05/10/2026
🌹 05 آڪٽوبر — استادن جو عالمي ڏينهن 🌹
الخدمت فائونڊيشن ضلع گھوٽڪي جي سهڪار سان اقراءَ ماڊل اسڪول ميرپور ماٿيلو ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.
تقريب ۾ پرنسپال احمد خان گڏاڻي، ايف ايس او محمد حسين دايو صاحب، اسڪول جا محترم استاد ۽ شاگردن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي استادن جي علمي، تربيتي ۽ اخلاقي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ سندن لازوال محنت، خلوص ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ ڪيل ڪوششن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو.
استاد صرف علم نٿو ڏئي، پر نسلن جي سوچ، ڪردار ۽ مستقبل کي سنواري ٿو. استاد جي محنت سان ئي معاشرو علم، اخلاق ۽ شعور جي روشنيءَ سان اڳتي وڌي ٿو.
📚 استاد قوم جو معمار آهي؛ استاد کي سلام! 🌹
الخدمت فائونڊيشن ضلع گھوٽڪي
اقراءَ ماڊل اسڪول ميرپور ماٿيلو