The Elementarians - Larkano

The Elementarians - Larkano

Share

college

23/12/2025

اسانجي پياري ڀاءُ علي حسين بروهيءَ جي امڙ وفات ڪري وئي آهي (إِنَّا لِلّهِ وَإِنَّـا إِلَيْهِ رَاجِعونَ) مرحومہ جي جنازي نماز اڄ تاريخ 23 ڊسمبر بروز اڱاري صبح جو 11 وڳي ڳوٺ احمد خان بروهي لڳ محراب سنديلي ۾ ادا ڪئي ويندي. خدا مرحومہ کي جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.

19/12/2024

يونيورسٽيءَ مان پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگرد ھي ڪالم ضرور پڙھن.

ڊسمبر جا ڇھ سئو سيڪنڊ
(ڊاڪٽر محمود مغل)

ھوائون سرد ٿي رھيون آھن,ڊسمبر پاڻ ڏي سوڙ سورڻ شروع ڪئي آھي, کيس ب ھاڻ آھستي آھستي آھستي سيء جو احساس ٿي رھيو آھي. ڪئمپس جا رستا خالي ٿي رھيا آھن جدائين جو جھرمر, وقت جي نراڙ تي چمڪي رھيو آھي. جن ب پنھنجي تعليمي ڪئريئر جو آخري سمسٽر گذاريو, تن جي ٿيلھن ۾ ھاڻي ڪتابن جي جاء تي وڇوڙو ڀرجي ويو آھي,اکين ۾ ڌنڌ وڌي ويو آھي, لڏندڙ ھٿ ,پري ٿي رھيا آھن اھا ئي زندگي آھي , جيڪو شروع ٿئي ٿو تنھن کي نيٺ ختم ٿيڻو آھي. وقت جي ھر گھڙي اڳتي واري گھڙيء کي پاڻ سان ڇڪي پوئتي ڪري ڇڏي ٿي, حياتي ت ڄڻ ماضيء جي ڪٿا ئي آھي. ھر گذرندڙ لمحو, ماضيء جي فريم ۾ رھجي وڃي ٿو واري مٺ مان نڪري وڃي ٿي.
ھتي, ھن مادر علميء ۾ فقير ڀريا پنجويھ سال, بليڪ ائينڊ وائيٽ بورڊن جي پاسي ۾ گذاريا آھن.ٻارڙا اکين ۾ حيرانيون ڀري پھرئين سال ايندا آھن , ٻئي سال اتي حيرانيء جي جاء ڄاڻ وٺندي آھي, اکين ۾ ئي ٽئي سال سڀ ڪجھ سمائبو آھي ۽ چوٿين سال ,حجر جي الم کي سانڍيندي پنھنجي حدف ۽ حاصلات کي مڪمل ڪندي رخصتي جي ڪانڍ لکبي آھي, چئن سالن جي اھا ڪٿا ب عجيب آھي. جتي ساروپا مٽبا آھن اتي اندر جي ايوان ۾ گھڻا ئي محل ,ماڙيون, جھوپڙيون ۽ کنڊر جڙي ويندا آھن.انھن سڀني جو ديدار ھڪڙو استاد ڪري سگھي ٿو جي پنھنجي ٻچي جي ويجھو ھجي ت سندس اندر ۾ آباد عمارتن ۾ مزي سان گھمي سگھي ٿو.
ھاڻي جڏھن اھو سفر خيرن سان پورو ٿيو آھي ت مان, اوھان جو ٽيچر, اوھان جو سر مغل , اوھان سان ڳالھائڻ ٿو گھران ۽ اھا گفتگو, انھن ڏھن منٽن ۾ ٿي سگھي ٿي جيڪي ڏھ منٽ نجا پجا اوھان پنھنجو پاڻ کي ڏيو, انھن ڏھن منٽن ۾ ڪو ب موبائيل فون, ٽئبليٽ يا اھڙي ڪا ب شئي اوھان وٽ ن ھجي . صرف پنھنجو پاڻ سان پاڻ ھجو... پاڻ سوال ڪيو ۽ پاڻ ئي جواب وٺو..۽ جيڪو جواب ملي ان کي سمجھيو....آھن ت اھي ڇھ سئو سيڪنڊ ...پر جي اھي لمحا پاڻ سان گذاريو ت الاء ڪيترا ايندڙ ورھيا (سال) ۽ الائي ڪيترا لکين ڪروڙين سيڪنڊ سجايا ٿي پوندا .پڇڻو رڳو پاڻ کان اھو آھي ت انھن سالن جي ڪٿا ۾ سبق ڇا مليو ? ڇا پرايوسين? سمجھ ۾ ڇا آيو! ڇا رڳو ڪتاب پلئي پيا يا حياتيء جي ڪنھن ٻئي دائري ۾ ڪو سفر ب نصيب پيو! رڳو ڀري ٻڌي ڪتاب کڻي وياسين, اشو ڪراياسين, پڙھي موٽائي ,پنھنجا ڪتاب, اڌڙوٽ حالت ۾ پنھنجي ڪمري ۾ موٽائي کڻي آياسين ۽ بس يا وري ڪجھ اھڙو مليو آھي جيڪو انھن سڀني کان ٿورو ھٽيل آھي, انھن ڪتابن ۾ ڪونھي ۽ پنھنجي جاء تي آھي... ڇا اھڙو ڪجھ ان ڳنڍ ۾ , بئگ ۾ ,ھنڌ ۾ آھي جيڪو ڪتابن کان سواء سکيو ھجي ? جي آھي ت ڇا آھي ۽ جي ناھي ت ڇو ناھي?
يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ,گھڻا ٻارڙا,ڊگري جي حاصلات ۾ اعتبار رکندا آھن....خدانخواستا ڊگري ن ملي ت حاصلات جي جھان ۾ طوفان اچي ويندو آھي, لڳندو آھي ت سڀ ڪيو,ڪرايو,ڌوڙ ٿي ويو. اھو ناھي سوچبو ت ڊگريء کان سواء ب ڪجھ ٻيو آھي جيڪو پنھنجي جاء تي اھم آھي. اتي اھو سوال اڀري ٿو ت , "سر... جي ڊگري ن ملي ت پوء باقي ھتي ڇا لاء آيا ھئاسين? زندگي سکڻ لاء ڪا يونيورسٽي ئي بچي آھي ڇا ?" ت اھو سوال ب صحيح آھي. منھنجا ٻچا , زندگي ان علم جي حاصلات سان گڏ جڏھن ڦوھ جواني ۾ سکجي ت اڳيان عملي دائرا ويڪرا ٿين ٿا, اھو اسان سڀني کي ڪڏھن ب وسارڻ ن گھرجي. ھاڻي جڏھن عملي دنيا ۾ گھڙو ت شيون ڌيان ۾ ضرور رکجو. ڪٿي ب انٽرويو ڏيڻ وڃو , ڪنھن سان ملڻ وڃو , ڪا درخواست ڏيڻي ھجي ت ڪجھ شين تي مرڪز نگاھ يعني فوڪس رکڻ ضروري آھي.. اھي عمل بنھ سادا آھن , پر جي ڪجن ت انھن جي اقاديت تمام گھڻي آھي.
١. ڪڏھن ب ناڪاميء تي دل ن ھارجو. ڪتابي علم کان عملي حياتيء جو علم مختلف ھوندو آھي.جيڪي پڙھي آيا آھيو, اھو ھنئين سان ھنڊايل ضرور ھئڻ گھرجي پر عملي حوالي سان ماڻھن جي سلوڪ تي پريشان ن ٿجو. ماڻھو رڳو سک ڏيندڙ ناھن ھوندا گھڻو ڪري , بي عزتي, ڌڪار, انڪار, بدتميزي, لاغرضي ب انھن وٽان ئي ملندي آھي.جيڪو منفي ملي ,پنھنجي ڪُلھي تي ٻڌل پوتڙي \ رومال ۾ ويڙھيو, ٻاھر اچي پوتڙو / رومال ڇنڊيو ۽ اڳيان سفر جاري رکو.
٢ . پنھنجي لباس جو خاص خيال رکجو. اھو ڀلي مھانگو ن ھجي پر صاف ۽ سليقي دار ھجي, ڪپڙو سادو پر سٺو سبيل ۽ صاف ھجي ۽ بوٽ ڀلي چتي لڳل ھجي پر چلڪيدار ھجي...ڌوتل پوتل وجود ھر ڪنھن جي نگاھ کي نرمائيندو آھي.
٣. گفتگوء ۾ تڪڙ ن ڪجو جيترو پڇيو وڃي اوترو وراڻيو.... مثال طور. "توھان جو نالو ڇاھي?"...
جواب: "منھنجو نالو محمود الحسن مغل آھي ۽ منھنجي والد جو نالو نور محمد آھي"
غلط جواب آھي..ڇاڪاڻ ت مون کان منھنجي والد جو نالو ڪنھن پڇيو ھو !? مون کان صرف منھنجو نالو پڇيو ويو ھو ..سو بس مون کي اھو ئي ٻڌائڻ گھرجي. اسان مان ڪيترائي ماڻھو سوال ئي ڪو ن سمجھندا آھن ت جواب ڇا ڏيندا ... صحيح جواب لاء سوال جو صحيح سمجھڻ ضروري آھي.
٤. ھر حال ۾ شڪر گذار رھجو ۽ ھر گذرندڙ لمحي کي غنيمت ۽ پنھنجي تجربي ۾ واڌ سمجھجو. پي در پي ناڪاميون پريشان ڪري سگھن ٿيون, پر ياد رکجي ت منزل نيٺ ب منتظر آھي.
٥. جيترو ٿي سگھيو , پنھنجن مائٽن سان صلاح ضرور ڪجو, اوھان کي اھو سوچي کل ايندي ت بس ھاڻ ابي امان کي منھنجي معاملي جي ڪھڙي خبر?...ت اھا سوچ غلط آھي جن ھيترا سال خرچ ڀري اوھان کي ان جاء تي پھچايو آھي انھن کي گھٽ ن ڄاڻو... جي ھو اوھان کي صحيح صلاح ن ب ڏئي سگھن ت گھٽ ۾ گھٽ ڀلائيندا ت ڪو ن.. ۽ ن ئي ڀلجڻ ڏيندا.
ڪٿي ھڪ حڪايت تي نگاھ پئي لکيل ھو, " گھر موٽيس پئي ت ڏٺم, ھڪ ڪراڙو, گند جي دٻي مان کاڌي جون شيون ڳولي رھيو ھو, مدد جو خيال آيم ...ويجھو وڃي پڇيومانس ت "کائڻ لاء ڪجھ وٺي ڏيانء " ھن وراڻيو, "جيڪا تنھنجي مرضي" پاڻ سان وٺي آيومانس ۽ کاڌو وٺي ڏنومانس ...چيم "تو ڪا دعا گھري ھئي..!" وراڻيائين "تولاء دعا گھري ھئم ....ت تون ملين...! مان حيران رھجي ويس ت ھڪ اجنبي ماڻھو منھنجي گھرجڻ لاء دعا ڇو گھرندو.! حيرانيء سان ڏانھنس ڏٺم ت چيائين , " اڄ صبح سان ئي رب کي عرض ڪيم ...ھڪ ويلو گرم ماني کاراء ..ڪو اھڙو بندو موڪل جيڪو بندوبست ڪري, تون آئين اچي گرم ماني وٺي ڏنئي..ت معني تنھنجي لاء دعا گھريم ن .." سندس جواب منھنجا ٺپ ٺاري ڇڏيا. مون ت ڪڏھن ائين سوچيو ئي ڪونھي ت ڪو مون کي سدائين گرم ماني ملندي آھي مان لئي سان فريش کاڌو کائندو آھيان... ڪڏھن ائين خيال ئي ناھي آيو ت ڪا ماني ٿڌي ملي ٿي ۽ ھتي ھي آھي ... جنھن جي وڏي ۾ وڏي حسرت ھڪ ويلو گرم ماني کائڻ آھي....!ان ننڍڙيء حڪايت کي سدائين ھنئين سان ھنڍائجو ٻچا...پاڻ تي ٿيل مھربانين جي سوچ ڪندوء ت ناڪامي ,نامرادين ۽ اڻ ھوند جو خيال اوھان وٽان غائب ٿي ويندو ۽ وري اوھان ھڪ نئين جاکوڙ ۾ جڙي ويندوء ..توھان جيڪي ب آھيو, جتي ب آھيو, رب مٺڙي جل شانا جي حوالي آھيو, جيڪو ئي ڪارساز آھي. شل ڪنھن جا ب دامي,درمي, ڪرمي, سخني محتاج ن ٿيو , جيو ۽ جيئڻ ڏيو, آمين.
ھوائون سرد ٿي رھيون آھن, گرم ويلي لاء ياد جو ٽانڊو دکي چڪو آھي. حياتيء جي ڊسمبر کي ٻڌايو ت پاڻ ڏانھن سوڙ سورڻ بند ڪري, ڇاڪاڻ ت اندر جي گرمي سندس ڏڪڻي کي ب ختم ڪري ڇڏيندي...

(روزاني ڪاوش 18 ڊسمبر 2016)

25/03/2024

Education is not about the bookish knowledge the true education is beyond earning degrees. It intends to implant moral values, positive thinking, ethical values, the attitude of helping, and the attitude of giving to society when one has got etiquette apart from that when one pulls in oneself from being sanctimonious. in a nutshell, education is all about positive change in your behaviour.
*Faraz Hussain*

15/03/2024

لکن ڪروڙن
شديد زخمن
سھي وڃڻ کان به پوء پيرن
چيو ته ھلبو اڃان به اڳتي
نه موٽجان اي مٺا مسافر
پھاڙ پاسو ڪندا اسان کان
رڻن مان رستا ڪڍي سگھون ٿا
نه زلزلا ڪجھ ڪري سگھن ٿا
نه ڪنھن به طوفان کان ڊڄون ٿا
جڏھن کان جھوميو جنون جيءَ ۾
اچي ويو اھڙو مزاج من ۾
محبتن ۾ کڻي وياسين
قدم قدم ڪائنات جيڏو
ھي عشق جو معجزو آ سائين
قيامتون گڏ کڻي ھلون ٿا
سچين ۽ سھڻين ، مٺين ۽ پيارين
دلين جا بنجي ڌڻي ھلون ٿا
اسان جي پيرن جا زخم ھر پل
ڪنھن مچ وانگر مچي چون ٿا
۽ مست ماڻھو نچي چون ٿا
اسان جي منزل پري آ ليڪن
اسان جي منزل اسان لئه آھي
اسان کي منزل ضرور ملندي
اسان کي منزل ضرور ملندي
(زاھد شيخ)

منهنجي لاءِ کوڙ قدر ۽ احترام لائق منھنجا استاد صاحبان!

هر وقت عزتَ ۽ فرحتَ بخشيندڙ منھنجا دوستو! منھنجا ساٿيو!

اسانجي ڪلاس جون هڙئي مانواريون ڪلاس ميٽ گرلز!

هي پروگرام منعقد ڪندڙ بيچ 2k21 جا ساٿيو ۽ ساٿياڻيون!

۽ هن محفل ۾ ويٺل ٻين سڀني مھمانن ۽ حاضرين کي
السلام عليڪم..
جيئي سنڌ..

توڙي جو منھنجي ڊائري ۾ ڪيترن ئي ماڻهن لفظن جو جادوگر، بيسٽ ڪميونيڪٽر، جهڙا وڏا لفظ لکي ويا آهن پر حقيقت اها آهي تہ مونکي هن گهڙيءَ سمجھ ۾ نٿو اچي ڪنھن رنگين ۽ ضخيم ناول جيان هتي گذاريل لمحن کي ڪهڙي طرح بيان ڪجي؟

چوندا آهن دوا ڪيڏي بہ سگهاري ڇو نہ هجي پر اها مئل ماڻهو کي جيئرو نٿي ڪري سگهي! بلڪل اهڙي طرح اڄ الائي ڇو آئون محسوس ڪريان ٿو تہ لفظ ڪيڏا بہ سَگهارا ڇو نہ هجن پر انهن ذريعي جيئن جو تيئن احساسَ ۽ دل جون ڪيفيتون بيان نٿيون ڪري سگھجن!

اڄ وڇوڙي جا جيڪي احساسَ اسان ڪمزور دلين جي جُھريل ڀتين ۾ سَمائي اوهان اڳيان اوڏل ٿيا بيٺا آهيون يا جيڪي نڪور جذبا ۽ وڇوڙي جا گهاءَ اڄ اسان هتان کنيون وينداسين سَمجھ ۾ نٿو اچي انهن کي ڪهڙن لفظن ۾ بيان ڪجي؟

هتي آخري پلَ ڄاڻي اسين جيڪي ساھَ کڻي رهيا آهيون ان جي صحي ترجماني فقط عباس تابش جي ان شعر سان ٿي سگهي ٿي تہ:
میرے سینے سے ذرا کان لگا کر دیکھو
سانس چلتی ھے کہ زنجیر زنی ھوتی ھے.

منھنجو اڄ ان ڳالھ تي پڪو ايمان ٿي ويو آهي تہ اڄ جيڪو الوداع چوڻ جو احساس مان گهر کان ڪاليج کڻي آيو آهيان يا جيڪو ٿوري دير بعد وڇوڙي جو وڍ کڻي هتان هميشہ هميشہ لاءِ گهر هليو ويندس ان کي بيان ڪرڻ لاء سنڌيءَ جهڙي شاهوڪار ٻولي بہ سُڃي محسوس ٿي رهي آهي..

هونئن تہ اسان جي سينن ۾ هزارين لفظن جا هٿيار موجود آهن پر اڄوڪي هن خوشيءَ ۽ غم واري گڏيل ڪيفيت ۾ فيصلو نٿو ڪري سگهان تہ لفظ وهائجن يا ڳوڙها؟ بي قراري ايتري وڌي وئي آهي جو رات گهڻي دير تائين مان بار بار ان شعر کي چپن تي آڻيندو رهيس تہ:
لے گیا چھین کے کون آج ترا صبر و قرار
بے قراری تجھے اے دل کبھی ایسی تو نہ تھی.

ڀل جا اسان جي سڃاڻپ لفظن ۽ نرالي انداز سان ٿيندي هجي پر اڄ الائي ڇو اهو لفظن جو جادو بي اثر ۽ انداز جي اڏام بي وس ٿي ڦڙ ڦڙائي رهي آهي!

ارنيسٽ هيمنگوي جي مشھور ناول the old man and sea جو سڀ کان مشهور جملو آهي ته Man can be destroyed but can not be defeated يعني انسان کي تباھ ته ڪري سگهجي ٿو پر ان کي هارائي نٿو سگهجي ساڳي ريت آئون چوڻ ٿو چاهيان ته هي ڪاليج، هت گذاريل ڏينهن، هتان جون سرديون، هتان جو گرميون! ساون وڻن جي ڇانوَ، رستن جي روح افروز رونق، ڪاليج جي اڱڻ تي کنيل هر هڪ قدمُ، ماکي جهڙيون مٺيون ۽ زهر جهڙيون ڪڙيون ڳالهيون، استادن جي استادي، يارن جي ياري، دشمنن جي دشمني، بي ساختہ ۽ جوڀن سان ڀَريل ٽهڪ، مرڪندڙ مُنهن سان هر روز ٿيندڙ آجيان، ٽوليءَ جي صورت ۾ گڏجي گهمڻ، ملاقاتون، ڪچهريون، سازشون، ڌڙڪا، ڌهمان، الزام، لفظن جي تلوار بازي، اسان جون ارڏائيون، ڏنگائيون، سرڪشيون، بي خوف عملَ، چنڊ جي گولائي جهڙا چهرا، سانوڻ جي مينهن جهڙيون چاهتون، نظرن جي تيرن جي تيراندازي، هوائن ۾ لهرائيندڙ وارَن جا وارَ، وڻندڙ خوشبوئن جي يادگيري، حَسين چهرن جي ڇڪَ، ماڻهن پاران ڏنل عزت، محبت ۽ رسڻ پرچڻ واري ريت وسري تہ سگهي ٿي پر مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نٿي سگهجي!

هي جيڪي پاڻ هتي چار سال گهاري ويٺا آهيون اُهي خبر ناهي ٻين لاءِ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا، پر گهٽ ۾ گهٽ اُهي مون لاءِ صرف چار سال ناهن اهي منهنجي زندگيءَ جو بيحد قيمتي اثاثو آهن ان شعر وانگر تہ:

میں نے اک عمر خرچ کی ہے تم پر،
تم میرا قیمتی اثاثہ ہو.

ڪاليج اچڻ جو پهريون ڏينهن 26 جنوري 2020 ڄڻ اڃان ڪالھ جي ڳالھ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي منهنجي اڳيان اُهي سمورا منظر تري آيا آهن جيڪي هتي گذاري ويٺا آهيون داخلا فارم وٺڻ کان انٽري ٽيسٽ، ڪاليج جو پهريون ڏينهن، پهرين سيميسٽر جون احساس ڪمتريون، سيپٽمبر مهيني ۾ سيميسٽر پهرين جا مڊ جا پيپر، ٻي سيميسٽر ۾ ڪميونيڪشن اسڪلس جي هڪ ڪلاڪ واري ڊاڪيومينٽري رڪاڊ ڪرڻ وارا ڏھَ ڏينهن، ٽئين سيميسٽر ۾ سائنس جي سبجيڪٽ ۾ هڪ يادگار پريزنٽيشن جو آغاز ڪرڻ ۽ پروفيسر شاھ نواز کهاوڙ جو اوچتو ۽ پهريون ڀيرو تاڙي وڄائڻ، چوٿين سيميسٽر ۾ پريڪٽيڪم ۽ سيمينار جي نہ وسرندڙ يادگيرون، پنجون سيميسٽر اسان جي هن ڪاليج ۾ اسان لاء هڪ ٻوٽي مان وڌي وڻ ٿيڻ وارو سيميسٽر ان ۾ ايجوڪيشنل سائڪلاجي کان وٺي هر مضمون کي دل سان پڙهڻ کان وٺي، هڪ مهيني جي ڪلاس پروٽيسٽ واري جدوجهد، ڇهين سيميسٽر ۾ اسان 13 دوستن جي مسلسل 2 هفتا هلندڙ پريزنٽيشنس جو سلسلو جنهن کي ''اَ پروجيڪٽ باءِ 13 ايليمينٽرنس'' جو نالو ڏيڻ ۽ يقين ۾ نہ ايندڙ ڳالهيون ڪري ڏيکارڻ، جنهن ۾ گذريل سال واري الوداعي تقريب منعقد ڪرڻ جنهن ۾ اسان جي سموري ڪلاس جنهن انداز ۾ سخت محنت ڪري جنهن سطح جو ان کي ڪامياب بڻايو هو ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
ستين ۽ اٺين جنهن لاء مان چوندو آهيان انهن ٻنهي سيميسٽرن ۾ اسان دوستن جو ڪلاس کان وڌيڪ وقت سامهون واري پارڪ ۾ گذريو آهي اهي سڀ منظر منهنجي اکين اڳيان چئو ڦير ڦري رهيا آهن. باوجود ان سڀ جي اسان لاء شاعر احمد سولنگيءَ جو هي شعر ڪيڏو نہ ٺهڪي اچي ٿو تہ:

ڪڏھن ڪنهن اسان کي قبوليو نہ دل سان،
ڪڙا گرھ آھيون اسان ڪانڌپي جا!

خبر ناهي پر ڇو تنهن هوندي بہ ڪجھ ڌرين پاران هميشہ اسان جي اڻ سڌي طرح رستا روڪ ڪئي وئي جيڪڏهن رستي روڪ بجاء ساٿ ڏنو وڃي ها تہ اڄ شايد منظر اڃان ڪجھ ٻيو هجي ها! باوجود ان جي اسان هتي پنهنجا اڻ مٽ اثر ڇڏيون وڃون ٿا، جنهن حوالي کان پاڻ هتي وقت گذاري وڃون پيا ان ۾ ممڪن ئي ناهي تہ اسان جي وجود کان ڪوئي انڪاري ٿئي. ڪوئي ان ڳالھ تي اختلاف ڪرڻ گهري تہ ڀلي ڪري پر اسان وڏي واڪي اها هام هڻي ٿا وڃون تہ batch 2k20 هن ڪاليج جي هڪ نهايت ئي غير معمولي بيچ هئي!

اسان جي بيچ جيڪي يادگار ڪم هتي ڪيا ان جو ڳاڻيٽو تہ گهڻو آهي ۽ اهو مشن اڄ بقايہ دوستن جي سپرد ڪري ٿا وڃون پر اُهي چند شيون ضرور ڳڻائبيون تہ اسان دوستن هن ڪاليج مان ٻوسٽ وارو ماحول ڪوري ڪپي ٻاهر ڦٽي ڪيو آهي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زبان فراهم ڪئي آهي، هڪٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو جاڳايو آهي، ڪنهن بہ قيمت تي عزت مٿان سروڪار نہ ڪرڻ جو رواج وڌو آهي، عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ جو اهڙو هنر متعارف ڪرايو آهي جو اڄ ڪاليج جي 90% سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي لاء اسان جا نالا ۽ چهرا ڌاريا ناهن اسان جي ڄاڻ مطابق اهڙي شهرت هن وقت تائين هتي ڪنهن جي حصي ۾ ناهي آئي!

اسانجي بيچ هن ڪاليج جي پهرين بيچ آهي جنهن پنهنجي دور ۾ 5 مختلف پرنسپل ڏٺا ۽ ويهن کان وڌيڪ اُستادن وٽ پڙهڻ جو شرف بہ اسان جي حصي آيو آهي هتي مان هڪ فرد کان وڌي ڪري اسان بحيثيت هڪ ڪلاس جي صورت ۾ هر هڪ محترم استاد:
پروفيسر منظور احمد ڏهر
پروفسر عبدالحفيظ کهڙو
پروفيسر شاھد پرويز ڀٽو
پروفيسر راشد علي راڄپر
پروفيسر ڪشور ڪمار
پروفيسر ديدار علي واهوچو
پروفيسر نياز احمد ملاح
پروفيسر عاشق علي ميمڻ
پروفيسر دين محمد سيلرو
پروفيسر محمد نواز شيخ
پروفيسر شاھ نواز کهاوڙ
پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو
سر آصف علي شاھ
سر ممتاز علي لوهار
پروفيسر نور مصطفيٰ سومرو
سر افسر علي ابڙو
سر عرفان علي ميمڻ
سر محمد گلفام ملڪ
سر انيس شاھ راشدي
سميت سڀني استادن جا پروفيسر نياز احمد ملاح جي ڳالھ جيان دل جي اندرين تهن سان ٿورائتا آهيون جن اسان جو سرڪشيون برداشت ڪيون ۽ ٻہ اکر علم جا ڏنا ۽ اسان دوستن بہ مختلف وقتن تي راشد مورائي جي هن شعر جي پوئواري ڪئي تہ:

هتي چار ڏينهن لئه مهمان راشد،
ڪس کائي رس کي رهائي هليو وڃ!

ڪنهن ليکڪ لکيو هو تہ ''مونکي اھڙا ماڻهو وڻندا آهن جيڪي طبيعت جا سخي هجن، دل کولي ٽهڪ ڏيئي سگهن ۽ وقت تي ڳراٽڙي پائي گڏ روئي سگهن. دوستي رکڻ سان گڏ دوستي نڀائڻ بہ ڄاڻن…!'' ۽ ڏسو ڪيڏو نہ حسين اتفاق آهي تہ هتي اچي مونکي اهڙا ئي دوست مليا آهن جن سُک ۾ تہ ساٿ ڏنو ئي آ پر ڏک ۾ بہ سَخي مرد بڻجي ڳوڙها ڳاڙڻ لاءِ پنهجا ڪُلھا آڇيا آهن! هي سامهون ويٺل منهنجا دوست ڊگرين جي ڊزنن کان تہ وڌيڪ آهن ئي آهن پر انهن جيتري عزت سان مونکي هنن چئن سالن ۾ نوازيو آهي ان جو مثال ڏيڻ مون لاء ناممڪن آهي.
سچ اهو آهي تہ اسان دوستن جي دوستي، دوستي کان وڌي هاڻي هڪ بيان نہ ڪري سگهڻ جهڙو Emotion بڻجي وئي آهي! خبر ناهي اها وقت سان گڏ جهڪي ٿي ويندي يا ٻري ٻري اڃان وڏو ڀڙ ڀڙ ٿي ويندي! مونکي تہ لڳي ٿو هي دوستي اسان جي جنازي تائين تہ ڪاڏي نہ وئي!
مان هن موقعي جو فائدو وٺندي انهن سمورن ماڻهن لاء ٻہ ٻہ لفظ ضرور چوڻ گهرندس جيڪي هن سفر ۾ منهنجي بيحد ويجهو رهيا آهن.

فراز حسين لاءِ مان چوندس هي منهنجو هن سموري سفر ۾ ساڄو هٿُ رهيو، هن کان بغير مان هجان ها، تہ اڌورو هجان ها!
سعيد احمد منهنجي ايڏو ويجهو آهي جو ڪاليج ۾ هن کي اسان جي گروپ جو ۽ اسان جي گروپ ۾ هن کي منهنجو ماڻهو چوندا آهن!
خليل ﷲ لاء چوندس تہ خليلَ! تنهنجي دوستي تي هاڻي مونکي فخر کان وڌيڪ غرور ٿيڻ لڳو آهي!
عبدالحسيب منهنجو شريف النفس دوست آهي جنهن جي دوستي ۽ سچائي پنهنجي مٽ پاڻ آهي!
عماد ڀٽو منهنجو نهايت صابرين ساٿي ۽ منهنجي دل جي گهڻو ئي ويجهو آهي!
فريد علي سومرو منهنجو تمام گهڻو دادلو دوست آهي ۽ ڏاڍو پيارو آهي..
علي حسين بروهي منهنجو هڪ اياڻو دوست، ننڍي ڀاءُ وانگر آهي جنهن سان گڏجي ڏنل ٽهڪ وسارڻ جهڙا هرگز ناهن..
امام علي ابڙو سنگت ۾ پنهنجي جداگانہ سڃاڻپ وارو شخص آهي هو بہ منهنجي بي بها يادگيرن جي خزانن ۾ سمايل هو، آهي ۽ رهندو..
مسعود علي عباسي جنهن کي مان سدائين قرب مان ''عباسي'' چئي سڏيندو آهيان اهو بہ ڏاڍو لائق ماڻهو آهي ان سان گڏ گذاريل وقت ۽ موٽ ۾ مليل سڪ سدائين ياد رهندي..
۽ ان کان علاوه اسانجي ڪلاس جو ڇوڪريون خاص طور ص ق، ش ڀ، س ڪ، ع ۽ س ش سيمت سڀني ڪلاس وارين ۽ وارن جي مهرباني جن سدائين لائق هجڻ کان وڌيڪ عزت ڏني ۽ پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ان پنهنجائپ لاء مان سندن سدائين شڪرگذار رهندس. معذرت سان هي صرف چند نالا آهن وقت جي تنگيءَ سبب سڀني جا نالا نٿا کڻي سگهجن پر حقيقت اها آهي تہ سڀني ماڻهن هڪ بهترين نموني نڀاءُ ڪيو آهي انهيءَ لاء مان سڀني جو دل جي حضور سان ٿورائتو آهيان.
هن موقعي تي مان سمنڊ جي پاڻي جي گهرائي کان وٺي آسمان جيڏي اوچائي جيڏو ٿورائتو آهيان پنهنجي دوستن جي محبت جو جن ''سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن'' ذريعي منهنجي سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (بي پي ايس 17) لاء سليڪشن ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ منهنجي ڪاميابي کي اسانجي ڪاميابي ڪري هتي ڪيڪ ڪٽڻ جو يادگار پروگرام بڻايو!

اڄ اسان جسماني طور هن اداري کي الوداع ڪريون ٿا پر اوهان سڀني ويٺلن کي يقين ڏياريون ٿا تہ جڏهن بہ هن اداري جي بهتري لاء اسانجي ڪنهن ساٿ جي ضرورت پئي تہ هڪ آواز ئي ڏجو اسان جبل جي پڙاڏي جيان يقيني موٽ ڏينداسن.. مهرباني!

سڃاتئي نہ سائل، خدا خوش رکئي
وڃون ٿا ڪري ديس، توکي دعائون!
(اياز)
All is well that ends well..
(بيچ 2K20 جي الوداعي تقريب جي موقعي تي 2K20 جي ساٿي ''مھتاب ڪلھوڙي'' جي ڪيل الوداعي تقرير جو متن..)

Photos from The Elementarians - Larkano's post 05/01/2024

(PART I)
Farewell Party for Batch 2K20🤍✨

30/12/2023

End of era..💔 leaving the place behind, but taking the treasure of memories with ourselves✨

22/12/2023

تمام گهڻي ڏک ۽ صدمي مان دوستن کي اطلاع ٿو ڏجي تہ اسان جي دوست عماد علي ڀُٽي جو والد محترم امداد علي ڀُٽو وفات ڪري ويو آهي (اِنّا لِلّهِ وَاِنّا اِلَيْهِ رَاجِعُوْن )

19/12/2023

The Last day at College🥹✨ Gonna miss it❤️

18/12/2023

After a long span of time "SINDHI CULTURE DAY" was observed at GECE(M)L🎉💞✨

14/12/2023

Finally, the day for real celebration.🎉 Kudos to our Friend cm brother, Mahtab Kalhoro,For being selected as a subject Specialist Sindhi (Bps-17) through Sindh Public Service Commission.

03/12/2023

Elementarians, As you all know, Batch 2k20 has just a couple of days in our college. It's been a tradition to farewell seniors with honor and respect, so from tomorrow, students of batch 2k20 will put their comment diaries beside the entrance gate. All the Elementarians(Girls and boys) are requested to write comments for their seniors and give them a chance to smile in future with your words and see them off with best wishes ahead for their new journey.❤️✨

Want your school to be the top-listed School/college in Larkana?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address


Larkana