The Sindh Nama

The Sindh Nama

Share

جو غلام بغاوت نہیں کرتا وہ رحم کا مستحق نہیں۔

25/05/2026

“اسلام ۾ سڀ کان وڏي قرباني صرف ٻاهر واري جانور جي نه، پر پنهنجي اندر جي غرور، حسد، نفرت، لالچ ۽ نفس جي به آهي.
اصل جذبو اهو آهي ته انسان پنهنجي خواهشن کي الله جي رضا آڏو قربان ڪرڻ سکي.
ڇو ته جانور جي رت کان وڌيڪ قيمتي، انسان جي نيت ۽ تقوى آهي.” 🤍

24/05/2026

جنهن ملڪ ۽ قوم ۾ ڪتابن جي عزت ايتري گهٽجي وڃي، جو علم جا خزانا رديءَ وانگر روڊن تي اڇلايا وڃن، اتي پوءِ شعور، فڪر ۽ حق جي آواز اٿارڻ وارا ماڻهو نه، پر مذاق اڏائيندڙ، جاهل ۽ بيحس ذهن پيدا ٿيندا آهن.
ڪتاب صرف ڪاغذن جا ڍير ناهن هوندا، اهي قومن جي سڃاڻپ، تهذيب، تاريخ ۽ شعور جا دروازا هوندا آهن. جنهن سماج ۾ ڪتابن جي بي قدري ٿئي ٿي، اتي سوچ مري وڃي ٿي، قلم ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ سچ ڳالهائڻ وارا اڪيلا رهجي وڃن ٿا.

اڄ اسان جي حالت اها ٿي وئي آهي جو علم کي قيمت نه، پر رديءَ جو وزن سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن نوجوانن جي هٿن مان ڪتاب کسي موبائل جي فضول دنيا ڏني ويندي، تڏهن قومن جا مستقبل به اوندهه ۾ گم ٿي ويندا.
ياد رکو، جنهن قوم ڪتابن کي وساري ڇڏيو، ان قوم کي دنيا به وساري ڇڏيندي. علم روشني آهي، ۽ جهالت هميشه اوندهه پيدا ڪندي آهي.

23/05/2026

پشاور جي نياڻي حورين پٺاڻ کي سنڌ پوليس شڪارپور جي ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو سُٺي ڳالھ آھي. اھو سڀ تڏهن ٿيو جڏهن هزارين پٺاڻ هٿيار بندن پنهنجي نياڻي جي بازيابي لاءِ غيرت ڏيکاري. سوال اهو آهي ته سنڌ جون سالن کان گم ٿيل نياڻيون فضيلا سرڪي ۽ پريا ڪماري، اجالا سولنگي ڇو نٿيون بازياب ڪرايون وڃن.

23/05/2026

پيارو شهر حيدرآباد، هر گهٽي ۾ سنڌ جي خوشبو 🌸

14/05/2026

لاڙڪاڻي ۾ هڪ همراهه بينظير ڀٽو جي مجسمي تي چڙهي ويو، جنهن کي هيٺ لاهڻ لاءِ پوليس پهچي ڪوششن ۾ مصروف آهي.

14/05/2026

پنهنجي ورثي جي حفاظت ڪريو، ان کان اڳ جو ايندڙ نسلون موهن جو دڙو صرف ڪتابن ۾ ڏسن.
هي رڳو پراڻيون سرون ناهن، پر 5000 سال پراڻي عظیم تهذيب جا نشان آهن. ❤️🏺

11/05/2026

Mohenjo-daro is our pride and a 5,000-year-old masterpiece, but sadly it is in poor condition. The government should focus on its preservation through proper restoration, funding, and international support from UNESCO to protect this priceless heritage for future generations.

05/05/2026

جئپور جي هن دردناڪ واقعي ۾ ماءُ آخري ساهه تائين پنهنجي ٻار لاءِ وڙهندي رهي، پر قسمت اڳيان هارائي ويئي. جڏهن لاش مليون ته ٻئي هڪ ٻئي سان چنبڙيل هئا. ماءُ جي محبت واقعي بي مثال آهي. 💔

Want your school to be the top-listed School/college in Larkana?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Larkana