Government Boys High School Garhi Chakar

Government Boys High School Garhi Chakar

Share

Quality education is basic need of society

15/07/2026

الحمدللہ، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر جي عمارت جو ترقياتي ڪم ۾ ڇت جي پروفنگ، ڀتين جي بارڊرن جي تياري ۽ هيٺئين فرش جي ڪم تي هڪ ئي وقت تيزي سان ڪم جاري آهي.
انشاءَ الله تمام ڪم اعليٰ معيار سان جلد مڪمل ڪيو ويندو.
CODE: 419020471
GARHI CHAKAR
MIRPUR MATHELO

26/05/2026

🌙🐐✨گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر 🌙🐐✨
جي هيڊ ماستر، استادن، شاگردن ۽ سموري عملي جي طرفان
تمام اُمت مسلمه کي دل جي گهراين سان عيدالاضحيٰ جون کوڙ ساريون مبارڪون 🌸
عيدالاضحيٰ رڳو خوشيءَ جو ڏينهن ناهي،
پر حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي عظيم قرباني، فرمانبرداري ۽ الله پاڪ سان محبت جي ياد پڻ آهي۔
هي مبارڪ ڏينهن اسان کي ايثار، ڀائيچاري، محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏئي ٿو۔
اسان جي دعا آهي الله پاڪ اوهان سڀني جي قربانين، عبادتن ۽ دعائن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي.
هر گهر ۾ خوشيون، سڪون، رزق ۽ برڪتون عطا ڪري.
۽ اسان جي پياري علائقي کي هميشه امن، ترقي، تعليم ۽ اتحاد سان روشن رکي۔
🐐🌙 عيدالاضحيٰ مبارڪ 🌙🐐
📚 گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر
سيميز ڪوڊ: 419020471
تعليم
اخلاق
ترقي

25/05/2026

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪرانتظاميه پاران سڀني مسلمانن کي حج مبارڪ۔
الله پاڪ سڀني حاجين جو حج قبول فرمائي ۽ امتِ مسلمه تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي۔

20/05/2026

گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر ۾ باوقار الوداعي تقريب
اڄ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر ۾ هڪ انتهائي يادگار ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جيڪا اسان جي معزز استاد قائم دين گبول صاحب جي سرڪاري ملازمت مان رٽائرمينٽ جي موقعي تي ترتيب ڏني وئي. هي ڏينهن اسڪول جي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ يادگار ڏينهن طور هميشه ياد رکيو ويندو، ڇو ته هڪ اهڙو استاد پنهنجي خدمتن جو سفر مڪمل ڪري رهيو هو جنهن پنهنجي زندگي جو وڏو حصو تعليم، تربيت ۽ شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ وقف ڪيو.
تقريب ۾ اسڪول جي هيڊ ماسٽر صاحب، سمورن استادن، شاگردن ۽ عملي وڏي محبت، احترام ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. اسڪول جي شاگردن پنهنجي پياري استاد لاءِ شاندار انتظام ڪيا، جن ۾ استقباليه پروگرام، گلن جا هار، دعائيه ڪلمات ۽ محبت ڀريا خطاب شامل هئا. هر شاگرد جي چهري تي خوشي سان گڏ جذبات پڻ نمايان هو، ڇاڪاڻ ته هڪ اهڙو استاد جيڪو سندن رهنمائي، شفقت ۽ علم جو ذريعو رهيو، اڄ پنهنجي عملي خدمتن کان الوداع ٿي رهيو هو.
هيڊ ماسٽر صاحب پنهنجي خطاب ۾ استاد قائم دين گبول صاحب جي علمي، اخلاقي ۽ تدريسي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته:
”هڪ سٺو استاد صرف ڪتابي علم نه ڏيندو آهي، پر نسلن جي ڪردار سازي ڪندو آهي استاد قائم دين گبول صاحب پنهنجي سڄي سروس دوران ايمانداري، وقت جي پابندي، محنت ۽ شاگردن سان شفقت جو بهترين مثال قائم ڪيو“.
استادن پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته استاد قائم دين گبول صاحب هميشه هڪ ذميوار، مهذب ۽ تعاون ڪندڙ ساٿي طور ياد رکيا ويندا. سندن اخلاق، نرم لهجو ۽ تعليم سان محبت هر ڪنهن لاءِ متاثر ڪندڙ رهي آهي. ڪيترن ئي استادن پنهنجي پراڻين يادگيرين کي شيئر ڪندي جذباتي انداز ۾ کين خراج تحسين پيش ڪيو.
تقريب دوران شاگردن دعائيه پيغام پڻ پيش ڪيا ويا. شاگردن چيو ته:
”استاد رڳو سبق پڙهائيندڙ نه هوندو آهي، پر زندگي جي راهه ڏيکاريندڙ به هوندو آهي. اسان پنهنجي پياري استاد کي هميشه عزت ۽ محبت سان ياد رکنداسين.“
استاد قائم دين گبول صاحب پنهنجي خطاب ۾ سڀني جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته:
”مون لاءِ هي محبت، عزت ۽ احترام زندگي جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي. مون پنهنجي فرض کي ايمانداري سان نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اڄ اوهان سڀني جي محبت منهنجي لاءِ وڏي خوشي جو سبب آهي.“
تقريب جي آخر ۾ اسڪول طرفان معزز استاد کي يادگاري تحفا پڻ پيش ڪيا ويا ۽ سندن صحت، خوشحالي ۽ ڊگهي عمر لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.
🌺 دعا آهي ته الله پاڪ استاد قائم دين گبول صاحب کي صحت، سڪون ۽ خوشين ڀري زندگي عطا فرمائي ۽ سندن علمي خدمتن جو اجر عظيم عطا ڪري. آمين.


Code: 419020471


Photos from Government Boys High School Garhi Chakar's post 20/05/2026

Happy Retirement
Mr. Qaim-Ud-Din Gabol Sahab🌸

Photos from Government Boys High School Garhi Chakar's post 20/05/2026

Honoring a Lifetime of Dedication 🌹
Farewell & Retirement Ceremony
In Honor of
Mr. Qaim-Ul-Din Gabol

Your sincere services, guidance, and commitment to education will always be remembered.

Organized by
Government Boys High School Garhi Chakar
SEMIS Code: 419020471

Photos from Government Boys High School Garhi Chakar's post 20/05/2026

A Moment of Respect & Honor 🌹
Staff of Government Boys High School Garhi Chakar presenting a garland to
Mr. Qaim-Ul-Din Gabol
in recognition of his dedicated services and lifelong commitment to education.

20/05/2026

Happy Retirement Day
Mr. Qaim-Ul-Din Gabol 🌹
Your dedication, wisdom, and years of sincere service will always be remembered.
Wishing you a joyful, healthy, and peaceful retired life ahead.

Photos from Government Boys High School Garhi Chakar's post 16/05/2026

Student Attendance Monitoring & Redressal System (SAMRS)
سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ منظم بڻائڻ لاءِ جديد فيس ريڪگنِيشن (Face Recognition) نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو جديد ٽيڪنالاجي وسيلي حاضري جي نظام کي بهتر ۽ قابلِ اعتماد بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔
ان سلسلي ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڳڙهي چاڪر
(GBHS Garhi Chakar)
SEMIS Code: 419020471
۾ بائيو ميٽرڪ اسسٽنٽ رنجيت ڪمار ۽ بگهوان داس پاران هڪ اهم تربيتي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪلسٽر اسڪول جي هيڊ جناب سليم نواز سميجو صاحب ۽ چونڊيل استاد جناب اسفند علي دايو صاحب، استاد جناب ذيشان مراد نائچ صاحب ۽ استاد جناب نانڪ رام صاحب شرڪت ڪئي۔
تربيتي سيشن دوران شرڪت ڪندڙن کي SAMRS فيس ريڪگنِيشن سسٽم جي استعمال، حاضري جي طريقيڪار ۽ ان جي فائدن بابت تفصيلي آگاهي فراهم ڪئي وئي۔ مذڪوره چونڊيل استاد اڳتي هلي پنهنجي Cell Schools ۾ وڃي ٻين استادن ۽ لاڳاپيل عملي کي پڻ تربيت فراهم ڪندا، جيئن سڄي تعليمي نظام ۾ جديد، شفاف ۽ مؤثر حاضري نظام کي ڪاميابي سان لاڳو ڪري سگهجي۔

GARHI CHAKAR
CODE: 419020471
SYSTEM

Want your school to be the top-listed School/college in Mirpur Mathelo?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address


Garhi Chakar
Mirpur Mathelo
24506

Opening Hours

Monday 08:00 - 01:30
Tuesday 08:00 - 01:30
Wednesday 08:00 - 01:30
Thursday 08:00 - 01:30
Friday 08:00 - 12:30
Saturday 08:00 - 01:30