Al-Rauf Cambridge School

Al-Rauf Cambridge School it is for education of students.

01/06/2024

Al Rauf Cambridge School requires following well qualified and experienced staff :
>Maths Teacher
>Islamiat Teacher
>Computer Teacher
>Lady teachers for Junior Section
>Security Guard
>Peon
>AYA
>Sweeper.
Note: Only Short listed candidates will be called for interview.
Contact:
03337541831,03111352224(WHATTSUP).

27/06/2023
Admissions open for session 2023-24
05/04/2023

Admissions open for session 2023-24

29/07/2022

اڄوڪي نشست ۾، هڪ پيءُ جي پنهنجي پٽ سان ڪيل خوبصورت ڪچهريءَ جو ترجمو پڙهون ٿا. مٽياري جي محترم قاضي مقصود احمد صاحب هي خط شيئر ڪيو هو، جيڪو هانگ ڪانگ جي هڪ مشهور ٽيليويزن براڊڪاسٽر پنهنجي پٽ کي لکيو. اهو براڊ ڪاسٽر پاڻ به ٻارن جي نفسيات جو ماهر آهي. هي خط سڄي دنيا ۾ بيحد مشهور ٿيو. جيڪڏهن غور سان پڙهجي ته اهو خط اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو پوءِ ڀلي ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، جوان هجي يا پوڙهو.

”پيارا پٽ!

ٽي سبب آهن جيڪي مون کي هي خط لکڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن.

(1) زندگيءَ ۾ سٺي يا خراب قسمت ۽ حادثن جو اوچتو ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي. ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه آهي ته هو ڪيترو عرصو جيئرو رهندو، تنهن ڪري اهو مناسب آهي ته مان توهان کي پهرين ئي ڪجهه ڳالهيون چئي ڇڏيان.

(2) مان توهان جو والد آهيان. جيڪڏهن مان توهان کي ڪجهه نه ٻڌائي سگهيس ته پوءِ ڪو به ٻيو ماڻهو توهان کي اهو سڀ ڪڏهن به ڪونه ٻڌائيندو.

(3) مان جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهيان، اهو منهنجن ڪڙن تجربن جو حاصل آهي ۽ شايد انهن تي عمل ڪرڻ سان اوهان بيشمار غير ضروري پريشانين کان بچي ويندئو.

هيٺيون شيون ياد رکجو.

جن ماڻهن جو سلوڪ توهان سان سٺو نه هجي، تن بابت شڪايت نه ڪندا ڪيو. مون کان ۽ توهان جي ماءُ کان سواءِ ڪو به ماڻهو توهان سان سٺي سلوڪ هلڻ لاءِ ٻڌل ناهي. جيڪي ماڻهو اوهان سان سٺو سلوڪ ڪن، انهن جو قدر ڪجو ۽ انهن جا شڪر گذار رهجو. ها اوهان کي ان ڳالهه کان ضرور خبردار رهڻ گهرجي ته هر ماڻهو جي سٺي رَوئِيي پويان ڪو نه ڪو مقصد ضرور هوندو آهي. جيڪڏهن ڪير اوهان سان سٺو سلوڪ ڪري ٿو ته ان جو اهو مطلب بلڪل به ناهي ته هو ڪو اوهان کي پسند ڪري ٿو. توهان کي احتياط ڪرڻ گهرجي ۽ تڪڙ ۾ کيس حقيقي دوست نه سمجهڻ گهرجي.

دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اڻٽر ناهي. لازم ناهي ته دنيا جي هر شيءِ اوهان جي ملڪيت هجي. جي اها ڳالهه اوهان جي ذهن ۾ پڪي پختي ٿي وئي ته اوهان لاءِ زندگي گذارڻ بنهه سولو ٿي ويندو. خاص طور تي اهڙين حالتن ۾، جڏهن توهان جي چوڌاري موجود ماڻهو، توهان کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ نه گهرندا يا توهان جي محبوب شيءِ اوهان وٽ موجود نه رهَي.

زندگي بيحد مختصر آهي. جيڪڏهن اڄ اوهان پنهنجي زندگيءَ جون گهڙيون وڃائي رهيا آهيو ته ايندڙ سڀاڻي اوهان کي اهو ٻڌائيندي هوندي ته زندگي توهان کي ڇڏي وڃي رهي آهي. جيترو جلدي اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ مليل خزانن مان فائدو حاصل ڪري سگهندئو، اوترو ئي گهڻو اوهان زندگي جو مزو ماڻي سگهندئو. زندگي عارضي احساسن جو نالو آهي ۽ وقت، عمر ۽ موڊ ساڻ اهي احساس ڌنڌلا ٿيندا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪا محبوب شيءِ اوهان کي ڇڏي ڏئي ٿي ته صبر جو دامن هٿان نه وڃايو، وقت سان زخم ۽ ڏک ڀرجي ويندا. ڪڏهن به محبت ۽ حسن بابت وڌائي نه ڳالهايو ساڳئي نموني محبت جي وڃڻ کان پوءِ ڏک ۾ به وڌاءُ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪيو.

دنيا ۾ بيشمار ڪامياب ماڻهو، سٺي تعليم حاصل نه ڪري سگهيا، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته توهان پڙهائيءَ ۾ محنت کان ڪم نه وٺو. توهان جيڪو به علم حاصل ڪندا آهيو، اهو اوهان جو هٿيار بڻجي ويندو آهي. ڪو به ماڻهو ڪاميابيءَ تائين پهچي سگهي ٿو پر شرط اها آهي ته هو شروعات ته ڪري. پوءِ ڀلي اها شروعات هڪ ننڍڙي شيءِ کان ڇو نه هجي.

مان ان اميد تي نه پيو جيئان ته جڏهن مان پوڙهو ٿي ويندس ته توهان منهنجو مالي سهارو بڻجندؤ پر اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن توهان وڏا ٿي ويندؤ ته پوءِ توهان کي سهاري ڏيڻ جي منهنجي ذميداري ختم ٿي ويندي. تنهن کان پوءِ اوهان کي ئي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته توهان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندئو يا ليموزن جهڙي قيمتي ڪار ۾. امير بڻجندؤ يا غريب.

پنهنجي قول جي پاسداري ڪجو پر ٻين مان اها اميد ڪڏهن به نه رکجو ته هُو به ائين ئي ڪندا. توهان ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو پر ٻين مان اهڙي ڪا به اميد نه رکو. جيڪڏهن توهان اها ڳالهه نه پيا سمجهو ته توهان کي عملي ميدان ۾ غير ضروري مشڪلون آڏو اچي سگهن ٿيون.

مون هر سال الائي ڪيتريون لاٽريُون خريد ڪيون پر ڪڏهن به ڪنهن لاٽريءَ ۾ منهنجو ڪو هڪڙو به انعام نه نڪتو. ان ڳالهه مان اوهان اهو اندازو لڳائي سگهو ٿا ته دولتمند بڻجڻ لاءِ توهان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي. مفت ۾ ماني ناهي ملندي.

منهنجو ۽ اوهان جو ساٿ هن دنيا ۾ الائي ڪيترو هوندو!؟....اچو، جيڪو وقت اسان کي مليو آهي، ان مليل وقت جي خزاني مان مزو ماڻيون. اسين نٿا ڄاڻون ته ايندڙ زندگيءَ ۾ اسان کي هڪٻئي سان ملڻ نصيب ٿيندو به الائي نه.

توهان جو والد.“

هن خط کي وري پڙهو. پنهنجي اولاد کي چئو ته اهو ٽي ڀيرا پڙهي. (Copied)

03/01/2022
14/07/2020

All the Al-Raufians are advised to send your Android Mobile numbers as we may conduct your classes on Zoom,Google classroom,Whattsup,
facebook messenger, IMO. Please submit the homework till 15th of July 2020.New Homework is ready. You may collect new homework after submitting the previous one. New session 2020-21 online classes will be started from 15th of July 2020.Please buy new course books as soon as possible.
Thanks and Best Regards

22/02/2020

Al-Raufians during rehearsal

01/09/2017

Al-Rauf Cambridge Academy & School system Larkana Campus wishes you a very Happy eid.May this eid bring alot of joys and happiness.

Address

Wakeel Colony
Larkana Lines
77430

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Friday 09:00 - 17:00

Telephone

+923337541831

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Al-Rauf Cambridge School posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Al-Rauf Cambridge School:

Shortcuts

Share