22/05/2026
گل کي دنيا ۾ سڀ کان نازڪ، خوبصورت ۽ پاڪيزه شيءِ سمجهيو ويندو آهي. محبت به هڪ گل وانگر آهي، جيڪا انسان جي دل جي زمين ۾ گهري عقيدت، ڀروسي، سچائي ۽ احساسن جي پاڻيءَ سان ڦٽندي آهي. پر جنهن طرح هڪ گل تمام نازڪ هوندو آهي ۽ تيز هوا جو هڪ جهوڪو يا لاپرواهي ان کي ڪومائي ڇڏيندي آهي، اهڙي ئي طرح محبت جو احساس به انتهائي نازڪ هوندو آهي. جيڪڏهن ان کي شڪ، بيوفائي يا بيقدريءَ جو لوڏو اچي وڃي ته اهو مرجهائجي ويندو آهي.