Diamonds group

Diamonds group It's a Diamonds group of InnovaTive LanGuaGe CenTre of MIRPUR SAKRO District: THATTA , SINDH

thIS Page waZ cR3ated bY Khalil Ahmed Samoon.....::

13/05/2020

‏مون کي تو لاءِ نفرت ڪٿي آهي؟ رڳو جيئرن جي فهرست مان تنهنجو نالو ڪٽي ڇڏيو اٿم. شيخ اياز

11/05/2020

فيلسوفن جا مختلف فڪري سلسلا يا نظام بہ هميشہ ڪونہ ڪو طبقاتي نظريو ظاهر ڪن ٿا. اُهي حقيقت ۾ ڪنهن نہ ڪنهن طبقي جي راين ۽ ويچارن جي ترتيب ۽ سلسلائي جوڙ- جڪ کان وڌيڪ، يا ڪنهن هِن يا هُن خاص طبقي جي نظرين کان وڌيڪ ڪجھ نه آهن.

فلسفو ھميشہ طبقي جو فلسفو هجي ٿو، ۽ هميشہ ائين رهيو آهي.

فلسفو هڪ عالمي نظريو هجي ٿو يعني عالم کي، بني نوع انسان کي، ۽ عالَم ۾ انسان ۽ انسان جي درجي يا اهميت کي سمجهڻ جي هڪ ڪوشش.

ان طرح جو نظريو ظاهر آهي تہ طبقاتي نظريي کان سواءِ ٻيو ڪجھ ٿي ئي نٿو سگهي، ۽ فيلسوفُ بہ هڪ طبقي جي ئي سوچيندڙ ترجمان طور ڪم ڪري ٿو. ٻيءَ طرح ٿي بہ ڪيئن ٿو سگهي؟ فلسفا ڪائنات جي ڪنهن ٻئي گرھ تان تہ درآمد ڪونہ ٿا ڪيا وڃن، اهي ڌرتيءَ تي ئي پيدا ٿين ٿا ۽ ماڻهو انهن کي پيدا ڪن ٿا- ماڻهو، جيڪي چاهين يا نہ چاهين، موجود طبقاتي لاڳاپن ۽ طبقاتي ڪشمڪشائن ۾ ڦاٿل هجن ٿا. انهيءَ ڪري فيلسوف پنهنجي بابت ڇا بہ کڻي چون، پر ڪوبہ فلسفو اهڙو ڪونهي جيڪو طبقاتي ڪشمڪشائن بنسبت طبقاتي نظريو رکندڙ نہ هجي، يا جيڪو اِن سلسلي ۾ جانبدار يا پاسدار هجڻ بدران غير جانبدار يا غير پاسدار هجي.

ڪيتري بہ اسين پڇا ڳاڇا ۽ ڳولا ڪريون، ڪيتري بہ اسين تحقيق ڪريون، اسان کي ڪوبه غير طبقاتي، غير پاسداري، بي وفا فلسفو ملي نٿو سگهي.

ضرور پڙهجو 🙏ڇو مئلن کي ٿو مارين!(يخي براءِ يخي ادب)رسول بخش پليجوhttps://www.facebook.com/2045259339080800/posts/2666713...
24/04/2020

ضرور پڙهجو 🙏

ڇو مئلن کي ٿو مارين!

(يخي براءِ يخي ادب)

رسول بخش پليجو
https://www.facebook.com/2045259339080800/posts/2666713783602016/?app=fbl

ڇو مئلن کي ٿو مارين!

(يخي براءِ يخي ادب)

اهو ادب اڻ ڄاڻائيءَ، جهالت ۽ گمراهيءَ جي هٿان اڳ ئي اڌ مُئل عوام کي اڃا بہ ٻيا نوان ڊپ ڏيئي، وھم وجهي، مت مان ڪڍي، آسن، اُميد ۽ مقصدن کان خالي ڪري، مورڳو وائڙو ۽ بتال بنائي ٿو ڇڏي. اهو کين پنهنجو پاڻ مان، پنهنجي سموري زندگيءَ مان ۽ هن سموري جهان مان بيزار ۽ مايوس بنائي، يا تہ جيئرو ئي لاش بنائي ٿو ڇڏي يا وري هڪٻئي جا ٻوٽ پٽي کائڻ لاءِ تيار درندا بنائي ڇڏي ٿو.

اهو ادب ماڻهن ۾ بي مقصد مِيڪ مِيڪ ڪري، ڪنجهڻ، ڪُرڪڻ، روئڻ، پچڪڻ جو مرض وجھيو، منجهن بي اعتمادي، بي همٿي ۽ بزدلي پکيڙي ٿو. اهو ماڻهن جو اندر کائي، سندن ذهني صحت ۽ روحاني مڙسي ختم ڪري، کين ذهني طرح پِنگِلو ۽ روحاني طرح خصي ڪريو ڇڏي.

اهو ثقافتي ڳوڙها آڻيندڙ گئس "Tear Gas" آهي، جيڪو ماڻهن جي اکين ۾ زبردستي ڳوڙها آڻي، کين روئاڙي، بيهوش ڪري، دشمن جو شڪار بڻائي ٿو.

سامراج جو هيءُ گولو غلام ادب جيڪو سندس هٿ جو باز ۽ عوام جي ثقافتي صفن ۾ سندن ففٿ ڪالم ايجنٽ آهي، تنهن ۾ گهڻو ڪري ڪو بہ سُرتال ڪونهي، نہ منجهس رس آهي ۽ نہ وندر ۽ نہ ڪنهن بہ قسم جو حقيقي فن.

هن جو ماڻهوءَ جي ڀلائي ۽ بُرائي سان ڪو بہ واسطو ڪونهي، هي ٻوليءَ، ان جي گرامر ۽ ان جي عام استعمال جي مڃيل طريقن کي رد ڪري ٿو.

جئين هن ادب جي اظهار جو طريقو سَکڻي کڳي ۽ ڍِڍپٽ آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ٻيا ادب "ادب براء ادب" ۽ "ادب براءِ زندگي" وغيره سڏجن ٿا تہ هن کي "يخي براءِ يخي" سڏجي سگهجي ٿو. بشرطيڪہ يخيءَ جو مطلب رڳو اجائي بي مقصد بَڪ بَڪ نہ پر بيهودي ۽ بُڇڙي جهَڳي، ولل ۽ واويلا ورتو وڃي.

هن وللي واويلائي ۽ جهَڳي باز ادب کي دُنيا جي ادبي بازارين ۾ "نئين ادب" يا "جديد ادب" جي ليبل هيٺ هلايو وڃي ٿو.

رسول بخش پليجو

ضرور پڙهجوhttps://www.facebook.com/2045259339080800/posts/2666081483665246/?app=fbl
23/04/2020

ضرور پڙهجو

https://www.facebook.com/2045259339080800/posts/2666081483665246/?app=fbl

‏نہ رڳو انسان جي تاريخ بلڪہ هن ڌرتيءَ جي ۽ هن ڪائنات جي تاريخ ان ڳالھ جو ثبوت آهي تہ انسان ذات مجموعي طرح بدنصيب نہ پر خوشنصيب آهي، سندس آئيندو اونداهو نہ پر روشن آهي. انسان کي پنهنجي مجموعي ۽ گڏيل مقدر بابت مايوس نہ پر بيحد آسائتو ۽ يقين سان ڀرپور هجڻ گهرجي.

‏هر ڳالھ جي باوجود، کيس پنهنجي انسان هجڻ تي فخر ڪرڻ جو حق آهي.
مڪمل تباهيءَ جي خطرن جي باوجود، هيءُ دور انسان ذات جي زوال جو نہ پر اؤسر جو دور آهي، سندس جوڀن ختم نہ ٿيو آهي اهو اڃا هاڻ اچڻ وارو آهي.

‏هر شيءَ ۽ ڳالھ ماضيءَ، حال ۽ آئيندي جو سنگم آهي.
هر شيءَ ۽ ڳالھ بي انت ڪائنات ۽ بي انت وقت جي چوواٽن تي بيٺل زمان ۽ مڪان جو هڪ اهڙو سنگ ميل ۽ حد نشان آهي، جيڪو سڀني ڏسين ۽ زمانن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو.

‏اڄوڪو دؤر ڪو اهڙو خلا ۾ لٽڪيل، چئني طرفن کان سيل مهر ٿيل دؤر ڪونهي، جنهن ۾ ٻين دؤرن جي هوا بہ اچي نہ سگهي، جيڪو قطعي نرالو، قطعي بي مثال ۽ قطعي ڌار هجي.

‏هيء دؤر هڪ اهڙو نئون دؤر آهي، جنهن ۾ نہ رڳو ماضيءَ جي سمورن دؤرن جو سلامت رهڻ جهڙو سماجي جوهر سمايل آهي، پر سندس پيٽ ۾ ايندڙ نون سماجي دؤرن جا ٻِج بہ موجود آهن ۽ موري رهيا آهن.
سڀاڻي اُهي پنهنجا سَلا ۽ گونچ ڪڍندا.

رسول بخش پليجو

21/04/2020

‏محبت پاڻ کانسواءِ ڪجھ نہ ڏيندي ۽ محبت پاڻ کان سواءِ توهان کان ڪجھ نہ وٺندي آهي.
محبت ڪنهن تي قبضو نہ ڄمائيندي آهي، نہ ئي محبت تي ڪو قبضو ڪري سگهندو آهي، ڇو تہ محبت لاءِ اهوئي ڪافي آهي تہ اها محبت آهي.

خليل جبران

21/04/2020

ڳُجهي تاريخ

دُنیا جي عوام جي باشعور نقطي نگاھ کان اڃا دُنيا جي مُفصل ۽ مسُند تاريخ ڪا نہ لکي وئي آهي. پاڻ کي دُنيا جي اڳوڻي تاريخ ۾ شايد فقط هڪڙو اهو ڪتاب ملندو، جنهن جي لکندڙ پنهنجي دور جي جابر حڪمرانن بابت، پنهنجي ذاتي ڄاڻ ۽ طبقاتي سوچ ۽ سمجھ آهر، ڪنهن بہ "يعني، مگر، چونڪہ" کانسواءِ سندن اهو ڪچو چٺو کولي کڻي سڄي دنيا کان اڳيان رکيو آهي، جنهن جو مثال روءِ زمين تي اڄ تائين مشڪل ملي.

ان تاريخ جو انگريزي ترجمو ڇپيل آهي، ان جو نالو آهي ڳُجهي تاريخ "Secret History" ، ان جو لکندڙ هڪ يوناني مورخ آهي، جنهن جو نالو آهي پروڪوپيس "Procopious".


جيڪڏهن سموري تاريخ "ڳجهي تاريخ" (Secret History) وانگر لکيل هجي ها تہ پوءِ جيڪر خلفاءِ راشدين، خليفي عمر بن عبدالعزیز ۽ ٻين اهڙن ڳاڻ ڳڻين، اڻلڀ ۽ بي مثال حاڪمن کي ڇڏي، باقي ‏دنيا جي ٻين اهڙن ڦورن ۽ ظالم حاڪم طبقن جي فردن يعني جاگيردارن، اميرن، نوابن، سلطان، راجائن، مهاراجائن، قيصرن، ڪسرائن ۽ ڏنڊي جي زور تي ٺهيل هٿرادن امير المومنين ۽ خليفن جا سياھ ڪارناما پڙهي ماڻهن جو رت ٽهڪي پوي ها.

چوندا آهن تہ "جنهن لاهور نہ ڏٺو، سو ڄڻ تہ ڄائو ئي ڪونہ"، سو ان ڳالھ وانگر جنهن پروڪوپيس جي ڳُجهي تاريخ نہ پڙهي، تنهن بہ چئبو يا عمر بنان ملاوت واري، حال سارو اصلي، تاريخي چيز جو چُشڪو نہ ورتو.

رسول بخش پليجو

20/04/2020

‏جڏهن محبت سڏي ان جي پويان وڃو، ڀلي ان جون راهون ڪٺن ۽ دشوار ڇو نہ هجن.
جڏهن هوءَ توهان کي پنهنجن پيرن ۾ ويڙهي تہ خوشي سان ويڙھجي وڃو، توڙي ان جي پيرن ۾ لڪل تلوار توھان کي زخمي ڪري وجهي ۽ جڏهن توهان سان ڳالهائي تہ تعظیم ۾ ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، توڙي هن جو آواز توهان جي خوابن کي ڊاهي وجهي.

خليل جبران ❤

20/04/2020

‏محبت اوهان جي مٿي تي تاج بہ رکندي آهي ۽ توهان کي سوليءَ تي بہ چاڙهي ڇڏيندي آهي.
هوءَ توهان جي حياتيءَ جي وڻ جي ٿُڙ کي مضبوط بہ ڪندي آهي ۽ ان جي ٽارين کي ڇانگهيندي بہ آهي.

خليل جبران

19/04/2020

‏هر دور ۾ هڪ طرف تعصب، نفرت، ظلم، ٻئي طرف محبتون، قُرب، ڪچهريون ۽ شغل هوندا آهن.
انسانن جا مسئلا ساڳئي وقت وقتي ۽ نوان بہ آهن تہ دائمي ۽ پراڻا بہ آهن.

رسول بخش پليجو

17/04/2020

‏هن ڌرتيءَ جي اڪثر بُنيادِي کان بنيادي ڳالھين بابت جيڪي ڪوڙين کان ڪوڙيون لکيتون موجود آهن، تن ۾ هڪڙي ڪوڙين کان ڪوڙي لکيت اها آهي، جنهن کي اسين "تاريخ" سڏيون ٿا.

‏تاريخ ۾ ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪري ڏيکاريو ويو آهي، ظالم کي مظلوم ۽ مظلوم کي ظالم ڪري سڏيو ويو آهي، ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي ۽ سخي ۽ ڏاتار ڪوٺيو ويو آهي.

‏تاريخ ۾ اللہ جي مخلوق لاءِ قيامت برپا ڪندڙ وحشي درندن کي سلطان، عادل ۽ اللہ جو پاڇو سڏيو ويو آهي ۽ پنهنجون جانيون، مال ۽ لڄون بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي گَسَ تان ٿِڙيل، نافرمان ۽ باغي سڏيو ويو آهي.

‏تاريخ ذري گهٽ سڄي جي سڄي يا تہ حاڪم طبقن جي ٽڪريل ڇاڙتن طرفان لکي وئي آهي يا انهن طرفان لکي وئي آهي، جيڪي حاڪم طبقي منجهان يا ان جي رحم ڪرم تي هئا ۽ ڪيڏو بہ چاهين ها، سماج ۽ تاريخ بابت پوري ڄاڻ ۽ سمجھ بہ رکن ها تہ بہ انساني سماج ۽ تاريخ جون بنيادي حقيقتون سچي نموني لکي نٿي سگهيا.

رسول بخش پليجو

17/04/2020

‏پنهنجي حالتن کي بدلائڻ بابت سوچيندو ۽ ان لاءِ جاکوڙ ۽ ويڙھ ڪندو اهو، جنهن جا پير پَٽ تي هجن ۽ دماغ جاءِ تي هجي.

‏جادو ۽ اسرار جون ڪهاڻيون ماڻهوءَ جا پير ڌرتيءَ تان کڻيو ڇڏين ۽ دماغ کي بولاٽيون کارايو ڇڏين.
هو سڄو ڏينهن پيو سوچيندو تہ "ڇا جا پڙهڻ، ڇا جا پورهيا، ڇا جا ڪشالا، ڇا جا گهر گهاٽ" !

رسول بخش پليجو

16/04/2020

خاص ادبي پُڙي
« « رسول بخش پليجو »»

جادوئي، ڪرامتي، جاسوسي، نام نهاد تاريخي وغيره ادب کي هونئن تہ سڀ پڙهن ٿا، پر اهو خاص ڪري گهٽ پڙهيل ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول هوندو آهي. ڳچ پڙهيل اديب ۽ دانشور قسم جا ماڻهو جيڪي خود پنهنجي سر عوام جي راءِ تي گهڻو اثر وجهي سگهن ٿا، تن جي ذهنن کي مائوف ڪرڻ لاءِ هڪڙي ٻي خاص زهريلي ادبي جنس تيار ڪري، ڳچ عرصي کان دنيا ۾ هلائي پئي وڃي. اها هڪ وچڙندڙ وبا وانگر ڏسندي ڏسندي دُنیا جي ملڪن کي وڪوڙي وئي آهي. خاص ڪري ٽينءَ دُنیا جي اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ ان موذي مرض هاڃا ڪري ڇڏيا آهن.

ان ادب جو زهريلو پيغام اهو آهي تہ "ماڻهو نہ ڪجھ ڪري سگهيو آهي ۽ نہ ڪري سگهندو. زندگيءَ جو مطلب، ڪوبہ مقصد، ڪابہ معني ڪانهي، ان ۾ ڪا بہ آس اميد رکڻ اجائي آهي. چوطرف صرف اوندھ هئي، اوندھ آهي ۽ اوندھ رهندي. سماجي قيامت اچي وئي آهي. اڳتي مايوسين ۽ پيڙائڻ جي دوزخ جي باھ کانسواءِ ٻيو ڪجھ ڪونهي. قسمت جي ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦٿڪڻ اجايو آهي. ڪو ڪنهن جو ڪونهي، هڪٻئي کي ڇڏيو! هڪٻئي کان پري ڀڄو! اڪيلي وجود جي ٻِر ۾ گهڙي وڃو ! ڊڄو ! ڀڄو ! لڪو ! گم ٿيو ! روئو، پِٽيو، اوڇنگارون ڏيو، ختم ٿيو ! ختم ٿيو !

Address

Mirpur Sakro
73240

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Diamonds group posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Diamonds group:

Shortcuts

Share

Category