اڄ جي اسيمبلي گورنمينٽ هاءِ اسڪول باقر خان شر
هڪ سچي استاد جي اصل سڃاڻپ ڪاميابي هار نه پر سندس علم، اخلاق ۽ شاگردن جي سٺي تربيت آهي. استاد جو اصل ڪم پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن کي دل سان پڙهائڻ آهي،
شاگرد ئي استاد جي اصل سڃاڻپ ۽ عزت هوندا آهن
• استاد جي عزت سندس ڪردار ۽ تعليم ۾ آهي.
• هار پائڻ سان نه، پر سٺا شاگرد تيار ڪرڻ سان سڃاڻپ ملي ٿي.
• اسڪول ۾ هر ٻار کي محبت ۽ محنت سان پڙهايو وڃي.
• هوشيار شاگردن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي.
• استاد ۽ شاگرد جو رشتو علم ۽ اخلاق تي ٻڌل هئڻ گهرجي.
GBHS Baqar Khan Shar
This Page is made, in order to inform and share infirmation related with the parents and students o
اڄ جي اسيمبليءَ جو ڏيک ..
ڪجهه اسڪولن ۾ استاد صاحبان گرميءَ جا بهانا ڪرڻ بدران اسڪول کي وقت ڏين، شاگردن تي ڌيان ڏين ۽ انهن غريب، هارين ۽ مزدورن جي پٽن ۽ نياڻين کي بهتر تعليم فراهم ڪن.
تعليم عبادت آهي، ان ۾ ڪا به گرمي يا تڪليف رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.
اسين هاءِ اسڪول باقر شر جي ٽيم طور هميشه ڪوشش ڪندا آهيون ته هر ٻار تائين علم جي روشني پهچايون ڇو ته قوم جي ترقي تعليم سان جڙيل آهي.
“بهانا نه، پر محنت ۽ ذميواري ئي سچي استادي آهي.
اڄ Government High Schoo Baqir Khan Shar ۾ معمول مطابق اسيمبلي ٿي جنهن ۾ هيڊ ماستر Qadeer Ahmed شاگردن کي پابندي سان اسڪول اچڻ وقت جي اهميت سمجهڻ ۽ تعليم تي مڪمل ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي
سائين وڌيڪ چيو ته تعليم ئي اهڙو هٿيار آهي جيڪو انسان جي زندگيءَ کي روشن بڻائي ٿو۔ باقاعدگي سان اسڪول اچڻ سان نه رڳو علم ۾ واڌارو ٿئي ٿو پر شاگردن ۾ نظم و ضبط اخلاق ۽ ذميواري جو احساس پڻ پيدا ٿئي ٿو
اطلاع
نياڻين شاگردياڻين جي لاءِ گورنمينٽ اسڪالرشپ اسٽاپيند جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ ڪلاس ڇهين وارا جيڪي هاڻي ستين ۾ آيا آهن ٻيون اُھي نياڻيون جن نائين ڏهين جا هاڻي امتحان ڏنا آهن
ان جي لاءِ
والدين ماءُ پيءُ / سنڀاليندڙ جي ڪارڊ ڪاپيون
ب فارم
جيز ڪيش اڪائونٽ نمبر
ضرور جلد کان جلد جمع ڪرائيندا جيئن شاگردياڻين کي اسڪالرشپ ملي سگھي نه اچڻ دير اچڻ ڪارڊ ڪاپي موبائل نمبر نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوھان کي پئسا نه ملندا
نوٽ / گھربل معلومات صحيح جمع ڪرائيندا
بحڪم
ھيڊ ماستر قدير احمد شر
05/05/2026
هاء اسڪول باقر خان جو شاگرد ڊاڪٽر خورشيد احمد کي ايم بي بي ايس جي ڊگري مڪمل ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪجي ٿي داڪٽر خورشيد احمد اسڪول اسٽاف محمد صادق شر جو فرزند آهي ان خوشي جي موقعي تي ڊاڪٽر هيڊ ماسٽر قدير احمد شر صاحب کي هار پارائڻ آيو
30/04/2026
اڄ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سائين شمس الدين لغاري صاحب سان آفيس ۾ اسڪول جي ڪم سلسلي ۾ ملاقات ٿي. سائين کان اسٽائيپنڊ جا فارم وصول ڪيا ۽ ڪجهه ڪلاسن جون جيڪي ڪتابون مسنگ هيون، اهي به سائين مهرباني ڪري فراهم ڪيون.
سائين شمس الدين لغاري صاحب هميشه تعليم جي بهتري لاءِ انتهائي محنت ۽ لگن سان ڪم ڪندا رهيا آهن. سڄي تعلقي ۾ اسڪولن جي معيار کي بهتر بڻائڻ، شاگردن جي حاضري وڌائڻ ۽ استادن جي رهنمائي ڪرڻ ۾ سندن ڪردار تمام اهم ۽ قابلِ تعريف آهي.
سائين هميشه اسان تي مهربان رهيا آهن ۽ هر وقت اسڪولن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تيار رهندا آهن. اهڙا ايماندار ۽ محنتي آفيسر تعليم جي شعبي لاءِ هڪ وڏي نعمت آهن. اسان کي اميد آهي ته سائين جي رهنمائي هيٺ تعليم جو معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو ۽ شاگردن جو مستقبل روشن بڻجندو.
28/04/2026
Assembly view *
*28/Apr/2026*
GBHS BAQIR KHAN SHAR
SEMIS CODE 415060799
HM Qadeer Ahmed Shar
Saqlian Shar presented his presentation on the Human Urinary System. Also in attendance were the Headmaster, Sir Qadeer Ahmed, along with Sir Khuda Bux, Sir Mairaj Ahmed, and the subject teacher, Sir Kashif Hussain — all credit goes to them.
22/04/2026
هاء اسڪول باقر خان شر جو انتهائي قابل استاد جي اي ايس ٽي سر غلام سرور خاصخيلي صاحب کي ليڪچرار اسلاميات بي پي ايس 17 ٿيڻ تي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون
آفيس آف دي گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول باقر خان شر
Semis code 415060799
No: BKS /02/26
جيئن ته اڄ 26-04-03 تي گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول باقر خان شر ۾ گسٽا يونٽ لاءِ سڀني استادن جي هڪ اهم گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ۽ تنظيم سازي لاء اسڪول يونٽ ٺاهڻ لاءِ متفقه طور تي فيصلو ڪري هيٺيان اُستاد گسٽا يونٽ لاءِ چونڊيا ويا
عهديدار
1 صدر : اُستاد قدير احمد شر صاحب
2 نائب صدر: اُستاد خدا بخش شر
3 جنرل سيڪريٽري : اُستاد ڪاشف حسين شر
4 جوائنٽ سيڪريٽري: اُستاد مظفر حسين شر
5 پريس سيڪريٽري: اُستاد معراج احمد شر
6 خزانچي : اُستاد نديم احمد شر
ميمبر
1 اُستاد اعجاز حسين شر
2 اُستاد غلام سرور خاصخيلي
3 اُستاد غلام فريد ڪُٻر
4 اُستاد تنوير ڪوثر شر
5 اُستاد مُحمد هارون شر
6 اُستاد مُحمد اسماعيل شر
7 اُستاد مُحمد صالح شر
8 ميڊم فرزانه
Office of the Government Boys High School Baqir Khan Shar
Semis code 415060799
No: BKS /02/26
As today on 26-04-03, an important meeting of all the teachers for the GASTA Unit was held at the Government Boys High School Baqir Khan Shar in which many issues were discussed and a unanimous decision was taken to form a school unit for organization and the following teachers were elected for the GASTA Unit
Officers
1 President: Ustad Qadeer Ahmed Shar Sahib
2 Vice President: Ustad Khuda Bakhsh Shar
3 General Secretary: Ustad Kashif Hussain Shar
4 Joint Secretary: Ustad Muzaffar Hussain Shar
5 Press Secretary: Ustad Mairaj Ahmed Shar
6 Treasurer: Ustad Nadeem Ahmed Shar
Members
1 Ustad Aijaz Hussain Shar
2 Ustad Ghulam Sarwar Khaskheli
3 Ustad Ghulam Fareed Kubar
4 Ustad Tanveer Kausar Shar
5 Ustad Muhammad Haroon Shar
6 Ustad Muhammad Ismail Shar
7 Ustad Muhammad Saleh Shar
8 Madam Farzana Shar
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Contact the school
Telephone
Website
Address
ThariMirwah
Khairpur Mirs
66022