16/03/2026
سماج کي تعليم ذريعي تبديل ڪرڻ واري پنڌ ۾ اسان ۽ اسان جا محنتي ٻارڙا...
ڪالھ، FAS ڪنجل فيري ايليمينٽري اسڪول جا شاگرد پريمچند، صبحان علي، محمد صائم، وڪرم ڪمار، ڌنيش ڪمار پنهنجي بهترين استادن سر مدن لال ۽ سر پرڪاش ڪمار جي رهنمائي هيٺ SSESP اسڪالرشپ ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ويا. انھن جي تياري، جوش ۽ جذبو اھو صاف ظاھر ٿو ڪري هي ٻارڙا هن علائقي جي هزارين ٻين ٻارڙن لاءِ مثال قائم ڪندا، پڙهندا ڪاميابيون ماڻيندا، اهو طي آهي...
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن اسسٽڊ ڪنجل فيري اسڪول جا استادن ۽ انتظاميه پاران هنن محنتي ٻارڙن لاءِ نيڪ تمنائون.