MixedBag Insights

MixedBag Insights Like our page for more poetry

سنڌي شاعريايوب کوسو Ayub Khoso
05/10/2025

سنڌي شاعري
ايوب کوسو

Ayub Khoso

The only real mistake is the one from which we learn.Henry Ford Founder of the Ford Motor Company.   ゚viralシfypシ゚viralシ ...
05/10/2025

The only real mistake is the one from which we learn.
Henry Ford
Founder of the Ford Motor Company.


゚viralシfypシ゚viralシ

03/06/2022

Don't believe whatever I tell you, go and research yourself. Never accept what I tell you, look yourself and then decide.
You will find extremism not only in religion but everywhere, in every ideology you will find blind believers..

Sain khalid

13/02/2021

غزل

ڪا هُئي موجزن جامَ ۾ جل پَرِِي!
خاڪَ ٿي ويو بَدن مَيڪدو ويو ٻَرِِي!

جنهن به آھي ڏٺو-ٿي ته مُوسٰي جَليو
حُسن تنهنجو به آ- طُورَجي ڪا ذَرِي!

نيٺ توکان سوا - آھ مون وٽ به ڇا؟
ساھَ جي ڳنڍ ۽ عشق جي هي ڀَرِي!

آب - ڪوثر سڄا پاڻ وٽ تُون رَکِي-
اي خدا وَڃُ ڏِسي- هي اُڃارو ٿَرِِي!

بند آهي ڪيو - دَرُ حياتي کڻي!
پر کليل ئي رَهِي حَسرتن جي دَرِي!

وقتُ ڳاري ڇڏيندو زمينۡ آسمان
نيٺ پٿرُ خُدا جو به ويندو ڳَرِي!

سَو ته معراجُ ماڻي نه سگهندوڪڏهن
عشقَ جَي جُرم کان جَو به ٿيندو بَرِي

پروفيسرساجدسومرو

13/12/2020

مسافر تون ڪٿي آھين؟
مسافر من سڏي توکي..!

مسافر رات ڪاري آ
ڪڪر ڪڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڇتي ھن ڦوھ جواني جا
ڇمر ٿا ڇاٽ ڪن ڪيڏو
لڪي ڪي آڳ جا آگم
لڱن ۾ لاٽ ڪن ڪيڏو
سوا تنھنجي اندر ڏيئڙا
ٻرن پر ٻاٽ ڪن ڪيڏو
چڪن چوڙيون کلن کھنڀا
بدن ڀڙڪاٽ ڪن ڪيڏو
ڳناٽيل ڳانڙيون ڳوڙھا
کڻندي ڳاٽ ڪن ڪيڏو
اندر ۾ پير پيا پنڌڙا
وڃائي واٽ ڪن ڪيڏو
ڀڃي آرس اميدن جا
چندر چمڪاٽ ڪن ڪيڏو
وڄايان وڄ وانگي پئي
تنبورو تن سڏي توکي
مسافر تون ڪٿي آھين؟
مسافر من سڏي توکي...

مسافر پيار جي وسندو
پلر پالوٽ ڏئي ويندو
چمي جو چنڊ جي چمڪيو
چنڱيري چوٽ ڏئي ويندو
وريو جي واءَّ واري تي
ڦلاري ڦوٽ ڏئي ويندو
گلابي گل ٽاري کي
ٽڙندي ٽوٽ ڏئي ويندو
اکين جو رڻ ڇڏي سپنو
ڪتين کي ڪوٽ ڏئي ويندو
اڃارو چور ڪو بادل
اکين جي اوٽ ڏئي ويندو
کٿيڙو کنوڻ جيان ايندو
کلي ڪا کوٽ ڏئي ويندو
اڱڻ تي نازبو نچندا
مينھنڙو موٽ ڏئي ويندو
ورھ جا موٽ وڻجارا
دلين جو ڌن سڏي توکي
مسافر تون ڪٿي آھين؟
مسافر من سڏي توکي....

مسافر اڃ ٿي ايندين
ته مان ملھار ٿي پونديس
گھٽائون گھاگھرو ٿينديون
۽ آئون ڪنوار ٿي پونديس
ڳچي ۾ تون جي پائيندين
ھٿن جو ھار ٿي پونديس
رڱيندين روح جي راڻا
ته مينڌي ڏار ٿي پونديس
ھينئڙو ھنڌ تنھنجي لاءِ
وڇائي وار ٿي پونديس
ھونئين ته ھيڪلي آھيان
جي چمندي چار ٿي پونديس
ذرو ھان ذات تنھنجي جو
سڄو سنسار ٿي پونديس
وڇوڙي جو وڏو درياء
پڄندي پار ٿي پونديس
نه آئين ھيل جي ڍوليا
بدن تي بار ٿي پونديس
صندل جي ڪاٺ وانگي پيو
جليو جوڀن سڏي توکي
مسافر تون ڪٿي آھين؟
مسافر من سڏي توکي....

مسافر من وطن آھي
اتي ئي پاڻ ملنداسين
ڪچو ھي ٻور جواني جو
نه ڇرڪي ڇاڻ ملنداسين
سرھي ساھ ۾ سانڍي
کٿوري کاڻ ملنداسين
ٻانھون ھار وانگي تون
تکيريون تاڻ ملنداسين
ملڻ لاءِ کٽ خالي آ
وڇوڙو واڻ ملنداسين
بدن جي بات ٻي آھي
اکين کي آڻ ملنداسين
تو ۾ تو جيان ھوندس
مٺا تون ماڻ ملنداسين
الا سين آسرا تنھنجا
ھينئر ئي ھاڻ ملنداسين
ڦٽي ڦارون ٿيو هينئڙو
هيرڻ پن سڏي توکي!!!
مسافر تون ڪٿي آھين؟
مسافر من سڏي توکي...

سردار شاھ

10/11/2020

الف لام الف هي
اهو سهڻو نام الله
ميم حي ميم ۽ دال سان
ٿئي مير محمّد شاه
ٻنهي ۾ شد آ
ٻئي رِيءَ نقطي هِن وه واهہ
اهو لاه منجهان او چاهہ عبدالرحيم اکين تي..

06/11/2020

اُٹھا رہا ہے جو فتنے مری زمینوں میں
وہ سانپ ہم نے ہی پالا ہے آستینوں میں

کہیں سے زہر کا تریاق ڈھونڈنا ہوگا
جو پھیلتا ہی چلا جا رہا ہے، سینوں میں

کسی کو فکر نہیں قوم کے مسائل کی
ریا کی جنگ ہے بس حاشیہ نشینوں میں

قصور وار سمجھتا نہیں کوئی خود کو
چھڑی ہوئی ہے لڑائی منافقینوں میں

یہ لوگ اس کو ہی جمہوریت سمجھتے ہیں
کہ اقتدار رہے اُن کے جانشینوں میں

یہی تو وقت ہے آگے بڑھو خدا کے لیے
کھڑے رہو گے کہاں تک تماش بینوں میں

حبیب جالب

28/10/2020

اسين مٽي جي اوٽ ۾،
جڏهن به دفن ٿي وڃون،
جڏھن به ڪفن ٿي وڃون،
هي نيڻ ٻوٽجي وڃن،
۽ چاندنيون سُمهي پون،
جڏھن گهرن کي جاڳ ٿئي،
جڏھن به عشق آڳ ٿئي ،
حُسن جون اجرڪون لُڏن،
گجن جون هو ٽِڪُون ٻرن ،
اسان پُڄاڻان جيڪڏهن،
وري بهار جي اچي،
وري ملهار جي اچي ،
اسان جي سار جي اچي،
ته چئجو ڪنهن گلاب کي ،
جو راه ۾ فُٽي پوي ،
۽ چئجو هر حجاب کي،
اسان مٽي کي چاهيو،
اسان مٽي کي پوڄيو،
اسان امانتن جيان ،
انهيءَ کي آھي سانڍيو ،
انهيءَ جي عشق ۾ سدا ،
گلي گلي ۾ ڳائيو ،
اهي جي گيت او پرينءَ ،
زنجير ڪا ٺهي پون ،
مٽي لئه هير ٿي پون،
اسان کي ٻيو کپي به ڇا؟
اسان پُڄاڻان جيڪڏھن،
گلاب واٽون ٿي پون،
گسن تي لاٽون ٿي پون ،
اسان جا پيار ڇانورا ،
ڇمر ۽ ڇاٽُون ٿي پون ،
تڏھن اسان جي روح کي،
لطيف جون سٽون ڏجو.

ايوب کوسو.

28/10/2020

بي موت مئا تو لا ڪٺا انسان ھزاري مان نه روگو!
ھن دنيا ۾ اي ديس ھئا نادان ھزاري مان نه روگو!

جي راھ اجل ڪنھن ورتي آ ٻيو ڀون ڪئي ھن ٻي ڀرتي آ!
ھئ ڌرتي توکي پرتي آ مھمان ھزاري مان نه روگو!

اک ساري رات نه جھپڪي آ شبنم شبنم ٽپڪي آ !
جي باک گھري ٿي بک ت زندان ھزاري مان نه روگو!

ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ڏي چانڊوڪي جو زھر ڀري !
آ ڪيڏو پويو پھر پري حيران ھزاري مان روگو !

تون چئي نه ڪڇان تون چئي نه لڇان پر تون کان ھڪڙي ڳالھ پڇان!
تون ڪنھن ڪنھن کي خاموش ڪندي علان ھزاري مان نه رڳو

شيخ اياز

Address

Mehar

Telephone

+923048764627

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when MixedBag Insights posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to MixedBag Insights:

Shortcuts

Share