GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro

GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro, School, Village Abdul Wahid Lashari, Khipro.

04/11/2025
Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 04/11/2025

اسڪول بيسڊ ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ ٽريننگ ۽ سيفٽي پلان، موڪ ڊريلز، ٽپس ۽ اينوائرنمينٽ ڪلب
03-11-2025 تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري ۾ اسڪول بيسڊ ڊزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ (School Based Disaster Risk Management) جي تربيت جو اجلاس منعقد ڪيو ويو.
هي پروگرام MRDO جي طرفان آرگنائيز ۽ PPAF ۽ سنڌ حڪومت جي سپورٽ ڪيو ويو
ٽرينر: عبدالجبار لغاري
شرڪت ڪندڙ: MRDO جي نمائندن ۽ اسڪول جي ٽيچرن محمد قاسم لاشاري ۽ انيس احمد لاشاري شرڪت ڪئي. .
پروگرام ۾ هي سرگرميون شامل هيون:
سوال جواب سيشن: شاگردن جي وچ ۾ مفيد سوال جواب ڪيو ويو.
فزڪل سرگرميون: مختلف حفاظتي مشقون ۽ موڪ ڊريلز عملي طور تي ڪري ڏيکاريا ويا.
سيٽ اپ ٽپس: ڊزاسٽر دوران اسڪول ۾ حفاظتي انتظامات، ايمرجنسي ايگزيٽ پلان ۽ حفاظت جون هدايتون شيئر ڪيون ويون.
انورانمينٽ ڪلب: ماحولياتي شعور ۽ ڊزاسٽر جي تياري بابت شاگردن کي مشقون ۽ سرگرميون ڪرائي ويون ويون.
هي ٽريننگ سيشن شاگردن کي قدرتي سببن سبب ٿيندڙ حادثن کان بچاءَ، حفاظتي رهنمائي ۽ ايمرجنسي جي تياري جي اهميت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تمام ڪارائتو رهيو.
شاگردن ۽ ٽيچرز ٻنهي فعال شرڪت ڪئي ۽ ماحولياتي ۽ حفاظتي شعور وڌائڻ لاءِ تجويزون شيئر ڪيون.
ايم آر ڊي او ۽ پي پي اي ايف حڪومت سنڌ جي شراڪت سان اهڙي قسم جون ٽريننگس شاگردن ،نوجوانن ۽ اسڪول ڪميونٽي لاءِ انتهائي اهم آهن

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 28/10/2025

مھرباني ادي شازيه عطا مري صاحبہ
اسان جي اسڪول گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري ۾ فرنيچر جي تمام وڏي کوٽ هئي شاگرد ڏاڍي مشڪلات سان پڙهندا هئا اسان جي تڪ جي ايم اين اي شازيا عطا مري صاحبه جا شڪر گذار آهيون جنهن جي تعاون سان اسان جي اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ پوري ٿي ۽ هاڻي شاگرد آساني سان تعليم پرائي رهيا آهن.

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 06/02/2025

03-02-2025 تي گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري تعلقه کپرو ضلع سانگھڙ ۾ پرائمري ايڊيوڪيشن ڊپارٽمنٽ کپروجي تعاون سان ستن پرائمري اسڪولن جي وچ ۾سائنس، آرٽ ۽ تقريرن جي مقابلي جو انعقاد ڪيو ويو جنهن ۾ مهمان خاص ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري، ارباب علي سميجو تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري فيميل کپرو ۽ حسن علي لغاري تعلقه ايڊيوڪيشن آفيسر پرائمري ميل کپرو ربن ڪاٽي ميلي جو افتتاح ڪيو، گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري، گورنمنٽ پرائمري اسڪول غلام محمد لاشاري گورنمنٽ پرائمري اسڪول طيب بوزدار، گورنمنٽ پرائمري اسڪول جان محمد لنڊ، گورنمنٽ پرائمري اسڪول پيراڻو بوزدار، گورنمنٽ پرائمري اسڪول ٻڍو خان بوزدار، گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالڪريم سميجو حصو ورتو. جڏهن ته ٻين معززين پڻ نمائش ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ غلام شبير هنگورجو ٽي اي او سيڪنڊري ميل کپرو، شاھ عبدالطيف ايوارڊ يافته استاد لقمان لغاري،پرائمري ٽيچر ائسوسيشن جي تعلقه صدر پيربخش راڄڙ، استاد حسين بخش راڄڙ، اسد علي بوزدار، غلام علي راڄڙ، غلام محمد لاشاري، ڊاڪٽر محمد ذاڪر لاشاري، عبدالحفيظ لاشاري، عبدالمجيب لاشاري، آفتاب لاشاري، غلام سرور بوزدار، عبدالعليم بوزدار،قربان علي بوزدار، سڄڻ خان لاشاري، سجاد علي لاشاري،نفيس احمد لاشاري، ثناالله لاشاري، ياسر لاشاري محمد رمضان درس، غلام سرور قائم خاني، صالح بوزدار،ڀارومل، عبدالستار بوزدار، اختر علي لنڊ، ظهير احمد لنڊ ۽ مختلف اسڪولن جي استادن، ڳوٺاڻن، علائقي جي معززين ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، سائنس جي نمائش ڏٺي، استاد ۽ شاگردن جي محنت کي خوب ساراهيو. شهباز علي لاشاري، محمد عمير شيخ۽ بابر علي ميمڻ جج ۽ افضل حسين ۽ عمران علي بوزدار ڪمپيئرنگ جا فرائض انجام ڏنا آخر ۾ ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري طرفان نمايان پوزيشن کڻندڙ سڀني شاگردن ۾ ٽرافيون ۽ نقد انعام وراهايا ويا، مقررين ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري، اسڪول جي هيڊ ماسٽر محمد قاسم لاشاري ۽ ان جي ٽيم ۽ ڳوٺاڻن ۽ گورنمنٽ پرائمري اسڪول جي استادن طرفان بهترين پروگرام منعقد ڪرڻ تي کين خوب داد ڏنو ۽ چيو ته اهڙا پروگرام اسان جي اسڪولن جي ٻارڙن جي لاءِ ضروري آهن تن سان ٻارن ۾ ڪافي شعور اچي ٿو ۽ اهڙا پروگرام ضرورٿيڻ گھرجن.

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 10/12/2024

اڄ تاريخ 2024-12-10 تي گورنمنٽ پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري ثقافتي ڏيھاڙو ملھايو ويو جنھن ۾ايس ايم سي چيئرمن ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي پروگرام ۾ ثقافتي رنگن ۾ سينگاريل شاگردن طرفان تقريرون مختلف قسم جا ٽيبلو; خاڪا ۽ ثقافتي گيتن تي پروڊي ۽ جھمريون ڪري ڏيکاريون ۽ ڊاڪٽر شاھ بخش لاشاري طرفان تعليم جي بھتري لاء شاگردن ۾ جامينٽري; پينسل; شاپنر; اريزر; اسڪيل; ڪاپيون ۽ سليٽون ورھايون ويون ۽ آخر ۾ ھو جمالو تي پروگرام جو اختتمام ڪيو ويو.

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 03/10/2024

During Assembly

Monitoring Officer join in Assembly GBPS Abdul Wahid Lashari Taluka Khipro District Sanghar

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 24/09/2024

During Assembly
24-09-2024
GBPS Abdul Wahid Lashari Taluka Khipro District Sanghar

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 06/09/2024

GBPS Abdul Wahid Lashari Assembly view & Celebration Pakistan Defence day on dated 06-09-2024

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 23/05/2024

Annual Examination 2023-24

گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالواحد لاشاري ۾ ساليانا امتحان 24-2023 جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا ۽ بھترين ڪارڪردگي پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورھايا ويا.

Photos from GBPS Abdul Wahid Lashari Khipro 's post 20/03/2024

GBPS Abdul Wahid Lashari Assembly view on dated 20-03-2024

Want your school to be the top-listed School/college in Khipro?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Village Abdul Wahid Lashari
Khipro
68330