25/08/2026
علم، حوصلا ۽ ٻارن جي همت افزائي
اڄ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سائين آفتاب شاهه سومرو Aftab Shah Sumro گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نواب ولي محمد جو دورو ڪيو ۽ ڪلاس پنجين ۾ وڃي شاگردن سان ملاقات ڪئي.
سائين عمران رند پاران ڪلاس پنجين جي شاگردن لاءِ تيار ڪيل خوبصورت Penaflex ڏسي ۽ شاگردن کان مختلف سوال پڇي، سندن تياري ۽ علم کي ساراهيو ۽ استاد جي محنت کي پڻ همٿايو.
ڪلاس جي ٻن ذهين ۽ ذميوار شاگردن کي Class Monitor ۽ Prefect چونڊي بيلٽ پارايا ويا، جنهن سان شاگردن ۾ ذميواري، نظم ۽ اڳواڻي جو جذبو وڌيو.
اهڙيون ننڍيون پر قيمتي ڪوششون ٻارن جي حوصلي کي وڌائين ٿيون ۽ کين اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهين ٿيون.
Little Efforts, Big Impact! 🌟📚
🏫 Government Boys Primary School Nawab Wali Muhammad