Primary school Haji essa Junejo matli

Primary school Haji essa Junejo matli Govt school activity in u,c malhan

اوچتو اچانڪ وزٽ ڪارائتو قدم  ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين۔ پرائمري  اسڪول حاجي عيسا جوڻيجو۔ اسان جي تر جو نهايت سادو ...
21/10/2024

اوچتو اچانڪ وزٽ ڪارائتو قدم
ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين۔
پرائمري اسڪول حاجي عيسا جوڻيجو۔
اسان جي تر جو نهايت سادو سٻاجھڙو شريف ايماندار انسان استاد آفيسر سائين ذوالفقار مهندو۔
اسڪول جو ٻارن جو استادن جو جائزو ورتو شاباس ۽ دادرسي ڪئي۔

23/08/2024

Today 23-08-2024.friday
pray in assembly.
Primary school Haji essa Junejo uc malhan matli
need teachers for poor students

15/08/2024

اسڪول ۾ پهريون ڏينهن سٺي حاضري۔
تلاوتن نعتن حديثن دعا قومي ترانو ۽ تقريرون سان شروعات
علم نور آ
نور ۾ شعور آ
شعور ۾ سڀ ڪجھ آ
پنهنجن گلڙن جهڙن ٻارن کي اسڪول موڪليو ۽ تعليم جهڙي زيور سان آراسته ڪريو۔

23/09/2023

ڀلي بلڊنگ نه هجي۔
ڀلي فرنيچر نه هجي۔
کلي آسمان هيٺ پر حوصلا بلند
پو به اهو ئي نعرو اسان جي منزل اڃان به اڳتي۔
غربت به هڪ امتحان آھي۔
ذھني ڪمزور ٻار جن کي اسان جي اسڪول جا ٻار اٻوجھ چوندا ۽ سمجھندا آھن۔اسڪول ته ڇا پر گھر ۾ به ڪونه ڳالهائين۔
اسان جي استادن خاص ڪري سائين غلام مرتضا جوڻيجو ۽محمد عمران غوري جي محنتن سان اڄ اهي اسٽيج تي۔
عجيب اتفاق ڇوڪري کي نعت لا گھرايو هن سنڌي گانو
مان ته مران ٿو گوري تنهنجي روپ نرالي تي
ٻڌائڻ شروع ڪيو۔

07/05/2023
چوٿين ۽ پنجين درجي جي امتحان دوران۔ڪوشش آھي ته ڪاپي ڪلچر جي رجحان کي روڪجي
27/04/2023

چوٿين ۽ پنجين درجي جي امتحان دوران۔
ڪوشش آھي ته ڪاپي ڪلچر جي رجحان کي روڪجي

05/04/2023

پرائمري پهرين ڪلاس جا ٻار۔
اسيمبلي دوران ٽيسٽ۔
ٻارڙن جا ٻاتڙا ٻول۔
sir murtaza sir imran sir a majid sir essa naz sir sher.weldone

وڊيو ڏسڻ مان صاف ظاهر لڳندو۔هر ڪلاس جي الڳ۔دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪجي پياسين۔دل شڪسته ٿي بيوس بنجي پياسين۔نه ملي سگھيو فرنيچر...
07/02/2023

وڊيو ڏسڻ مان صاف ظاهر لڳندو۔
هر ڪلاس جي الڳ۔
دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪجي پياسين۔
دل شڪسته ٿي بيوس بنجي پياسين۔
نه ملي سگھيو فرنيچر ۽ نه ملي سگھي ڇت۔
هڪ ٽينڊر ڏسو ماتلي جا آھن ئي چار پنج اسڪول۔
اهي به الاهي ھلن پيا يا نه۔
ايم پي اي ۽ ايم اين اي تي افسوس ڏک۔
ته انهن جي بجيٽ ڪٿي ٿي خرچ ٿئي۔
ڏک انهن استادن تي به ٿئي ٿو جيڪي گلن اجرڪن جا تحفا کڻي ترقي ماڻڻ جون آفيسر ٿيڻ جون مبارڪون ڏيڻ وڃن ٿا آفيسن ۽ گھرن ۾۔
هاڻ ڪنهن کي معيار ڪونه ڏبي بس۔

جڏهن به ڪٿي ڪنهن  اسڪول جي ڳالهه ھجي شاگردن جي ڳالهه ھجي يا استادن جي اوتي ھميشا حاجي عيسا جوڻيجو گورمنٽ پرائمري اسڪول  ...
11/05/2022

جڏهن به ڪٿي ڪنهن اسڪول جي ڳالهه ھجي شاگردن جي ڳالهه ھجي يا استادن جي اوتي ھميشا حاجي عيسا جوڻيجو گورمنٽ پرائمري اسڪول جي استادن جي شاگردن کي ڏنل تربيت جي ساراھ ٿيندي رھي آھي
تعلقي ماتلي جو نالي واري اسڪول پو اھو نصابي سرگرميون يا غير نصابي سرگرميون ھجن ان اسڪول جي شاگردن ۽ استادن سنڌ ليول تي پنهنجون محنتون ڪري پاڻ مڃرايو آھي ثقافتي حوالي سان ان اسڪول ۾ ٿيل ھڪڙي تقريب جو پيڪج ٺاھي وائيس آف سنڌ ٽي وي نيوز تي ھلايو جنهن کي ٽيھ ھزار کان وڌيڪ ماڻھن اسڪول جي شاگردن ۽ استادن جي محنتن کي پسند ڪيو ۽ ڏيڍ لک ماڻھن انهيَ پروگرام جي تقريب تي ٺھيل پيڪج کي ڏٺو انهيَ تقريب ۾ ھڪ شاگرد جي پيء پنهنجي ويوز ۾ ٻڌايو ته اسان کي اڃ پنهنجي ٻارڙن تي حيرانگي پئي ٿئي ته جيڪي اسان جا ٻارڙا گھر ۾ خرچي وٺڻ کان لھرائندن ھجن اھي ٻارڙا اڄ ھتي ايڏي وڏي پروگرام ۾ ڪيئن ٽيبلو خاڪا ڊانس ۽ تقريرون ڪري رھيا آھن اھي سڀ محنتون گورمنٽ پرائمري اسڪول حاجي عيسي جوڻيجو جي اسڪول جي استادن جون آھن جن کي نيڪ نيتي سان ساراھجي ٿو مطلب ته ھي ھن اسڪول جي تعليمي معيار بھتر آھي ۽ استاد پنهنجي ٻچن جيان ٻارڙن کي تعليم جھڙي زيور سان نوازڻ جي مڪمل ڪوشش ڪن ٿا انهن استادن مان
جنھن ۾ محنت ڪش استاد سائين عيسا ناز جوڻيجو کي جس ۽ شاباس ڏيجي ٿي جيڪي پنهنجي پيشي سان مخلص ٿي ايمانداري سان اڳ کان اڳڀرائي ٿي نڀائي رھيا آھن اڄ ان بھترين استاد عيسا ناز جوڻيجو کي استادن جي تنظيم سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي تعلقي ماتلي جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ھڪ ٻي زميواري ڏني وئي آھي اھي سندس محنت ۽ ڪامياڀي جو نتيجو آھي سائين عيسا ناز جوڻيجو کي سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي تعلقي ماتلي جو چيف آرگنائيزر مقرر ٿيڻ تي دل جي گھرائين سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا

23/03/2022

Speech M.saleh pathan.and waqar junejo on 23rd march

18/03/2022

رياضي ۾ اڻپور تي class iv and v جي شاگردن دعا ۽ جنيد جو ليڪچر۔

Address

Matli

Telephone

+923471124958

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Primary school Haji essa Junejo matli posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category