I.B Khuhro Public School Larkana

I.B Khuhro Public School Larkana Give Children the weapon called
Education. They will definitely win the war called Poverty. Change through Education

*السلام عليڪم محترم والدين*اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته * ڇنڇر ۽ آچر تي اسڪول بند رهندو.*۽ *سومر کان اسڪول معمول مطابق ک...
21/08/2026

*السلام عليڪم محترم والدين*

اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته * ڇنڇر ۽ آچر تي اسڪول بند رهندو.*

۽ *سومر کان اسڪول معمول مطابق کليل هوندو.*

اسڪول جي ٽائيم *صبح 8:00 بجي کان منجهند 2:30 بجي تائين* هوندي.

مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي وقت تي اسڪول موڪليو.

*مهرباني*
پاران اسڪول انتظاميه آء بي کھڙو ھاء اسڪول لاڙڪاڻو

السلام عليڪم محترم والدين اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته ڇنڇر جي موڪل جي ڪري، گورنمينٽ جي جاري ڪيل شيڊول مطابق اسڪول جي رو...
21/08/2026

السلام عليڪم محترم والدين

اوهان کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته ڇنڇر جي موڪل جي ڪري، گورنمينٽ جي جاري ڪيل شيڊول مطابق اسڪول جي روزاني ٽائمنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري هاڻي شاگردن لاءِ ڇنڇر ۽ آچر تي هفتيوار موڪل هوندي، جڏهن ته باقي ڏينهن اسڪول جي وڌايل وقت مطابق تدريسي سرگرميون جاري رهنديون.
محترم والدين! اوهان کان گذارش آهي ته هفتيوار موڪلن دوران ٻارن کي مناسب آرام، تفريح ۽ خاندان سان معياري وقت گذارڻ جو موقعو فراهم ڪريو، ته جيئن هو نئين تعليمي هفتي جي شروعات تازگي ۽ ذهني سڪون سان ڪري سگهن.
ان سان گڏ، اسڪول جي وڌايل ٽائمنگ کي نظر ۾ رکندي ٻارن لاءِ روزانو مناسب ۽ صحت بخش لنچ باڪس ضرور موڪلين. مناسب خوراڪ ٻارن کي توانائي فراهم ڪندي، جنهن سان هو ڊگهي اسڪول ٽائمنگ دوران پنهنجي پڙهائي، ڪلاس سرگرمين ۽ ٻين تعليمي ڪمن ۾ وڌيڪ دلچسپي ۽ توجهه سان حصو وٺي سگهندا.
والدين جي تعاون سان ئي ٻارن جي تعليم، صحت، نظم و ضبط ۽ بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. تنهن ڪري اوهان جي مسلسل سهڪار ۽ ذميواريءَ واري رويي جي اميد رکون ٿا.
اوهان جي تعاون ۽ سهڪار جا دل سان ٿورائتا آهيون.
پاران اسڪول انتظاميه
*آء بي کھڙو ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪانه*

15/08/2026

14 آگسٽ آزاديءَ جي ڏهاڙي جي شاندار ريلي

آءِ. بي. کھوڙو هائر سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو پاران 14 آگسٽ، آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي شاندار ريلي ڪڍي وئي. ريلي اسڪول کان شروع ٿي، لاڙڪاڻي جي مختلف روڊ رستن تان گذرندي پريس ڪلب لاڙڪاڻو تائين پهتي.

ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ عملي وڏي جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. شاگردن پاران “پاڪستان زنده باد” ۽ “سنڌ زنده باد” جا نعرا هڻي وطن سان محبت ۽ قومي جذبي جو اظهار ڪيو ويو.

ان موقعي تي سر محمد صالح کوهڙو پڻ تقرير ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي آزادي، تاريخ ۽ اهميت بابت شاگردن کي آگاهي ڏني وئي.

هن ريلي جو بنيادي مقصد شاگردن ۾ حب الوطني، قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ آزاديءَ جي قدرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ هو. تقريب ۾ اسڪول جي سڀني شاگردن ۽ استادن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ آزاديءَ جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو.

پاڪستان زنده باد! 🇵🇰
سنڌ زنده باد!
آئی بی کھڑو اسکول زندہ باد

14/08/2026

Documentary of IB khuhro higher secondry school larkana

14/08/2026
14/08/2026

Independence Day Celebration

I.B. Khuhro Higher Secondary School, Larkana

I.B. Khuhro Higher Secondary School, Larkana, proudly celebrated 14th August, Pakistan Independence Day, with great enthusiasm and patriotic spirit.

The celebration included the hoisting of the national flag, national songs, speeches, and various activities by students and teachers. The event highlighted the importance of freedom, unity, discipline, and love for our beloved country.

Pakistan Zindabad! 🇵🇰

*Independence Day Celebration at I.B Khuhro Higher Secondary School, Larkana*14th August Jashn-e-Azadi was celebrated wi...
14/08/2026

*Independence Day Celebration at I.B Khuhro Higher Secondary School, Larkana*

14th August Jashn-e-Azadi was celebrated with great zeal and enthusiasm at I.B Khuhro Higher Secondary School Larkana. Students delivered passionate speeches and performed on national songs with full patriotic spirit. 🇵🇰

حيدر آباد جي انڊس ھوٽل ۾ بيسٽ ايجوڪيشنسٽ ايوارڊس 2026 جي تقريب ٿي. فري جنرلسٽ فائونڊيشن ( ايف جي ايف) ۽ آزاد اسڪول سسٽم ...
14/08/2026

حيدر آباد جي انڊس ھوٽل ۾ بيسٽ ايجوڪيشنسٽ ايوارڊس 2026 جي تقريب ٿي. فري جنرلسٽ فائونڊيشن ( ايف جي ايف) ۽ آزاد اسڪول سسٽم طرفان ٿيل تقريب جو مک مھمان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو مينيجنگ ڊائريڪٽر گھنور علي لغاري ھيو، جڏھن ته ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي،وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڊاڪٽر فتح مري، نان فارمل ايجوڪيشن جو ڊائريڪٽر عبدالجبار مري اعزازي مھمان ھئا.تقريب ۾ ايف جي ايف چيئرمين رئوف چانڊيو آجياڻو ڏنو. تقريب ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي پارٽنر شپ سان مفت معياري تعليم ڏيندڙ 46 پارٽنرس جي اسڪولن جون ڊاڪيومينٽريون ڏيکاريون ويون. ۽ انھن پارٽنرس کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا... سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر گھنور علي لغاري پارٽنرس جي سٺي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته اھڙا پروگرام سٺي روايت آهي، پارٽنرس کي ھڪ ٻئي جي اسڪولن جو مطالعاتي دورو ڪرڻ کپي ته جيئن ھڪ ٻئي کان سکي سگھن... ان موقعي تي ايم ڊي سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن گھنور لغاري ،ڊائريڪٽر پروگرامس نثار ٻانڀڻ ،ڊائريڪٽر آء ٽي اينڊ مانيٽرنگ نواب ظفر علي، ريجنل ھيڊ حيدرآباد رخسانا لغاري ،نان فارمل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر عبدالجبار مري، جائيڪا جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر حبيب الله خاصخيلي ۽ ٻين کي تعليمي خدمتن تي خصوصي ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب ۾ سيف جي اسڪولن جشن آزادي جا ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.. تقريب ۾ سيف جي ريجنل ھيڊ ميرپورخاص امام بخش آريسر، ڄامشورو جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ علي مرتضا جانوري ،مٽياري جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ جھانگير کوکر ،حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ غلام مرتضا قائمخاني ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي..

Address

Larkana Lines

Telephone

+92744759955

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when I.B Khuhro Public School Larkana posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to I.B Khuhro Public School Larkana:

Shortcuts

Share

Category