DAwn Public Higher Secondary School khairpur campus

DAwn Public Higher Secondary School khairpur campus Aim
Is to develop quality education amongest students
Dawn Public Higher Secondary School Gambat / khairpur campus

22/05/2026
21/05/2026
خيرپور (رپورٽ: سليم رضا شيخ)سچل آڊيٽوريم هال ۾ ڊان پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول گمبٽ ۽ ڊان پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول خيرپور ج...
17/05/2026

خيرپور (رپورٽ: سليم رضا شيخ)
سچل آڊيٽوريم هال ۾ ڊان پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول گمبٽ ۽ ڊان پبلڪ هائير سيڪنڊري اسڪول خيرپور جي گڏيل سهڪار سان سالياني “آل سنڌ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام” تحت “ليٽ مور علي ميموريل ميرٽ اسڪالرشپ 2026” جي ٽيسٽ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان لڳ ڀڳ 150 ذهين ۽ باصلاحيت شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور شرڪت ڪئي۔
ان موقعي تي تعليمي ماحول انتهائي پُرجوش ۽ علمي جذبي سان سرشار نظر آيو، جتي شاگردن پنهنجي صلاحيتن جو بهترين انداز ۾ مظاهرو ڪيو۔ تقريب دوران اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر نزاکت سمون، پرنسپال بخت علي ڪلهوڙو، ميڊم پشما ۽ ٻين ذميوارن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن اسڪالرشپ پروگرام جو بنيادي مقصد ذهين، محنتي ۽ مستحق شاگردن کي مفت ۽ معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ نکارِي سگهن۔
هنن چيو ته تعليم ئي قومن جي ترقي جو اصل ذريعو آهي ۽ اهڙا مثبت ۽ تعميري پروگرام نوجوان نسل ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ڪن ٿا۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪالرشپ ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نه صرف مفت تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وينديون پر سندن همت افزائي لاءِ خصوصي ايوارڊ ۽ سندون پڻ ڏنيون وينديون۔
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باصلاحيت ۽ هوشيار شاگردن لاءِ اهڙي قسم جا علمي ۽ تعليمي مقابلا وقت جي اهم ضرورت آهن، ڇاڪاڻ⁠تہ اهڙا پروگرام نوجوانن ۾ خوداعتمادي، مقابلي جو جذبو ۽ اڳتي وڌڻ جي امنگ پيدا ڪن ٿا۔ هنن چيو ته جيڪڏهن شاگردن کي مناسب موقعا ۽ بهتر رهنمائي فراهم ڪئي وڃي ته هو مستقبل ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا۔

Address

Panjhatti
Khairpur Mirs
66020

Opening Hours

Monday 08:00 - 18:00
Tuesday 08:00 - 18:00
Wednesday 08:00 - 18:00
Thursday 08:00 - 18:00
Friday 08:00 - 12:30
Saturday 08:00 - 18:00

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when DAwn Public Higher Secondary School khairpur campus posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category