12/06/2024
ھي اسڪول تعلقه کپرو يوسي بانڪو چانھيون کان 40 ڪلوميٽر اوتر طرف اڇڙي ٿر جو آ. ھي اسڪول ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ ڪري تيار ڪيو آ ھن اسڪول کي ٻه سال ٿي ويا آھن پر اڄ تائين ڪنھن سياسي ماڻھون يا تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سار ھي نہ لٿي ڇو آخر اسان جو ڏوهه ڇا آھي ڇا تعليم اسان جو حق ناهي. نه ھنن معصوم ٻارڙن جي لاء پڙهڻ لاءِ ڪا بلڍينگ آ نه وري ويھڻ لاءِ ڪرسيون جيڪي ڪرسيون نظر اچن پيون ھي ڪرسيون ڳوٺاڻن پاڻ ورتيون آھن پر اڇڙي ٿر جا ٻيا ڪيترا اسڪول آھن جتي استاد وڃڻ لاءِ انڪاري آھن ۽ پگھارون کڻڻ لاءِ سڀنن کان پھرين لائين ۾ ھوندا آھن پر ڪڏھن به تعلقه ايجوڪيشن آفيسر اسڪول وزٽ نه آھن ڪجھ استاد ته ٻين شھرن ۾وڃي ڪري پرائيويٽ نوڪريون ڪري رھيا آھن .اسان ڇا سمجهون تعلقه ايجوڪيشن آفيسر يا سياسي ڪامورا انھن سان مليل آھن..
اڇڙي ٿر جي عوام لاءِ نه روڍ رستا ني بجلي نه وري سگنل اسان انھن سڀني شين کان بغير رھي ٿا سگھون پر تعليم کان سواءِ رھن ھنَ جديد دور ۾ ناممڪن آھي خدارا اسان جو بنيادي حق تعليم ڏيو....
جئين گرمين جون موڪلون ختم ٿينديون اگر ڪنھن به اڇڙي ٿر جي اسڪولن جا استاد اسڪول نه آيا ته اسان اُنھن خلاف قانوني ڪاروائي ڪنداسين.....