GBPS Walli Muhammad khaskheli

GBPS Walli Muhammad khaskheli

Share

Reading Writing And Listening

Photos from GBPS Walli Muhammad khaskheli 's post 05/10/2024

گورنمينٽ پرائمري اسڪول ولي محمد خاصخيلي ڦلھڏيون

استادن جو ڏينهن

استادن جو ڏينهن هر سال 5 آڪٽوبر تي ملهائيو وڃي ٿو، جيڪو سموري دنيا ۾ استادن جي عظمت کي مڃڻ ۽ انهن جي خدمتن کي ساراهڻ لاءِ مخصوص آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته استاد هڪ قوم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. استاد پنهنجن شاگردن کي نه رڳو علم مهيا ڪن ٿا پر انهن جي شخصيت سازي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. سنڌي ثقافت ۾ به استاد کي وڏي عزت ڏني ويندي آهي ۽ انهن کي روحاني والدين جو درجو ڏنو ويندو آهي.

استادن جي خدمتن کي ياد ڪندي، اسان کي گهرجي ته انهن جي قربانين کي مڃيون ۽ تعليم جي ميدان ۾ انهن جي ڪوششن جو اعتراف ڪريون. استاد ئي اهو ماڻهو آهي جيڪو اسان کي زندگيءَ جا سبق سيکاري ٿو ۽ اسان کي اڳتي وڌڻ جو حوصلو ڏئي ٿو.

05/10/2024

سڀني استادن کي سرخ سلام ڪجي ٿو، جيڪي محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجي فرض کي عبادت سمجهي پورو ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙا ئي استاد قوم کي نئون دنگ ڏيکاريندا آهن ۽ قوم جي خالي ذهنن کي علم جي روشني سان منور ڪري ان کي فرش کان عرش تي پهچائيندا آهن. اهڙا استاد ئي قومن کي عظيم بڻائيندا آهن ۽ اهڙا استاد ئي قوم جو سرمايو هوندا آهن.
آئون منهنجي محترم استادن کي نمي سلام ڪيان ٿو ۽ انهن جا ٿورا مڃان ٿو جن مون علم ۽ شعور ڏيئي بري ۽ ڀلي جي تميز سيکاري صحيح معنئ ۾ انسان بڻايو.

Photos from GBPS Walli Muhammad khaskheli 's post 14/08/2024

گورنمينٽ پرائمري اسڪول ولي محمد خاصخيلي شھر ڦلھڏيون ۾ 14 آگسٽ جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.اسڪول جي ٻارن قومي ترانا ڳايا ۽ تقريرون ڪيون، جن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد تي روشني وڌي وئي.گورنمينٽ پرائمري اسڪول ولي محمد خاصخيلي جا استاد ۽ شاگرد ھر سال 14 آگسٽ کي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، جيڪي پاڪستان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندا آهن ۽ پنهنجن مستقبل جي نسلن کي آزادي جي اهميت ياد ڏياريندا آهن.

07/08/2024

15 آگسٽ تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ولي محمد خاصخيلي ڦلھڏيون ۽ سڀئي سرڪاري اسڪول کلي رهيا آهن. هي هڪ بهترين موقعو آهي توهان جي ٻارن جي تعليم شروع ڪرڻ جو. سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم مفت آهي ۽ اهو سڀني ٻارن جو حق آهي. تعليم توهان جي ٻارن جي روشن مستقبل جي بنياد آهي، ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهائي جا بهترين موقعا مهيا ڪيا ويندا آهن.
توهان جي ٻارن جي تعليم لاءِ هي هڪ بهترين موقعو آهي. گورنمينٽ پرائمري اسڪول ولي محمد خاصخيلي ڦلھڏيون۾ داخلا مفت آهي . پنهنجن ٻارن جو داخلا ڪرائيندا. ياد رکو، تعليم ئي آهي جيڪا توهان جي ٻارن کي هڪ ڪامياب ۽ روشن مستقبل ڏانهن وٺي وڃي ٿي.
استاد
ھ.م جلال الدين مري بلوچ
قربان علي سمون
سروپ چند مينگهواڙ
ڏيون ڪمار ڀيو

Photos from GBPS Walli Muhammad khaskheli 's post 18/05/2024

آج گورنمنٹ پرائمری اسکول ولی محمد خاصخیلی پھلاڈیون میں سالیانہ امتحان کا نتیجہ منعقد کیا گیا اور بچوں کی حوصلہ افزائی کے لیے انعام بھی دیے گئے تاکہ وہ کڑی سے کڑی محنت کریں اور ہر مشکل میں کامیابی حاصل کریں بالکل، بچوں کو ان کے ملک اور استادوں کا نام روشن کرنے کے لئے ہمیشہ حوصلہ افزائی کرنا بہت ضروری ہے۔ جب وہ محنت کرتے ہیں، تو وہ اپنے ملک اور استادوں کا معاں بڑھاتے ہیں۔ انہیں یہ سمجھانا چاہیے کہ ہر قدم جو وہ اُٹھاتے ہیں، اُس کا اثر اُن کے مستقبل پر ہوتا ہے، اور اُن کا ملک اُن پر فخر کرتا ہے۔

12/05/2024

اچو تـ پنهنجي ماء کي ھن نظم سان خراج تحسين پيش ڪيون
جن بـ ڀاـٔرن جون ماـٔرون سلامت آهن اھي پنهنجي ماء جي وڏي ڄمار لاء دعا گھري پوسٽ تي شامل ٿين
۽ جن جون ماـٔرون ھي دنيا ڇڏي ويون آهن اھي پنهنجي ماء جي مغفرت لاء ھن پوسٽ تي شامل ٿين

منهنجي امڙ....
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ.....

ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي! منهنجي امڙ.....

پنڌ ڪندي جي ڌِڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم!
منهنجي امڙ.....

ٿيس جڏهن ٿي آئون بيمار،
دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار!
منهنجي امڙ.....

صبح سانجهيءَ سار لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين!
منهنجي امڙ.....

تو ڪئي مون سان آ ڀلائي،
تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي!
منهنجي امڙ.....

وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس،
سک سوين آئون توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس،
منهنجي امڙ...
Dewan kumar Bhayo

03/02/2024

One child one teacher
One book and one pen
Can chang the world
ھڪ ٻار ھڪ استاد ھڪ ڪتاب ۽ھڪ قلم ئي دنيا تبديل ڪري سگھن ٿا

Photos from GBPS Walli Muhammad khaskheli 's post 15/11/2023

اسان جي اھائي ڪوشش رھندي اسان پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪريون ۽اسان جيڪي به استاد ڀائر آ ھيون اسان سڀني جو مقصد ھڪ آ ھي سو اسان سڀ کان پهرين پنهنجي فرض سان وفادار رھون ۽ جناب محترم اسان جو محنتي ۽ پنهنجي فرض سان وفادار T.E.O آ فيسر سائين امير بخش پنھور صاحب جو ساٿ ڏيون تہ ھي سسٽم جلدي ئي اسان صحيح ڪري تعليم ۾ سٺي ۽سھڻي نموني بھتري آ ڻي سگھون ٿا ۽ اھو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اسان سڀ ھڪ ٿيون ۽ پنهنجي فرض کي ايمانداري سان سر انجام ڏيون

Want your school to be the top-listed School/college in Mirpur Khas?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Phullahdyoon
Mirpur Khas