ھڪ دفعو وري آگاھ ٿو ڪجي تہ
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو مان جن شاگردن سال 2025 ۾ مئٽرڪ جو ساليانو امتحان بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپورخاص طرفان پاس ڪيو آھي، انھن جا مئٽرڪ جا پڪا سرٽيفڪيٽ اچي ويا آھن۔
🎓 اھي شاگرد اسڪول ٽائيم دوران پنھنجا پڪا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگھن ٿا۔
⏰ مھرباني ڪري مقرر وقت اندر اچي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو وڃي۔
پاران:
ھيڊ ماستر
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو
GBHS Sobharo Shah New
GBHS Sobharo Shah New
u/c Bhakuo Taluka Mithi Dist Tharparkar
اھم اطلاع
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو مان مئٽرڪ پاس ڪندڙ شاگردن جي سڌ لاءِ پڌرو ٿو ڪجي ته جن شاگردن سال 2025 ۾ مئٽرڪ جو ساليانو امتحان بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ميرپورخاص طرفان پاس ڪيو آھي، انھن جا مئٽرڪ جا پڪا سرٽيفڪيٽ اچي ويا آھن۔
🎓 اھي شاگرد اسڪول ٽائيم دوران پنھنجا پڪا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگھن ٿا۔
نوٽ: شاگرد پاڻ سان گڏ مئٽرڪ جي سلپ ضرور کڻي اچن.
⏰ مھرباني ڪري مقرر وقت اندر اچي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو وڃي۔
پاران:
ھيڊ ماستر
گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو
01/04/2026
اطلاع
گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول سوڀارو شاھ نيو ۾ پڙھندڙ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي سڀني شاگردن کي آگاھ ڪيو وڃي ٿو تہ سندن امتحاني سلپون اچي چڪيون آھن۔
تنھنڪري سڀني شاگردن کي گذارش ڪجي ٿي تہ ھو سڀاڻي اسڪول جي مقرر وقت تي پنھنجا لاڳاپيل ڪتاب گڏ کڻي اچن ۽ اسڪول انتظاميه وٽ جمع ڪرائين، جيئن سندن امتحاني سلپون حاصل ڪري سگھن۔
مهرباني۔
31/03/2026
اطلاع
محکمہ اسکول ایجوکیشن، سنڌ پاران ھفتي ۾ پنج ڏينهن ڪلاس هلائڻ ۽ ٻن ڏينهن يعني ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي۔
ھن حڪم تي عمل ايندڙ حڪم نامي تائين جاري رهندو۔
31/03/2026
اطلاع
1 اپريل کان نئون تعليمي سال شروع ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري سڀني والدين ۽ خواهشمند شاگردن کي اطلاع ٿو ڏجي ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوڀارو شاهه نيو ۾ ڪلاس ڇهين کان وٺي ڪلاس نائين تائين داخلائون جاري آهن۔
خواهشمند شاگرد مقرر وقت اندر اسڪول اچي داخلا وٺن۔
اطلاع
سڀني شاگردن ۽ انهن جي والدين کي آگاهي ڏجي ٿي ته سڀاڻي، 1 اپريل کان اسڪول باقاعدي طور تي کلي رهيا آهن.
تنهن ڪري سڀني شاگردن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته وقت جي پابندي سان اسڪول ۾ حاضر ٿين.
مهرباني.
10/03/2026
Date:- 10/03/2026
ڇھين کان اٺين درجي تائين سالياني امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو، ٿرپارڪر ۾ منظم طريقي سان ٿي رهيا آهن، جتي شاگرد بهتر نموني پنهنجا سنڌي جا پيپر حل ڪري رهيا آهن.
05/03/2026
Local Annual Examination 2025-26
ڇھين کان اٺين درجي تائين سالياني امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوڀارو شاھ نيو، ٿرپارڪر ۾ منظم طريقي سان ٿي رهيا آهن، جتي شاگرد بهتر نموني پنهنجا رياضي جا پيپر حل ڪري رهيا آهن.
نائين ۽ ڏھين ڪلاس ۾ پڙھندڙ شاگردن کي گذارش ٿي ڪجي تي ھيٺ ڏنل ويڊيو کي چڱي طريقي سان ڏسي ۽ سمجھي وٺھن ت E جوابي ڪاپي تي ڪھڙي نموني پنھنجو سيٽ نمبر لکڻو آھي ۽ ڪئين سوالن جا جواب تحرير ڪرڻا آھن
03/03/2026
شاگردن ۽ والدين لاء ضروري اطلاعِ
پيارا شاگردو!
توهان کي آگاهي ڏجي ٿي ته 4 مارچ 2026ع تي ٿيندڙ لوڪل سالياني امتحان جو انگريزي جو پيپر هاڻي ان تاريخ تي نه ٿيندو.
ڇاڪاڻ تہ هولي جي موڪل سبب، اهو پيپر ملتوي ڪيو ويو آهي.
هاڻي انگريزي جو پيپر سومر 16 مارچ 2026ع تي ورتو ويندو.
.. سڀئي شاگرد نئين تاريخ نوٽ ڪن ۽ پنهنجي تياري جاري رکن.
انشاءالله ھاڻي پيپر 5 مارچ کان شروع ٿيندا
02/03/2026
اطلاعِ عام
نائين ۽ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن کي اطلاع ڏجي ٿو ته Board of Intermediate and Secondary Education Mirpurkhas طرفان سالياني امتحانن جي تاريخن جو باقاعده اعلان ڪيو ويو آهي۔
شاگردن جي وڌيڪ سڌ ۽ رهنمائي لاءِ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جو امتحاني ٽائيم ٽيبل هيٺ ڏنو وڃي ٿو۔
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Contact the school
Telephone
Website
Address
Village Sobharo Shah New
Mithi
Opening Hours
| Monday | 08:00 - 02:00 |
| Tuesday | 08:00 - 02:00 |
| Wednesday | 08:00 - 02:00 |
| Thursday | 08:00 - 02:00 |
| Friday | 08:00 - 12:00 |
| Saturday | 08:00 - 02:00 |