14/04/2021
سج جي ڪهاڻي
ڊاڪٽر يوسف سومرو
سج اسان جي ڌرتيءِ جي سڀ کان ويجهڙائي وارو تارو آهي. سمورن جاندارن جو وجود سج تي دارومدار رکي ٿو. جيڪڏهن سج هڪ ساهت لاءِ به غائب ٿي وڃي ته زندگي ناممڪن بڻجي وڃي. اُهو ڌرتيءِ کي گرمي ۽ توانائي مهيا ڪري ٿو. سج اسان جي شمسي نظام جو مرڪز پڻ آهي. ڌرتيءِ سميت سمورا گرھ اُن جي چُوڌاري هڪ مدار ۾ حرڪت ڪن ٿا. سج ڌرتيءِ کي نظر ايندڙ روشني، الٽراويوليٽ (ultraviolet) ۽ ڳاڙهي رنگ کان گھٽ (infrared) واري روشني ڏئي ٿو. اُهو ريڊيائي لهرن ۽ ايڪس ريز کي پڻ خارج ڪري ٿو. هن قسم جي شعاعين جا مڪمل اثر ڌرتيءِ تي تمام خطرناڪ ٿي سگھن ها پر خوشقسمتي سان اسان جي ڌرتيءِ جي چوڌاري موجود هڪ قسم جو غلاف انهن خطرناڪ شُعاعين جي اثرن کي گهٽائي ڇڏي ٿو.
قديم زماني جا ماڻهو ۽ سج
قديم زماني جا ماڻهو سج ڏانهن هڪ خاص اُنسيت رکندا هئا. اُنهن جي خيال موجب سج هڪ خدا هو جيڪو اُنهن جي مدد ڪري سگھي ٿو يا اُنهن کي تڪليف پهچائي سگھي ٿو. ساڳئي طرح سان ماڻهو اُن لائق ٿيا جو سن ڊائيل (sundial)نالي هڪ ايجاد جي مدد سان وقت ٻڌائي سگھندا هئا. ماڻهو سج کي استعمال ڪري سفر مهل طرف معلوم ڪري سگھندا هئا. سج ڌرتيءِ کان سراسري طور تي لڳ ڀڳ 150،000،000 ڪلوميٽر (15 ڪروڙ ڪلوميٽر) ڏور آهي.
سج جو قطر
سج جو قطر1،400،000 ڪلوميٽر يا 865،000 ميل آهي جيڪو ڌرتيءِ جي قطر کان لڳ ڀڳ 109 ڀيرا وڌيڪ آهي.
سج جو مايو
سج اسان جي شمسي نظام ۾ موجود سموري مادي جو لڳ ڀڳ 99 سيڪڙو مايو رکي ٿو. سج جو مادو ثقلي قوت جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل آهي ۽ انهيءِ ثقلي قوت جي ڪري سمورا گرھ سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ تي مجبور آهن ڇاڪاڻ ته سج جو مادو تمام گھڻو آهي تنهن ڪري گرهن جي ڀيٽ ۾ اُن جي ثقلي قوت جي شدت (ثقلي قوتي ميدان ميدان)Gravitational field) ( تمام گھڻو آهي. ڪنهن ماڻهو جو سج جي سطح تي وزن ڌرتيءِ جي ڀيٽ ۾ 28 ڀيرا وڌيڪ هوندو.
سج جي جسامت
سج جي جسامت ڌرتيءِ جي جسامت کان لڳ ڀڳ تيرنهن لک ڀيرا وڌيڪ آهي اُن جو مطلب ته 13 لک ڌرتيءِ جهڙا گرھ سج ۾ اچي سگھن ٿا پر سج جو مادو ڌرتيءِ کان فقط 333،000 ڀيرا وڌيڪ آهي.
سج جي گھاٽائي
سج جي ساسري گھاٽائي ڌرتيءِ جي سراسري گھاٽائي جو چوٿون حصو آهي پر سج جي گھاٽائي مختلف حصن ۾ مختلف هوندي آهي.
سج جي حرڪت
سج جي حرڪت ٻن قسمن جي آهي.
• اهو پنهنجي محور تي هڪ چڪر هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري ٿو.
• اهو ڪهڪشان جي مرڪز جي چوڌاري هڪ چڪر ساڍن 22 ڪروڙ سالن ۾ مڪمل ڪري ٿو.
سج جي جوڙجڪ
سج جي جوڙجڪ 75 سيڪڙو هائيڊروجن، 25 سيڪڙو هيلئيم ۽ تمام ٿوري مقدار ۾ موجود 70 قدرتي عنصرن تي آڌاريل آهي.
سج جي توانائي جو ذريعو
سج هڪ وڏي مقدار ۾ گرمي ۽ روشني کي پيدا ڪري ٿو. هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ بجلي گھرن طرفان ڪوئلي کي ٻاري ڪري پيدا ڪيل توانائي جي مقدار جي برابر توانائي کي سج فقط هڪ سيڪنڊ ۾ پولار ۾ موڪلي ٿو. اها ايتري توانائي نيوڪليائي ڳنڍاپي (Nuclear Fusion) جي نالي سان سڏجندڙ عمل جي ذريعي پيدا ٿيندي آهي.
سج ۾ هائيڊروجن جا ائٽم پاڻ ۾ ملي ڪري هيلئيم جي ڳرن ائٽمن کي ٺاهين ٿا. ڪيميائي عملن جي هڪ سلسلي جي ذريعي هائيڊروجن جا ٻه ائٽم پاڻ ۾ ملي ڪري هيلئيم جي هڪ ائٽم کي ٺاهين ٿا. هن عمل جي ذريعي هڪ تمام گھڻي مقدار توانائي روشني جي شڪل ۾ خارج ٿيندي آهي. سج جي ٺهڻ جي شروعات ۾ اهو مڪمل طور تي هائيڊروجن جو ٺهيل هو. هاڻوڪي وقت ۾ 100 هائيڊروجن ائٽمن جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 8 ائٽم هيلئيم جا آهن.
سج جا مختلف علائقا
سج جا اهم ڇھ علائقا آهن
1. مرڪز(Core)
2. ريڊيٽيوزون (Radiative zone)
3. ڪنويڪشن زون (Convection zone)
4. ڦوٽواسفيئر(Photosphere)
5. ڪرومواسفئيرس (Chromospheres)
6. ڪرونا (Corona)
مرڪز
اهو سج جو سڀ کان گرم حصو آهي. هن جو گرمي پد لڳ ڀڳ 19459،00 ڊگري سينٽي گريڊ (يا 35000،000 ڊگري فارنهائيٽ) آهي. اُهي سمورا نيوڪليائي عمل جنهن جي ڪري سج جي توانائي پيدا ٿئي ٿي اُهي مرڪز ۾ ٿين ٿا.
ريديٽوزون
اُهو سج جو وچيون حصوآهي. هن جو گرمي پد 31 لک کان 65 لک ڊگري سينٽي گريڊ تائين هوندو آهي. سج جي مرڪز مان نڪتل توانائي شُعاعين جي شڪل ۾ هن حصي مان گُذري ڪري سج جي سطح تائين پُهچي ٿي.
ڪنويڪشن زون
اُهو علائقو مرڪز کان لڳ ڀڳ 2/3واري مفاصلي تي آهي. اُهو سج جي سطح کان لڳ ڀڳ 220 ڪلوميٽر (يا 137 ميل) جي مفاصلي تي ختم ٿي ويندو آهي. هن علائقي جو گرمي پد لڳ ڀڳ 1،100،000 ڊگري سينٽي گريڊ (يا 2،800،000 ڊگري فارنهائيٽ) آهي. سج جي مرڪز ۾ پيدا ٿيل توانائي هن علائقي مان گُذرڻ مهل هڪ هنگاما خيزي واري صورتحال اختيار ڪري ٿي ۽ اها حالت توانائي کي سج جي سطح تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي.
فوٽواسفئير
اهو سج جي سطح جو نالو آهي جيڪو چمڪندڙ نظر ايندڙ حصو آهي. هن علائقي جو گرمي پد 5500 ڊگري سينٽي گريڊ (يا 10،000 ڊگري فارنهائيٽ) جيڪو سج جي مرڪزي حصي کان تمام گھڻو ٿڌو آهي. اُهو علائقو لڳ ڀڳ 550 ڪلوميٽر (340 ميل) ٿُلهوآهي. سج انھيءِ علائقي مان گرمي ۽ روشني خارج ڪندو آهي.
ڪرومواسفئير
اهو علائقوتمام گھٽ گھاٽائي وارين گئسن تي آڌاريل آهي. هن ۾ گرمي پد تمام گھڻو هوندو آهي. ڪرومواسفئير هڪ يونائي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”رنگ“. اهو ڳاڙهي رنگ جي روشني پيدا ڪري ٿو. اُن کي فقط خاص اُوزارن سان ڏسي سگھجي ٿو. اها سج جي مٿاڇري جي مرڪزي تھ آهي. اُن جو گرمي پد لڳ ڀڳ 27800 ڊگري سينٽي گريڊ (50،000 ڊگري فارنهائيٽ) هوندو آهي.
ڪرونا
اُهو سج جي ماحول جو ٻاهريون علائقو آهي. اُن جي گھاٽائي سڀني کان گھٽ آهي. اُهو سج کان پولار جي طرف لکين ڪلوميٽرن تائين ڦهليل آهي. اُن جا ائٽم تمام تيزي سان حرڪت جي ڪري سج جي چوڌاري روشني جي هڪ چمڪ پيدا ڪن ٿا. اُنهن ائٽمن مان ڪجھ ڳرن عنصرن جهڙوڪ لوھ يا نڪل جا ائٽم هوندا آهن. هن علائقي جو گرمي پد 1670،000 ڊگري سينٽي گريڊ (3،000،000 ڊگري سينٽي گريڊ) هوندو آهي. ڪرونا کان مفاصلو وڌڻ سان گرمي پد گھٽجي ويندو آهي. فلڪياتدانن کي اهو سوال هميشه منجهائي رکيو آهي ته ڪرومواسئير ۽ ڪرونا ۾ فوٽواسفئير کان وڌيڪ گرمي پد ڇو هوندو آهي. ڪن سائنسدانن جو خيال آهي ته ريڊيٽيٽو زون ۾ پيدا ٿيندڙ هنگاما خيزي هن قسم جي حالت کي پيدا ڪري ٿي.
سج جي سرگرمي
سج جي سطح ۽ ان جي ماحول ۾ مختلف قسمن جا شاندار ڏيک ٿين ٿا اُهي هيٺان آهن
• پرامي نينس(Prominences)
• اسپيڪيولس جواخراج (Spicules erupt)
• سج جا داغ (Sunspots)
• شمسي چڻڳون (Solar flares)
• شمسي هوا (Solar wind)
انهن سمورين سرگرمين جو ڪارڻ ڪنهن حد تائين سج جي چقمقي ميدان ۾ ايندڙ تبديليون آهن. سج جي قطبن (Poles) تي عام طور تي چقمقي ميدان ساڳيو رهندو آهي جڏهن ته خطِ استوا (Equator) تي گئسن جي حرڪتن جي ڪري چقمقي ميدان لڳاتار تبديل ٿيندو رهندو آهي.
پرامي نينس
اُهو گئس جو هڪ تمام وڏو اخراج آهي جيڪو سج جي سطح کان 1000،000 ڪلوميٽرن (يا 622،000 ميلن) تائين بلند هوندو آهي. گھٽ درجي جي ڊرامائي پرامي نينس جنهن کي ”بي اثي پرامي نينس“ (Quiescent prominences) سڏيو وڃي ٿو اهو ڪجھ هفتن تائين برقرار رهندو آهي. اسان پرامي نينس کي مڪمل سج گرهڻ مهل ڏسي سگھون ٿا.
اسپيڪيولس جو اخراج
اُهو ڪرومو اسفئير کان ڪرونا تائين ڦهليل گئس جو خارج ٿيڻ آهي.
سج جا داغ
اُهي سج جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪارا علائقا آهن. اُهي هر11 سالن جي وقفي کانپوءِ ظاهر ٿين ٿا.
شمسي شعلا
اُهي سج جي داغن مان نڪرندڙ گئسن جو تمام گھڻا اخراج آهي جنهن جي نتيجي ۾ چارج ٿيل ذرڙن جو هڪ طوفان ٿيندو آهي جيڪو لڳ ڀڳ هڪ ڏينهن جي وقت ۾ ڌرتيءِ تي پهچندو آهي.
شمسي هوا
ڪرونا ۾ موجود گئسن جي سُڪڙڻ ۽ ڦهلڻ جي نتيجي ۾ اها پيدا ٿيندي آهي. اُها ڌرتيءِ تي ريڊيو جي مواصلات کي تمام گھڻو مُتاثر ڪندي آهي گڏوگڏ اُن جي ڪري ڌرتءِ تي شاندار قسم جو نظارو ارورا (aurora) پيدا ٿيندو آهي.
سج جو مستقبل
ايندڙ وقت سج وڌيڪ روشن ٿي ويندو ۽ اُن جو نيوڪليائي ٻارڻ تمام تيزي سان ٻرڻ شروع ٿي ويندو. هن وقت سج هڪ سيڪنڊ ۾ لڳ ڀڳ 60 ڪروڙ ٽن هائيڊروجن استعمال ڪري رهيو آهي ۽ انهيءِ سبب اُهو هميشه جي لاءِ برقرار نه رهندو ڇاڪاڻ ته اُن ۾ هائيڊروجن جو هڪ محدود مقدار آهي جڏهن اُهو ٻارڻ ختم ٿي ويندوته سج وڌيڪ ڳاڙهو ۽ وڏو ٿي ويندو جنهن جي ڪري اُن جو شعاعون ڌرتيءِ سميت ٻين گرهن کي ايترو ته گرم ڪري ڇڏينديون جو اُهي سڙي پوندا ۽ ڌرتيءِ تي زندگي ناممڪن ٿي ويندي ۽ اُن جي گھڻي وقت کانپوءِ سج جي چمڪ مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي.
ڊاڪٽر يوسف سومرو
انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو