GBLSS Faiz Muhammad Hingorjo, Taulka Khipro
To Teach is to Learn
If the education department does not have a biometric system, is it possible for all the teachers to perform their duties sincerely?
What do you say about it?
kindly give us positive response.
گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول فيض محمد هنگورجو ۾ ڇاھترين جشن آزادي جي تقريب جي موقعي تي اسڪول جي شاگردن اُستادن ڳوٺاڻن سميت والدين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جشن آزادي جي موقعي تي تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي قومي پرچم قومي تراني کان سواءِ اسڪول جي شاگردن ملي نغمن ٽيبلوز تقريرون ڪيون، جشن آزادي جي خوشي جي موقعي تي شاگردن ۾ ڪرسي ريس اٽا ريس رسا ڪشي زور آزمائي جا مقابلا پڻ ڪرايا ويا، ڳوٺ جي نيڪ مرد سماجي اڳواڻ عبدالرحمان وي آء پي ھنگورجو مڊل اسڪول کاڻي راڄڙ جي ھيڊ ماسٽر محمد رمضان قسيم سميجو صاحب ۽ اسڪول جي ھيڊ ماسٽر ايم جمن ڪنڀر پنھنھجي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان دنيا جي خطي تي انگريزن جي غلامي مان نجات حاصل ڪري وجود ۾ آيو اسان جي وڏڙن بزرگن جي ڪوشش سان ملڪ جي باني قائداعظم محمدعلي جناح صاحب ڊاڪٽر علامه اقبال ۽ ٻين جي اڳواڻي ھيٺ ڏنل قربانين جي نتيجي ۾ اسان اڄ آزاد خودمختيار رياست ۾ پنھنجي پالڻھار جي رحمتن برڪتن سان گڏ ھڪ آھيون اڄوڪي ڏينهن تي اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته سچائي محنت لگن سان پڙھايون سٺا آفيسر بنايون جشن آزادي جي ھن پروقار تقريب جي ڪئمپيرنگ ڪاروائي نوجوان باصلاحيت استاد اسد علي ھنگورجو ھلائي جڏهن ته پروگرام ۾ مختلف راندين ٽيبلوز ملي نغمن گيتن تقريرن۾حصو وٺندڙ شاگردن ۾ انعامات پڻ ورهايا ويا اسڪول جي استادن منور علي ھنگورجو رياض علي بوجراج ڪرسچن عبدالعزيز تاراچند ونود ڪمار کان علاوه ايس ايم سي جو چئيرمين لقمان گجو ابوذر ھنگورجو محمد يوسف ھنگورجو رامون ٽڪ ٽاڪر محمد رحيم محمد ھنگورجو معشوق علي ھنگورجو سميت ٻين ڳوٺاڻن والدينن شرڪت ڪئي آخر ۾ اسڪول جي سمورن شاگردن ۾ چئيرمين ميونسپل ڪميٽي کپرو محترم امتياز حسن درس صاحب ۽ جنرل ڪائونسلر محترم عباس علي ھنگورجو صاحب طرفان موڪليل مٺائي پڻ تقسيم ڪئي وئي.
15/03/2023
Morning View 🌄
05/02/2023
ڪشمير جي يوم يڪجهتي جي حوالي سان گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول فيض محمد هنگورجو ۾ ھڪ تقريب منعقد، جنھن ۾ ڪشميري مظلومن جي آواز کي سگھارو ڪرڻ لاءِ ۽ ڪشميري ڀائرن سان انڊيا جي رياست جي ظلمن زيادتين ناانصافين خلاف مزاحمتي ڪردار بنجڻ لاءِ پيغام ڏنو ويو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آھي ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ جھڙو حصو آھي اقوام متحده کي ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ظلمن زيادتين خلاف قانوني ويڙھ لاءِ ھڪ ايجنڊا تي سڀني ملڪن جي سربراهن کي گول ميز ڪانفرنس ڪرائڻ گھرجي تقريب کي اسڪول جي ھيڊ ماستر ايم جمن ڪنڀر پرائمري اسڪول حاجي فيض محمد هنگورجو جي ھيڊ ماستر محمد عمر ھنگورجو بوجراج ڪرسچن اسد علي ھنگورجو منور علي تارا چند رياض حسين ونود ڪمار عبدالعزيز خطاب ڪندي چيو ته شاگردن کي اھا آگاھي ڏني وئي آهي ته ڪشمير پاڪستان جي حصي جو آھي جيڪو انشاءالله ھندوستان جي ظلمن زيادتين مان نجات حاصل ڪري ھڪ ڏينھن پاڪستان جي سائي جھنڊي ھيٺان دنيا جي نقشي تي سامھون ايندو جڏهن ته ان موقعي تي ڪشميري مظلومن سان يڪجھتي طور تي ھڪ ريلي پڻ ڪڍي وئي.
17/01/2023
اسڪول مينيجمينٽ ڪاميٽيءَ جو چئيرمين عباس علي ھنگورجو صاحب اسڪول جي ڪلاسن جو دوري دوران ورتل تصويرون.
10/01/2023
ھر سال وانگر ھن سال به اسان جو پيارو دوست ڪمليش رتناني انھن مهصومن, غريبن, مسڪين, پورھيتمندن ۽ ھارين جي ٻچن جي سار لھندي انھن ٻارن کي شديد سردي کان بچڻ لا۽ سوٽر ۽ جيڪٽس تقسيم ڪيا ته جيئن ٻارڙا سردي کان بچن ۽ پنھنجي پرھائي جاري رکي سگھن.مھرباني.
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Contact the school
Telephone
Website
Address
Khipro