪرڻ وارو عمل ٿئي ٿو پر هن خيال کي ترڪ ڪرڻو پيو. انهن جي حسابي عملن اهو ظاهر ڪيو ته سُپرنووا نيوٽرانن جي ايتري جهجهي تعداد کي تمام تڪڙو پيدا نٿو ڪري. اهو نظريو مشاهدن سان به هڪجهڙائي نه رکندو هو. مثال طور تي جيڪڏهن ڄامڙي ڪهڪشائين (dwarf galaxies) جي نالي سان سڏجندڙ ڪجھ ننڍين ڪهڪشائن ۾ فلڪياتي طبعياتدانن طرفان مشاهدو ڪيل ڳرا عنصر سُپرنووا مان پيدا ٿيا آهن ته انهن کي ايترن سُپرنووان جي ضرورت هجي ها جيڪي انهن ننڍن ننڍين ڪهڪشائين کي الڳ الڳ ڪري ڇڏين ها ۽ انهن جو مشاهدو ڪنهن هڪ هنڌ تي ٿي نه سگھي ها.
تنهنڪري فلڪياتي طبعياتدانن جو اهو خيال آهي ته ڳرا عنصر سُپرنووا ۾ نه پر نيوٽران تارن جي ميلاپ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيا. نيوٽران تارا سُپرنووا جي باقي رهجي ويل حصن مان هڪ آهن. هن جي نالي مان اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته اهو نيوٽرانن جا ٺهيل هوندا آهن. حقيقت ۾ انهن ۾ ائٽمي مرڪز نه هوندا آهن اهي فقط تمام گھاٽي نيوڪليائي پلازما جي تمام وڏي گولي جيان هوندو آهي.
جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ ٽڪرائيندا ته پوءِ ائٽمي مرڪز ٻاهر نڪري ويندا ۽ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون جيڪي تڪڙي نيوٽران کي قابو ڪرڻ واري عمل لاءِ سازگار هونديون. هن سان اهي سمورا ڳرا عنصر پيدا ٿي سگھن ٿا جيڪي ڌرتيءِ تي موجود آهن. نيوٽرانن تارن جي ميلاپ مهل خارج ٿيندڙ روشني تي ٿيندڙ تازي ڇنڊڇاڻ مان هن مفروضي جي پٺڀرائي ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته روشني ۾ ڪجھ ڳرن عنصرن جي موجودگي جو ثبوت موجود آهي.
جيڪڏهن توهان عنصرن جي جدول (periodic table) کي ڏسندا ته توهان اهو محسوس ڪندا ته سڀ کان وڌيڪ ڳرن عنصرن مان ڪجھ غائب آهن هن جو سبب اهو آهي ته اهي غيرجٽادار آهن. انهن مان ڪجھ هزار سالن ۽ ڪجھ مائڪرو سيڪنڊن ۾ ننڍن ائٽمي مرڪزن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اهي عنصر جيڪي تارن ۾ پيدا ٿيا هئا اهي تمام گھڻو عرصو اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويا آهن. اسان فقط انهن جي خاصيتن بابت ڄاڻون ٿا ڇاڪاڻ ته انهن کي تجربيگاهن ۾ ننڍڙن ائٽمي مرڪزن کي تمام گھڻي توانائي سان هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ سان به ٺاهيو ويو آهي.
هڪ سوال اهو به آهي ته ڇا ڪجھ اهڙا جٽادار ائٽمي مرڪز آهن جيڪي اڃان دريافت نه ٿيا آهن؟ ان جو سادو جواب آهي ته اهو ٿي سگھي ٿو.
اهو نيوڪليائي فزڪس جو هڪ تمام پراڻو مفروضو آهي ته ڪجھ اهڙا ڳرا ائٽمي مرڪز آهن جن ۾ نيوٽرانن ۽ پروٽانن جي هڪ خاص تعداد هوندي آهي جيڪي ڪروڙين سالن تائين جٽادار واري حالت ۾ هوندا آهن ۽ اسان انهن کي اڃان تائين ٺاهي نه سگھيا آهيون. نيوڪليائي طبعياتدان هن کي جٽاداري جزيرو (island of stability) جي نالي سان سڏيندا آهن.
ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو

12/12/2021
Want your school to be the top-listed School/college in Mithi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address


North Colony Mithi
Mithi