Govt: Gbps Kirar Rajar School Hbm Mps.

Govt: Gbps Kirar Rajar School Hbm Mps. The Name of Quality Of Education at Kirar Rajar School...🥇🥇🏆🏆🎖🎖
سیمس کوڈ: 405060089

🌹 الوداعي تقريب 🌹اڄ اسان جي معزز اداري گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪرڙ راڄڙ، تعلقه حسين بخش مري، ضلعو ميرپورخاص ۾ اسان ...
20/09/2026

🌹 الوداعي تقريب 🌹
اڄ اسان جي معزز اداري گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪرڙ راڄڙ، تعلقه حسين بخش مري، ضلعو ميرپورخاص ۾ اسان جي سينيئر، قابلِ احترام ۽ محنتي استاد محترم جناب سائين امام بخش شاهه صاحب جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي هڪ پروقار ۽ يادگار الوداعي تقريب ۽ پارٽي جو اهتمام ڪيو ويو.
محترم سائين امام بخش شاهه صاحب پنهنجي پيغمبري پيشي جو سفر 1992ع ۾ شروع ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 34 سالن تائين علم، تعليم ۽ تربيت جي مقدس فرض سان وابسته رهي، سال 2026ع ۾ پنهنجي شاندار سرڪاري خدمتن تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي.
سائين جن پنهنجي زندگيءَ جا قيمتي سال علم جي خدمت لاءِ وقف ڪيا ۽ ڪيترن ئي نسلن جي تعليم ۽ تربيت ڪئي. پنهنجي محبت، شفقت، محنت ۽ رهنمائيءَ سان ڪيترن ئي ننڍڙن ذهنن ۾ علم جي روشني پيدا ڪئي. سندن خدمتون، محبتون ۽ ساٿ هميشه ياد رهندو.
منهنجي لاءِ هي موقعو وڌيڪ جذباتي ۽ يادگار آهي، ڇو ته سائين امام بخش شاهه صاحب منهنجا استاد پڻ رهيا آهن ۽ بعد ۾ ساڳئي اسڪول ۾ منهنجا سينيئر ۽ رهنما پڻ رهيا. جڏهن مون هن اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي ته سائين جن پنهنجي تجربي مان مون کي اسڪول جي انتظامي ۽ سرڪاري ڪمن بابت گهڻو ڪجهه سيکاريو ۽ هميشه منهنجي رهنمائي فرمائي.
اها منهنجي لاءِ وڏي عزت ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته سائين امام بخش شاهه صاحب جي رٽائرمينٽ کان پوءِ مون کي سندن جاءِ تي هن ئي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. سندن ڇڏيل ذميواري کي اڳتي وڌائڻ منهنجي لاءِ اعزاز سان گڏ هڪ وڏي ذميواري پڻ آهي.
هن اسڪول سان سائين امام بخش شاهه صاحب جو تعلق صرف استاد تائين محدود نه رهيو، پر سندن ڪيترائي شاگرد اڳتي هلي تعليم جي شعبي سان وابسته ٿيا. اسان جا محترم استاد علي احمد ڪوري صاحب پڻ سائين امام بخش شاهه صاحب جا شاگرد رهيا آهن ۽ بعد ۾ ساڳئي اسڪول ۾ استاد طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جو اعزاز حاصل ڪيائون. اهو استاد ۽ شاگرد جي خوبصورت رشتي جو هڪ بهترين مثال آهي. 🌹
اسان سڀني جي طرفان محترم سائين امام بخش شاهه صاحب کي رٽائرمينٽ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.
دعا آهي ته الله پاڪ کين صحت، خوشحالي، سڪون، عزت، خوشيون ۽ ڊگهي عمر عطا فرمائي ۽ سندن ايندڙ زندگي خوشين سان ڀري ڇڏي. آمين. 🤲🌹
معزز اسٽاف صاحبان:
👨‍🏫 محمد ابراهيم پنھور صاحب
👨‍🏫 طاھر علي شيخ صاحب
👨‍🏫 ريحان احمد صاحب
👨‍🏫 علي احمد ڪوري صاحب
👨‍💼 فيض محمد بلوچ صاحب
👨‍💼 شهباز قريشي صاحب
🌹 هيڊ ماستر 🌹
مڪيش ڪمار راٺوڙ
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪرڙ راڄڙ
تعلقہ حسين بخش مري، ضلعو ميرپورخاص

📚🌍 عالمي خواندگي ڏينهن — World Literacy Day 🌍📚8 سيپٽمبر — عالمي خواندگي ڏينهنخواندگي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ جو نالو ناهي، پر اها...
08/09/2026

📚🌍 عالمي خواندگي ڏينهن — World Literacy Day 🌍📚
8 سيپٽمبر — عالمي خواندگي ڏينهن
خواندگي صرف پڙهڻ ۽ لکڻ جو نالو ناهي، پر اها انسان کي سمجهڻ، سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ پنهنجي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿي.
تعليم هڪ اهڙو روشن ڏيئو آهي، جيڪو فرد سان گڏ سڄي سماج جي مستقبل کي روشن ڪري ٿو. هر ٻار کي معياري تعليم ۽ سکڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.
اچو ته عالمي خواندگي ڏينهن جي موقعي تي اهو عزم ڪريون ته: 📖 هر ٻار کي اسڪول تائين پهچائينداسين.
✏️ هر ٻار ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت پيدا ڪنداسين.
🌱 علم، شعور ۽ مطالعي کي هٿي ڏينداسين.
🤝 تعليم ذريعي هڪ پڙهيل، باشعور ۽ بهتر سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.
”هڪ پڙهيل ٻار، هڪ روشن خاندان؛
۽ روشن خاندان، هڪ روشن قوم.“ 🇵🇰
🏫 گورنمينٽ GBPS ڪرڙ راڄڙ
تعليم — شعور — ترقي.
👨‍🏫 هيڊ ماستر: مڪيش ڪمار راٺوڙ
محترم استاد صاحبان:محمد ابراهيم پنھور صاحب
طاھر علي عطاري صاحب
ريحان احمد قريشي صاحب
علي احمد ڪوري صاحب

والدين کي گذارش آھي پنھنجن ٻارڙن کي ريگلر اسڪول موڪليندا.....
08/09/2026

والدين کي گذارش آھي پنھنجن ٻارڙن کي ريگلر اسڪول موڪليندا.....

والدين کي گذارش آهي تہ پنھنجي ٻارن کي روزانو اسڪول موڪليو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي هاڻي هڪ نئون ۽ جديد آن لائن نظام SAMR...
06/09/2026

والدين کي گذارش آهي تہ پنھنجي ٻارن کي روزانو اسڪول موڪليو.
سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي هاڻي هڪ نئون ۽ جديد آن لائن نظام SAMRS App (Student Attendance Monitoring and Redress System) متعارف ڪرايو آهي. هن نظام تحت:
✅ اسڪولن ۾ ٻارن جي روزاني حاضري موبائل ذريعي آن لائن لڳائي ويندي.
✅ ٻار جي غيرحاضريءَ جي صورت ۾ والدين کي سڌوسنئون SMS ذريعي اطلاع ڏنو ويندو.
✅ تعليمي عمل ۾ شفافيت ۽ ٻارن جي باقاعدگيءَ کي يقيني بڻايو ويندو.
والدين لاءِ گذارش:
پنهنجي ٻار جو B-Form ۽ پنهنجو صحيح موبائل نمبر اسڪول ۾ لازمي جمع ڪرايو ته جيئن توهان پنهنجي ٻار جي تعليمي سفر سان هر وقت جڙيل رهي سگهو.
اچو ته پنهنجي ٻارن کي روزانو اسڪول موڪلي، سندن روشن مستقبل کي سنواريون!

16/02/2026

گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪرڙ راڄڙ جي معزز اسٽاف پاران خادمِ استاد پينل جي شاندار ڪاميابيءَ جي خوشي ۾ هڪ باوقار ۽ پروقار دعوتي پروگرام جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ ميرپورخاص ضلعي جي صدر محترم جناب اعظم هزاروي صاحب، جناب شاهين سنگھيڙا صاحب، جناب الله بچايو مھر صاحب، جناب شير محمد پنھور صاحب ۽ جناب علي نواز پنھور صاحب سميت تعلقي حسين بخش مري جي آل پينل جي معزز نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
16/02/2026

10/11/2025
10/11/2025

ECE CLASS Balloon 🎈 Activity...10/11/2025

16/08/2025

Address

Mirpur Khas
69000

Telephone

+923414648648

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Govt: Gbps Kirar Rajar School Hbm Mps. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Govt: Gbps Kirar Rajar School Hbm Mps.:

Shortcuts

Share

Category