12/06/2026
Govt: Saint Joseph High School Larkana
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Govt: Saint Joseph High School Larkana, School, Larkana.
12/06/2026
02/06/2026
02/06/2026
گسٽا يونٽ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي جي عھديدارن ۽ ميمبرن، ڀائو جي ايم ابڙو کي گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊجڻ جي خوشيءَ ۾ گسٽا آفيس ۾ پھچي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا اوڍايا ۽ گلن جا ھار پارائي مبارڪون ڏنيون....
01/06/2026
گسٽا زنده باد. استاد اتحاد زنده آباد.
گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي اليڪشن انتھائي احسن طريقي سان ٿي گذري، ڀائو جي ايم ابڙو صدر چونڊجي ويو، اڄ گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي اليڪشن نھايت شاندار ۽ خوش آئين طرح سان ٿي گذري، جنھن ۾ شھيد راڻي پينل کي گڏيل طور بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو، اھڙيءَ طرح گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي نئين چونڊيل باڊي ۾، صدر محترم ڀائو جي ايم ابڙو، نائب صدر محترم حسين علي ميراڻي، نائب صدر (ميل) محترم غلام النبي جوڻيجو، نائب صدر (فيميل) محترمہ نجمه پروين مٺياڻي، محترم سيف الله ابڙو جنرل سيڪريٽري، محترم امير بخش جروار ايڊيشنل سيڪريٽري، محترم وسيم راجا منگي، جوائينٽ سيڪريٽري (ميل) محترمه ياسمين خاتون جوائنٽ سيڪريٽري (فيميل) محترم اياز حسين سولنگي، فنانس سيڪريٽري، محترم ممتاز علي شاھاڻي، پريس سيڪريٽري، محترم اقبال علي جوڻيجو، آفيس سيڪريٽري شامل آهن.
گسٽا يونٽ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي پاران استادن جي ھڏ ڏوکي شير دلير ۽ بھادر اڳواڻ ڀائو جي ايم ابڙو ۽ جنرل سيڪريٽري سيف الله ابڙو سميت پوري چونڊجي آيل باڊي کي اڻڳڻيون مبارڪون پيش ڪجن ٿيون....
اڄ تاريخ 25.05.2026 تي گسٽا يونٽ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي جي ميل فيميل استادن زبردست احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو ته نااھل، ڪرپٽ، تعليم دشمن، نيب توڙي اينٽي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ملوث، چيف ھيڊ ماستر گلشير سومري کي ھٽائي، گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انتھائي ايماندار ۽ تعليم دوست چيف ھيڊ ماستر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو...
25/05/2026
اڄ تاريخ 25.05.2026 تي گسٽا يونٽ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي جي ميل فيميل استادن زبردست احتجاج ڪندي چتاءُ ڏنو ته نااھل، ڪرپٽ، تعليم دشمن، نيب توڙي اينٽي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ملوث، چيف ھيڊ ماستر گلشير سومري کي ھٽائي، گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انتھائي ايماندار ۽ تعليم دوست چيف ھيڊ ماستر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو...
ٻئي طرف گسٽا ضلعي لاڙڪاڻي جي بھادر اڳواڻ ڀائو جي ايم ابڙو جي حڪم تي، گسٽا يونٽ گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي پاران ڊي اي او لاڙڪاڻي جي پوسٽ تي ايندڙ ارڙھين گريڊ جي آفيسر عبدالرشيد چانڊئي خلاف، گورنمينٽ سينٽ جوزف ھاء اسڪول لاڙڪاڻي جي گرائونڊ تي ڪارا جهنڊا کڻي، ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اڀ ڏاريندڙ نعرہ ھڻي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ مطالبو ڪيو ويو ته ڊي اي او لاڙڪاڻي جي سيٽ تي اڻويھين گريڊ جو ايماندار آفيسر ويھاري تعليم کاتي ضلعي لاڙڪاڻي جي اسڪولن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Larkana