عرض ڪيوسين قبلا
گمراھي کان بچڻ جو سڀ کان سولو ڏس ڪھڙو آهي؟
فرمايائون : ياد رکو ھميشہ نسبتن کي عقيدن تي پرکيو ڪڏهن به عقيدي کي نسبتن تي نه پرکيو.
Allama Muhammad Sami Qadri
Islamic scholar
16/05/2026
اڄ رات اسان جي پياري ڀاءُ محبت ۽ نسب واري سچي خدمتگار فقير ڪاشف رضا ڦلپوٽو سرتاجي جي نڪاح جي محفل آهي جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ کيس دعا ڏيڻ جي اوھان سڀني دوستن کي درخواست آهي.
ﷲ پاڪ کيس ڪنھن به نعمت کان محروم نه رکي ۽ فضل ۽ رحمت سندس مقدر بڻجي. آمين
فيس بوڪ جو شايد وڏي ۾ وڏو نقصان مردن کي اھو ٿيو آهي جو مردن ۾ عورتاڻي صفت ۽ طبيعت پيدا ٿي پئي آهي رڳو ھڪ ٻئي کي ميارون طعنه گاريون دڙڪا دھمان عجيب صورتحال آهي. افسوس صد افسوس
جڏهن چڱايون جتائڻ يا بدلي جي نيت سان ڪندا ته پڇتائيندا ۽ پوءِ فيس بڪ تي ويھي عورتن وانگر مائٽن، دوستن، شاگردن کي ميارون ڏينداچڱائي سڀ سان صرف ﷲ پاڪ خاطر ڪجي جيئن اجر ضايع نه ٿئي
دوستن کي دعوت
انشاءاللّٰہ اڄ رات 10 بجه افغان مسجد باقراڻي روڊ ھن عاجز جو بيان آهي.
ٽائيم ملي ته ضرور شرڪت فرمائيندا.
عرض ڪيوسين قبلا
مرشد ڪامل جي ڪا نشاني؟
فرمايائون : پُٽَ مرشد ڪامل اھو جيڪو مريد کي ڪامل ڪرڻ ۾ وسئون نه گھٽائي.
ڪو ڪنھن جو عاشق ته ڪو ڪنھن جو عاشق آ سچ پڇو ته اسان صرف ۽ صرف ھن عقيده حق اھلسنت جا عاشق آهيون ڇو ته مديني شريف جي سائينﷺ کان وٺي رھبر ڪامل تائين ھر نعمت ان عقيدي صدقي ملي.
تاريخ گواھ آهي ننڍن جي جن غلطين کي معمولي سمجهي وڏن نظرانداز ڪيو انھن غلطين اڳتي ھلي رياستون خاندان، عقیدہ، سڀ تباھ ڪري ڇڏيا. وڏن وٽ اڃان وقت آهي اُٿو سنڀاليو ان کان اڳ جوسرڪار ناراض ٿي پون
سچ پڇو ته ڪوئي حل ۽ طريقو نظر نٿو اچي بس تمام دوستن کي مديني شريف جي سائينﷺ جي پڳ مبارڪ جو واسطو ڏئي چوندس ته اھلسنت مٿان رحم ڪيو ھر قسم جي انتشار کان پاسو ڪريو.
جيستائين سڀ پنھنجا ماتحت نه سنڀاليندا تيستائين انتشار جاري رھندو. ھن عاجز جو ڪوئي شاگرد يا نسبت تعلق وارو اھلسنت جي نقصان جو سبب بڻيو ته دنيا آخرت ۾ ان کان لاتعلقي ۽ سرڪارﷺ وٽ دانھن آهي.
ھن ڀلاري ڏينھن جي ھر گھڙي ۾ بس ھڪ ئي دعا.
اي قادر رب اھلسنت منجهان ھر انتشار جو خاتمو ڪرڻ فرما. عقيده حق جو ھميشہ بول بالا فرما.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Larkana