Iqra Education Support Programme

Iqra Education Support Programme

Share

Lets make school a place of fun and make students whole children

We have decided to do something better in education sector and started this programme (IESP, Iqra Education Support Programme). Please help us through suggestions and through donations to make true our dream of an educated world. Everyone can donate us by sending pencils, pens, note books, drawing books, colors, sheets, charts, maps, globs, models, AV aids, uniforms (Government), school bags and t

08/01/2020
30/12/2019

پهرين جنوري 2020 کان نالو تبديل ڪجي ٿو۔ 2020 کان IQRA LEAF )Let´s Educate All Foundation( ڄاتو وڃي۔

23/12/2019

اقراء جو نئون اعلان
نائين ۽ ڏهين درجي جي شاگردن جا امتحان کان اڳ امتحان۔

20/11/2019

لطيف ڪوئز 2019ع کان ٻه ڏينهن پهرين، فيض ۽ نواز شهر ويندي مون کي فون ڪري چيو ته، ”پينا فليڪس تي ڇا لکرائڻو آهي، اهو مواد جلدي ميسيج ڪر اسين شهر پيا وڃون.“
پينا فليڪس تي باقي سڀڪجهه ته روايتي ئي لکڻو هو پر شاهه جي سِٽ بابت سوچ ۾ پئجي ويس ته اها ڪهڙي لکرائجي؟ نيٺ شاهه جو رسالو کولي پنا اٿلائڻ لڳس ته هلندي هلندي منهنجي اک وڃي ان سِٽ تي اٽڪي ته،
وڻجارا ويٺي، تو نه سَرندي شاهه رِي!
وقعي به، هر سنڌي اهو وڻجارو آهي، جنهن کي شاهه هر دور ۾ اهو چوندي ٿو ٻُڌجي ته، سندس شاهه کان سواءِ ڪانه سَرندي. ڇاڪاڻ جو شاهه ئي حقيقي رهنماءَ آهي جيڪو سنڌ جي هر بند گهٽي جو راز ڄاڻي ٿو.
اسان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته شاهه اسان جي شهه رڳ آهي، شاهه جو ڪلام هر طرح سان اسان جو رهنماء ڪلام آهي. اسان شاهه کي وساريو ته ڄڻ اسان پنهنجو پاڻ کي وساري ڇڏيو. شاهه کان دوري درحقيقت آجپي جي منزل کان دوري آهي. شاهه، سنڌ جي جياپي جنگ جو پهريون ۽ آخري هٿيار آهي.
انتهائي افسوس ۽ شرمندگي سان اها حقيقت اورڻي ٿي پوي ته اسان جي نئين نسل جي لاءِ شاهه جو ڪلام بنهه اوپرو ٿيندو ٿو وڃي. پر ڇا رڳو افسوس ئي ڪندو رهجي يا ڪجهه هٿ پير به هڻجن؟
سائين غلام فاروق بروهي صاحب جڏهن لطيف جي پيغام کي پنهنجي پوري رس ۽ چس سان نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ واري سوچ جي جونءِ اسان جي ڪنن تي سوري تڏهن نيٺ اسان لطيف ڪوئز ڪرڻ جو طئي ڪيو. لطيف ڪوئز جي حوالي سان اسان جنهن ڳالهه کي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ۾ رکيو سا هيءُ هئي ته پروگرام جي ترتيب ڪجهه اهڙي هجي جو اسان لطيف کي پنهنجي نئين نسل تائين سُهڻي ۽ دلچسپ نموني پهچائي سگهون.
انهي ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي اسان ڪوئز ۾ ٽي رائونڊ رکيا، پهريون لطيفي لغت جو رائونڊ هو جنهن ۾ لطيف جي لفظن جي رائج آسان سنڌي ۾ معنى ڏنل هئي. پهريون پروگرام هو سو اسان 650 کن لفظ معنى سميت شامل ڪيا. ٻيو رائونڊ لطيفي لوچ جو هو، جنهن ۾ لطيف سرڪار جي زندگي، سندس شاعري وغيره، تاريخ ۽ شاعري ۾ ڪم آيل قصن وغيره بابت 150 کن سوال جواب هئا. پروگرام جو ٽيون ۽ آخري رائونڊ لطيفي لات هو، جنهن ۾ شامل ٿيندڙ 18 اسڪولن کي 18 مختلف سُر ورهائي ڏنا ته جيئن اهي انهن مان درست تلفظ ۽ ادائگي سان بيت ياد ڪن.
پروگرام جي اهڙي ترتيب مان واضح هو ته پهرين ٻار لفظن جو مطلب سمجهي وٺندا ۽ پوءِ کين لطيف، سندس زندگي، تاريخ يا سندس شاعري ۾ ڄاڻايل قصن جي خبر پوندي ۽ پوءِ آخر ۾ جڏهن بيت پڙهندو ته کين نه رڳو آساني سان سمجهه ۾ ايندا پر وڻندا به ڏاڍا.
مواد کي تيار ڪري محترم ڊاڪٽر شير مهراڻي ڏي نظرثاني لاءِ موڪليوسين. جس هجي سائين شير صاحب کي جو بنا ڪنهن دير جي تڪڙي نظرثاني ڪري مواد موڪليائين. پوءِ اسان اهو مواد اسڪولن ڏي اماڻڻ شروع ڪيو.
آخري ڏينهن تائين تقريباً 18 شامل ٿيڻ جو چيو ۽ مواد وصول ڪيو.
مواد جي موڪلڻ کان پوءِ ٻيو مرحلو پروگرام جي تياري ڪرڻ هو پر هن ڀيري اتفاق اهڙا ٿيا جو آخري ڏينهن تائين ڪا هڪ به سولي گڏجاڻي نه ٿي سگهي جو پروگرام کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي ها. دوستن سان به ڪي اڻٽر يا اوچتيون مجبوريون ٿينديون ويون. سائين برڪت شر جي ميرپورخاص ۾ ٽريننگ شروع ٿي وئي. حبيب الله شر جو ننڍڙو بيمار ٿي پيو، علي نواز جو عمرڪوٽ ۾ گهر پئي ٺهيو، آصف جي حيدرآباد ۾ ڪا ٽيسٽ هئي، باقي رهيل هئا فيض ۽ نواز، سو پروگرام کان هڪ ڏينهن اڳ اسان جي پياري ڀائرن جهڙي دوست اختر شيخ جي والده جي وفات ٿي وئي ۽ انهن کي به دادو وڃڻو پئجي ويو.
هاڻي پويان وڃي رهياسين آئون ۽ آتم ۽ هڪڙي شام، جنهن ۾ شهر کان ويندي وينيو تائين جا کوڙ سارا ڪم! خير، همت نه هاري سين ۽ رات جو 9 الائي ساڍي 9 وڳي تائين هڻي وڃي هنڌ ڪيو سين. رائڌن ۽ يوسف لاشاري ان رات ڀرپور مدد ڪئي ۽ سانگي شبير به مدد لاءِ اچي پهتو. بهرحال، هيٺئين فلور کان مٿئين تائين اسان جيڪي صوفا سيٽ کنيا ۽ اسٽيج وارا لوهي دخل ڊوهيا، تن هٿن ۾ لڦون ۽ ڪلهن تي نشان ڇڏيا. پر خير، عشق هو، جنون هو ۽ شوق هو سو ڪم ڪندي ته ڪو احساس ئي نه ٿيو باقي صبح جو آئون اٿان ته ڪنڌ ئي نه وري!
پروگرام جو ڏينهن شاندار گذريو. سائين برڪت سميت، فيض ۽ نواز به اچي پهتا ته هاڻي اسان کي ڪا پرواهه نه رهي. 9 بجي جو وقت ڏنل هو پر 10 بجي تائين 10 ئي ٽيمون رجسٽر ٿيون سو اسان به سوچيو ته 10 ئي ڪافي آهن. اهڙي ريت مقابلو شروع ڪيوسين. ججز سائين غلام فاروق بروهي صاحب، هالار لغاري، عطا محمد چانهيو ۽ محترم غلام رسول چانڊيو صاحب هئا. ڏاڍي شاندار پروگرام کان پوءِ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڦلهڏيون مقابلو کٽي ورتو. (پروگرام کان ٻئي ڏينهن مون کي اهو ڏسي به ڏاڍي خوشي ٿي جو ڦلهڏيون هاءِ اسڪول جي استاد صاحبان پنهنجي شاگردن جي کٽڻ جي خوشي جو جشن به ڀرپور نموني ملهايو. منهنجي اسڪول جا ڪجهه استاد به اتي وڃي استادن ۽ شاگردن کي گل پارائي آيا) مقابلي کان پوءِ اسپيڪرس ڳالهايو، جن ۾ هالار لغاري ۽ غلام رسول چانڊيو صاحب ته محفل کي منڊي لاٿو. اسان کي خوشي ٿي جو هالار صاحب تصوف جو ۽ چانڊيي صاحب لطيف جو اصل تعارف واضح ڪيو.
پروگرام جي ڪمپئرنگ استاد ٻڍل ڪئي سا به لطيف جي بيتن سان سينگاريل رهي.
پروگرام پوڻا چار وڳي ختم ٿيو ۽ پوءِ شڪر جو نوجوان شاگرد هئا، جن همت ڪئي ۽ اسان کي گهڻي جفاڪشي کان بچائي ورتائون.
لک لک ٿورا ڪاليج وارن جا، جن اسان سان ڀرپور تعاون ڪيو. ٻي ڪنهن جاءِ جي ڀيٽ ۾ هتي اسان جو اڌو اڌ خرچ بچي پيو.
محترم غلام رسول صاحب سان بعد ۾ 12 ميل تي به رات دير تائين ڪمال ڪچهري نصيب ٿي.
خير، آخري ڳالهه هيءُ ته، هن پروگرام کان بعد ۾ اسان کي بيپناهه مڃتا ملي آهي، ۽ خاص ڪري شاگرد ساٿين جيڪا محنت سان موٽ ڏني آهي تنهن اسان جا سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا آهن. اسين سڀني استاد صاحبان جا بيحد ٿورائتا آهيون.
اسين هن پروگرام جي لاءِ مالي مدد ڪندڙ مهربانن پ پ اڳواڻ محترمه رخسانه شر صاحبه، اسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي محترم پريمچند صاحب ۽ تعليم دوست ساٿي غلام ياسين شر صاحب جا به بنهه ٿورائتا آهيون ۽ مير علي رضا ٽالپر صاحب جا به اڳواٽ ٿورائتا آهيون جن هن پروگرام ۾ شامل شاگردن کي لطيف ٽوئر ڪرائڻ جو واعدو ڪيو آهي.
پروگرام ۾ آيل سڀني ساٿين جا ٿورائتا آهيون جيڪي اڄڪلھ دعوتن جي مصروف ڏينهن آچر تي به اسان تائين اچي پهتا ۽ ان ريت نه رڳو تعليم دوست هجڻ جو ثبوت ڏنائون پر اسان سميت شاگرد ساٿين لاءِ به اتساهه جو سبب بڻيا۔ انهن ۾ محترم ڊاڪٽر محمد اسماعيل شر صاحب ۽ سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب جي ساٿي مير مهر سميت پيارو شاهد جوڻيجو، محسن لاشاري، بشير شر، الهڏنو سميجو، نادر ڪانهيو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل آهن جن جا نالا پورا لکڻ ممڪن ناهن۔ محترم سائين محمد علي لاشاري، پياري منظور ميمڻ ۽ نوجوان عطا حمد چانهيي به ڏاڍا سٺا ويچار ونڊيا۔ دل جي دادا واجد لغاري شاگردن ۾ 1500 روپين جا ڪيش پرائزز ورهايا۔ سنڌي ادبي سنگت جي پيارن ارشاد جوڻيجو، عبدالغني شر، قربان شر ۽ ٻين جون مهربانيون جو انهن پروگرام کي پنهنجو ڪندي مهمانن کي اجرڪون پارايون۔
اسان ٿورائتا آهيون۔
پريس ڪلب سنڌڙي وارن دوستن به پروگرام کي ڀرپور ڪوريج ڏئي کير ۾اڃان به وڌيڪ کنڊ ملائي ڇڏي۔
هن پروگرام ۾ هڪڙي اها ڪمي ٿي جو اسان سماج ۾ بهتر ڪارڪردگي پيش ڪندڙ فردن کي مڃتا ايوارڊ نه ڏئي سگهياسين. منهنجي خواهش هئي ته تازو ئي ASI ٿيندڙ ڪانجي مل ۽ سنڌڙي جي ناريجو ڇوڪري، جيڪا اسسٽنٽ ڪمشنر ٿي آهي تن کي مڃتا ايوارڊ ملڻ گهرجي ها، خير ايندڙ پروگرام ۾ اها ڪمي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.
هڪڙي ننڍڙي ڳالھ هيءُ به، ته لطيف جي هن پروگرام ۾ هڪ ننڍڙي شاگرد الله بخش تقرير ڪرڻ پئي چاهي پر کيس ڪن سببن جيڪري موقعو ملي نه سگهيو، اسين ان ننڍڙي سان معذرت ڪريون ٿا۔
سچ پڇو ته، هنن پروگرامن ۾ مواد تيار ڪرڻ ۽ اسڪولن تائين پهچائڻ کان ويندي، پروگرام آرگنائز ڪرڻ تائين سموريون تڪليفون ڏاڍيون وڻندڙ آهن پر اسان کي جيڪا مشڪل ٿيندي آهي سا آهي پروگرام جي لاءِ ڊونيشن گهُرڻ. ان لاءِ اسان جي استادن سميت سماج جي هر باشعور فرد کي گذارش آهي ته اسان جا ميمبر بڻجن ۽ ماهوار 100 روپيه يا ساليانا 1000 روپيه جمع ڪرائين ته جيئن اسان ڊونيشن وٺڻ کان بچي پئون. هي ڪم نيڪي جو ڪم آهي، قوم جي تعمير جو ڪم آهي. سو گذارش آهي ته وڌ کان وڌ ميمبر ٿيو ۽ ميسينجر تي رابطو ڪريو.
*تصوير ۾ لطيف ڪوئز 2019ع جي حتمي رزلٽ پيش آهي.

Photos from Iqra Education Support Programme's post 20/11/2019

ميڊيا ڪوريج

Photos from Iqra Education Support Programme's post 20/11/2019
Photos from Iqra Education Support Programme's post 20/11/2019

لطيف ڊي جا منظر

Want your school to be the top-listed School/college in Mirpur Khas?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Mirpur Khas
68300