25/08/2026
اسان GBELS ريلوي ڪالوني جي سموري اسٽاف ۽ شاگردن جي طرفان محترم نياز حسين لغاري صاحب ۽ يونين ڪائونسل سچل جي چيئرمين *محترم دانش لغاري صاحب* جا ٿورائتا آهيون.
اسڪول لاءِ سولر جي فراهمي سان اسان جي تعليمي ماحول ۾ انقلاب اچي ويو آهي.
هاڻي بجلي جي بندش کان سواءِ ٻار بهتر نموني پڙهي سگهن ٿا.
الله پاڪ توهان جي خدمت کي قبول فرمائي.
چيئرمين *محترم دانش لغاري صاحب* اسڪول جي دوري دوران پرچم ڪشائي ڪئي، ٻوٽو پوکيو ۽ سولر سسٽم جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ اسڪول جي ڪلاسن جو دورو ڪري شاگردن جي ۽ اسڪول جي تعليمي معيار جي تعريف پڻ ڪئي.
پاران.
ھيڊ ماستر ۽ انجي ٽيم