15/08/2026
خيرپور ميڊيڪل ڪاليج خيرپور ميرس جي بوائز هاسٽل ۾ سيڪيورٽي مڪمل طور تي غير فعال ٿي چڪي آهي. مسلسل ٽيون ڀيرو شاگردن جي ڪمرن مان چوري جا واقعا پيش آيا آهن، جن ۾ موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ روڪ رقم چوري ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ به اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن بابت انتظاميه کي باقاعده شڪايتون ڪيون ويون. ان وقت انتظاميه پاران شاگردن کي يقين ڏياريو ويو هو ته هاسٽل ۾ سخت ۽ مؤثر سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا، پر انهن يقين ڏياريندڙن تي عملي طور ڪو به سنجيده قدم نظر نه آيو.
ان کان علاوه، شاگردن پاران هاسٽل جي گيٽ تي فعال چوڪيدار ۽ مناسب سيڪيورٽي عملي جي موجودگي نه هجڻ بابت پڻ بار بار شڪايتون ڪيون ويون، پر انتظاميه ان معاملي تي ڪا سنجيدگي نه ڏيکاري.
هاڻي مسلسل ٽيون ڀيرو چوري جو واقعو پيش اچڻ انتظاميه جي سيڪيورٽي انتظامن تي هڪ وڏو سوال آهي. شاگردن جي قيمتي سامان ۽ جان و مال جي حفاظت انتظاميه جي بنيادي ذميواري آهي. انتظاميه کان مطالبو آهي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، چوري جي واقعن جي شفاف جاچ ڪرائي، هاسٽل جي داخلا ۽ گيٽ تي سخت سيڪيورٽي يقيني بڻائي ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر پيش نه اچن.