Jinnah Public Secondary School Near Lal CNG Mirpur Mathelo

Jinnah Public Secondary School Near Lal CNG Mirpur Mathelo

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Jinnah Public Secondary School Near Lal CNG Mirpur Mathelo, School, Mirpur Mathelo.

Photos from Jinnah Public Secondary School Near Lal CNG Mirpur Mathelo's post 19/01/2026

آل پرائیویٹ اسکولز مینیجمینٹ ایسوئسیشن میرپور ماتھیلو کرکیٹ ٹورنامنٹ 2026

16/01/2026

جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو
پيارا شاگرد ۽ والدين،
اوهان کي اطلاع ڏجي ٿي ته
سڀاڻي، 17 جنوري 2026 شبِ معراج (27 رجب المرجب) جي مناسبت سان موڪل آهي.
آچر، 18 جنوري 2026 هفتي جي موڪل سبب اسڪول بند رهندو.
اسڪول سومر، 19 جنوري 2026 کان ٻيهر کوليو ويندو.

11/01/2026

اطلاع

محترم والدين
سنڌ سرڪار جي فيصلي مطابق سڀاڻي 12 جنوري کان اسڪول جو پهچڻ جو وقت صبح جو 09:00 بجه مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته موڪل جو ٽائيم ساڳيو رهندو

سڀئي والدين مهرباني ڪري نوٽ فرمائين ۽ پنهنجي ٻارن کي مقرر وقت تي اسڪول پهچائڻ جو بندوبست ڪن

انتظاميا جناح پبلڪ سيڪنڊري ميرپور ماٿيلو

10/01/2026

An engaging and interactive classroom activity on Homophones and Homonyms was conducted in Class Six to strengthen students’ understanding through practical learning. One of our students confidently explained the topic with great clarity. A proud teaching moment that shows our school’s effort to build confident learners and support quality education. ✨

31/12/2025

اهم تعليمي اطلاع
پيارا والدين ۽ عزيز شاگردو!
تعليم ئي قومن جي تقدير بدلائيندي آهي، ۽ هر نئون ڏينهن نئين اميد سان گڏ ايندو آهي۔
سردين جون موڪلون هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن
سڀاڻي بروز خميس
01 جنوري 2026
جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو
۽ ان جا سڀئي ڪيمپس ٻيهر علم ۽ روشني سان آباد ٿيڻ وارا آهن۔
اسان سڀني والدين کان گذارش ڪريون ٿا ته
پنهنجن ٻارن کي وقت سر اسڪول موڪليو،
۽ پيارن شاگردن کي تلقين ٿا ڪريون ته
دل لڳائي، نظم و ضبط سان پنهنجي تعليم جاري رکن۔
ڇو ته
اڄ جي محنت، سڀاڻي جي ڪاميابي آهي
انتظاميه
جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول
ميرپور ماٿيلو

27/12/2025
27/12/2025

تعليم قومن جي تقدير بدلائيندي آهي،
۽ هر ٻار جي زندگيءَ کي سٺي واٽ ڏيکاريندي آهي.
تعليم انسان کي سڃاڻ، شعور ۽ اخلاق سيکاري ٿي،
۽ معاشري ۾ عزت، اعتماد ۽ ڪاميابي جو رستو هموار ڪري ٿي.
جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول ۾
اسان يقين رکون ٿا ته
معياري تعليم، تجربيڪار استاد،
۽ محفوظ، صاف سٿرو ماحول
ٻارن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن.
هتي ٻار رڳو ڪتاب نٿا پڙهن،
پر سوچڻ، سمجهڻ، نظم ۽ ذميواري سکن ٿا.
ڇاڪاڻ⁠تہ
اڄ جي سٺي تعليم، سڀاڻي جي مضبوط قوم آهي.
داخلائون جاري آھن 2026
نرسري کان ڪي جي تائين
وڌيڪ ڄاڻ ۽ داخلائن لاءِ رابطو ڪريو:

📞 0322-1390508
📞 0306-6794321
0301-5242045
جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول – ميرپور ماٿيلو

25/12/2025

يومِ قائد – 25 ڊسمبر 🇵🇰
25 ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو هڪ يادگار ڏينهن آهي، ڇو ته هن ڏينهن تي پاڪستان جي باني، قائداعظم محمد علي جناحؒ جنم ورتو. قائداعظم پنهنجي عظيم قيادت، پختي ارادي ۽ بي مثال جدوجهد سان مسلمانن کي هڪ آزاد وطن عطا ڪيو.
سندن زندگي اسان لاءِ ايمانداري، اتحاد ۽ نظم و ضبط جو روشن مثال آهي. قائداعظم جو فڪر ۽ فلسفو اڄ به اسان کي سيکاري ٿو ته تعليم، محنت ۽ اصولن تي قائم رهڻ سان ئي قومون ترقي ڪن ٿيون.اچو ته قائداعظم جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جو عزم ڪريون ۽ پاڪستان کي مضبوط، پرامن ۽ ترقي يافته ملڪ بڻايون.

جناح پبلڪ سيڪنڊري اسڪول ميرپور ماٿيلو

Want your school to be the top-listed School/college in Mirpur Mathelo?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Mirpur Mathelo
68050