GBPS Muhammad Hayat Bozdar

GBPS Muhammad Hayat Bozdar Govt. Primary School Muhammad Hayat Bozdar - 407020161

13/04/2026


اڄ  اسڪول ۾ ڪلاس پنجين جو ساليانو رزلٽ وڏي خوشي ۽ فخر سان اعلان ڪيو ويو 📚✨پوزيشن هولڊر شاگرد:🥇 پهرين پوزيشن: ڪليم ﷲ بوزد...
13/04/2026

اڄ اسڪول ۾ ڪلاس پنجين جو ساليانو رزلٽ وڏي خوشي ۽ فخر سان اعلان ڪيو ويو 📚✨
پوزيشن هولڊر شاگرد:
🥇 پهرين پوزيشن: ڪليم ﷲ بوزدار
🥈 ٻي پوزيشن: قرت العين بوزدار
🥉 ٽين پوزيشن: وڪرم ڀيل
انهن قابل شاگردن کي سندن شاندار ڪارڪردگي تي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، جيڪا سندن محنت، لگن ۽ قابليت جو بهترين ثبوت آهي 👏
پرائمري تعليم هر شاگرد جي زندگيءَ جو بنياد هوندي آهي، ۽ هن مرحلي تي ڪيل محنت سندن مستقبل کي روشن بڻائيندي آهي. اسان جا استاد هميشه پنهنجي شاگردن جي رهنمائي لاءِ پرعزم آهن ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته شاگردن کي پڙهائي ڏانهن راغب ڪري انهن کي ذهني طور مضبوط ۽ قابل بڻايو وڃي ✍️
اسان سڀني استادن جون دل جي گهراين سان دعائون آهن ته اهي شاگرد پنهنجي تعليمي سفر کي جاري رکن، وڌيڪ محنت ڪن ۽ پنهنجي والدين، استادن ۽ اسڪول جو نالو روشن ڪن 🌟
مبارڪون سڀني ڪامياب شاگردن کي! 🎉

پاران : جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار

جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار ساليانه امتحان 2025_2026الحمدﷲ، جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار ۾ اڄ فائنل ايگزامينيشن باقاع...
02/03/2026

جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار
ساليانه امتحان 2025_2026

الحمدﷲ، جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار ۾ اڄ فائنل ايگزامينيشن باقاعده طور تي شروع ٿي ويا. اسڪول ۾ صبح کان ئي تعليمي ماحول جوش ۽ جذبي سان ڀرپور نظر آيو. سڀئي شاگرد پنهنجي حاضري يقيني بڻائيندي وقت سر امتحان ۾ شامل ٿيا.
هر شاگرد جي دل ۾ اها خواهش هوندي آهي ته هو سٺن نمبرن سان پاس ٿي نه صرف پنهنجي ڪلاس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪري، پر پنهنجي اسڪول ۽ والدين جو نالو به روشن ڪري. اڄ ڪي جي کان وٺي پنجين درجي تائين امتحاني پيپر ورتا ويا، جڏهن ته ٽين، چوٿين ۽ پنجين جماعت لاءِ انگريزي جو پيپر پڻ منظم طريقي سان منعقد ڪيو ويو.
والدين جي به اها ئي سوچ ۽ اميد هوندي آهي ته سندن ٻار محنت ڪري بهترين نتيجا حاصل ڪن. اسڪول انتظاميا ۽ استادن جي گڏيل ڪوششن سان امتحاني عمل شفاف ۽ پرامن ماحول ۾ جاري آهي. دعا آهي ته الله پاڪ سڀني شاگردن کي ڪاميابي عطا فرمائي ۽ سندن محنت کي قبول ڪري...

پاران: جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار

14/02/2026

Alisha & Sehrish Rind

استاد ھڪ عظيم ھستي آھي، ھن معاشري جي بھتري ۽ ڀلائي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ھو ڪھڙين مشڪلاتن کي منھن ڏيئي ٿو اھو صرف...
24/01/2026

استاد ھڪ عظيم ھستي آھي، ھن معاشري جي بھتري ۽ ڀلائي لاء پنھنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ھو ڪھڙين مشڪلاتن کي منھن ڏيئي ٿو اھو صرف ھڪ استاد ڄاڻي ٿو تہ ھو ھڪ ٻار کي بھتر شاگرد ڪيئن ٿو بڻائي. تنھن استاد جو بہ حق آھي تہ ھن معاشري جي باشعور ماڻھن پاران انھن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي.
اڄ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد حيات بوزدار ۾ استادن جي بھترين ڪارڪردگي ۽ گھٽ سھولتن باوجود شاگردن جي ھڪ وڏي انگ کي تعليم ۽ شعور ڏيندڙ سڀني مانوارن استادن کي اسڪول جي ايس ايم سي جي ٽيم طرفان ايپريسييشن سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو ۽ ان موقعي تي ڪجھ وقت پھرين ھن اسڪول ۾ آيل ھڪ نئين معزز استاد عابد حسين قائمخاني کي اجياڻي طور ڳوٺ جي نيڪ مرد عبدالعظيم بوزدار پاران اجرڪ پارائي ويلڪم پڻ ڪيو ويو. ان موقعي تي ايس ايم سي چيئرمين عبدالعزيز ۽ ميمبرن مان اسد علي، نياز محمد، رضا علي، ڪاشف علي ۽ عبدالقدير شرڪت ڪئي.

جي بي پي ايس محمد حيات بوزداراڄ اسڪول ۾ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪي جي کان ڪلاس پنجين تائين جي شاگردن ۾ انعام ...
24/01/2026

جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار

اڄ اسڪول ۾ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪي جي کان ڪلاس پنجين تائين جي شاگردن ۾ انعام ورهايا ويا. هر شاگرد پنهنجي نتيجي جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيو هو، ڇو ته اهڙا پروگرام شاگردن جي حوصلا افزائي جو اهم ذريعو هوندا آهن.
حوصلہ افزائي وارا پروگرام شاگردن جي ذهني صلاحيتن کي وڌائين ٿا ۽ انهن ۾ صحتمند مقابلي سان گڏ تخليقي صلاحيتن کي به اجاگر ڪن ٿا.
پروگرام ۾ ڳوٺ جي معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ عبدالعظيم بوزدار، اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽي (SMC) جي چيئرمين عبدالعزيز بوزدار ۽ اسد علي بوزدار رضا علي ، ڪاشف علي ،نياز محمد بوزدار ،عبدالقدير شامل هئا.
مهمانن ۽ استادن جي هٿان سڀني شاگردن کي انعام ورهايا ويا، جنهن سان شاگردن ۾ خوشي ۽ جوش ڏسڻ وٽان هو.

پاران جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار

20/01/2026

اڄ بي پي ايس محمد حيات بوزدار اسڪول جي اسيمبلي دوران معصوم شاگردن جي حالت ڏسي دل ڏکي ٿي وئي. اهي ٻار پري پري کان پنڌ ڪري اسڪول اچن ٿا، ڪي ته اهڙا به آهن جن جي پيرن ۾ چپل به ناهي، پر پوءِ به بنا ڪنهن بهاني جي روزانو اسڪول اچي پنهنجي حاضري يقيني بڻائين ٿا.
تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته جنهن اسڪول ۾ 235 شاگردن جي انرولمينٽ آهي، ان کي سوتيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. بار بار واعدن باوجود، آخرڪار هن اسڪول جو نالو مڊل اسڪولن جي لسٽ شمار ٿيل هو پوءِ آخر ڇو ڪٽي ڇڏيو ويو، بلا آفيسرن کان اسان اهو مطالبو ٿا ڪريون برائي مهرباني جي بي پي ايس محمد حيات بوزدار سيمس ڪوڊ 407020161 کي مڊل اسڪول جو درجو ڏنو وڃي تاڪي غريب پاڙي جا شاگرد پنهنجي گهر جي ويجھو پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن .
خدارا! الله پاڪ جو خوف ڪريو. هي معصوم ٻار ئي هن معاشري جو مستقبل آهن. انهن کي تعليم جون مڪمل سهولتون ڏيو، جيئن هو سٺي نموني سان پنهنجي پڙهائي اڳتي جاري رکي سگهن.

✍️ پاران: بي پي ايس محمد حيات بوزدار




01/01/2026

29/12/2025

Address

Dhilyar Road
Khipro
68330

Opening Hours

Monday 08:00 - 02:00

Telephone

+923492425428

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Muhammad Hayat Bozdar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category