25/08/2025
ٽنڊوآدم جي سماجي شخصيت استاد امتياز علي خاصخيلي جنرل سيڪريٽري مقرر
پاڪستان انسان دوست ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ۽ سماجي شخصيت استاد امتياز علي خاصخيلي کي انڊس ايجوڪيشنل سروسز پاڪستان پاران ٽنڊوآدم جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي۔
اداري جي سي اي او ادي ڪنول بجورو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي امتياز علي خاصخيلي کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو۔
انڊس ايجوڪيشنل سروسز پاڪستان ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ، نوجوانن جي صلاحيتن جي واڌ ۽ شاگردن لاءِ بهتر مستقبل جوڙڻ ۾ سرگرم عمل آهي۔ اداري تحت مختلف شهرن ۾ تنظيمي ڍانچا قائم ڪيا پيا وڃن، جيئن مقامي سطح تي تعليم دوست سرگرمين کي فروغ ملي سگهي۔
مقرريءَ کانپوءِ پنهنجا تاثرات بيان ڪندي امتياز علي خاصخيلي چيو:
"هي منهنجي لاءِ وڏي عزت ۽ ذميواري آهي جو اداري مون کي ٽنڊوآدم جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ چونڊيو۔ مان انڊس ايجوڪيشنل سروسز جو شڪرگذار آهيان ۽ تعليم جي فروغ، شاگردن جي رهنمائي ۽ نوجوانن جي بهتر مستقبل لاءِ مڪمل ڪوشش ڪندس۔"
هن وڌيڪ چيو ته علم دوست شخصيتن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن جي سهڪار سان ٽنڊوآدم کي تعليمي ميدان ۾ نمايان مقام ڏياريو ويندو۔ "اسان جو مقصد اهو آهي ته ٽنڊوآدم جو هر ٻار معياري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري، پنهنجي خوابن کي حقيقت بڻائي ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري۔"