شاگرد فائونڊيشن قاضي احمد

شاگرد فائونڊيشن قاضي احمد Our aim is to promote education and spread peace.

📢 Admissions Open – Legal Minds AcademyWe are pleased to announce that admissions at Legal Minds Academy are now officia...
10/04/2026

📢 Admissions Open – Legal Minds Academy

We are pleased to announce that admissions at Legal Minds Academy are now officially open! 🎓

Students can apply online from today. Our campus will be open for physical visits starting 15th April.

📌 Secure your spot today and begin your journey towards excellence.

For more details and online registration, feel free to contact us.

Online form link
https://docs.google.com/forms/d/e/1FAIpQLSdptcF3MTZ7V21uz5xn6meZprSBWm3_HWsgwboFbye8x0oSSA/viewform?usp=publish-editor

4 مارچ شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو: رمشا نذيرڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي ٿا ذلف ڇڪن زنجيرن جا، ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي آ رت ۾ خوش...
04/03/2026

4 مارچ شاگرد جدوجهد جو ڏهاڙو:
رمشا نذير

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي ٿا ذلف ڇڪن زنجيرن جا،
ڪو ڪيئن نه ڊوڙي زندان ڏي آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي: (شيخ اياز)

4 مارچ 1967 واري واقعي کي ئي اياز پنهنجي انهن سٽن ۾ بيان ڪيو هو جنهن ۾ شاگردن کي نه مقتل جي پرواه هئي نه هئي وري زندان جو ڪو ڊپ! بي خوف ٿي صليب تي چڙهڻ جو ڏينهن هو.
جڏهن جنرل ايوب پنهنجي آمريت برپا ڪندي 1956 ۽ 1962 جي آئين ۾ قومن جي وجود کي ڪُچلي ون يونٽ جهڙي قوم دشمن، جنهن ۾ پاڪستان ۾ موجود سڀني قومن جي وجود کي ختم ڪندي ون يونٽ قائم ڪئي. هڪ هٺ ڌرمي پنجابي بالادستي قائم ڪندي قومن جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، اقتصادي ۽ سياسي مفادن کي ڪچلي هڪ ون يونٽ جهڙي زهريلي نانگ کي هٿي ڏني. ان ايوبي آمريت جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد دوست وي سي محترم حسن علي کي هٽائي شاگرد دشمن وي سي مسرور کي رکيو ويو هو جنهن جي پاداش ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هڪڙي نعري هيٺ پنهنجي سياست ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندا رهيا. "حسن علي کي واپس آڻيو وڃي ۽ مسرور کي وي سي شپ تان هٽايو وڃي" جنهن ۾ سنڌ جي شاگر جماعت جنهن جو نمايان ڪردار رهيو هو اها هئي "نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن" (NSF) ۽ ان سان گڏوگڏ "حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن" (HSF)جو گڏيل ڪردار رهيو هو.
حسن علي کي واپس آڻڻ لاءِ شاگرد مختلف وقتن تي اجلاس گهرائي جدوجهد ۾ رهيا پر حڪومت ۽ ايوبي آمريت جي ڪلاڪارن جي مٿي ۾ جونءَ به نه چري هئي نيٺ اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي ۾ اجلاس گهرائي هڪ اهم ۽ تاريخ جي ورڪن ۾ سونهري اکرن ۾ لکجندڙ هڪ پروگرام انائونس ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس مان پنج کان ڇھ 207 شاگردن جو گڏيل طور ڪافلو جيڪو پنهنجن حقن ۽ ايوبي آمريت کي للڪارڻ حيدرآباد وڃي رهيا هئا ۽ راجپونا اسپتال وٽ جتي پهرين هر پاسي پاڻي جا تلاءُ هوندا هئا شهر ڪجھ ڏورانهون هو اتي ئي رينجرز سان گڏ پوليس جيڪي مسرور جا ڇاڙتا هئا انهن آسو گيس ۽ سڌين گولين سان گڏ بندوق جي ڪنڌاڪن سان ڪنهن آسماني بجلي جيان شاگردن تي ڪڙڪي پيا ۽ ڪربلا جي ميدان جيان رت وهائيندا رهيا،
اتان شاگردن کي زخمي ڪري، انهن جي جسمن کي رت سان ريٽو ڪري مختلف جيلن حوالي ڪيو ويو،
ان وقت دنيا ۾ شاگرد هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا هئا دنيا جي پنجن ڇھن ملڪن ۾ شاگرد سياست تبديل ٿي عروج تي پهچي چڪي هئي جنهن جا اثر سنڌ تي پيا هئا جنهن ڪري، 4 مارچ تي سنڌ جي شاگردن کرڙيءَ جي ميدان جيان دشمن سان جنگ جوٽي پنهنجي ڌرتي کي رت جو ريج ڏنو هو، هي ڪو شاگردن تي پهريون ڪريڪ ڊائون نه هو پر هڪ ڪڙي هئي جيڪا غلام قوم کي اهو سمجهائيندي پئي آئي ته دنيا اندر غلام قومن جو استحصال ايئن به ٿيندو آهي انکان پهرين ڪراچيءَ اندر شاگرد پنهنجي جائز مطالبن تي احتجاج مارچ ڪري هئا ته انهن مٿان سڌا فائر ڪري پنج يا ڇھن شاگردن کي شهيد به ڪيو هو،
1967 جي واقعي سنڌ ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ڪيو هو جنهن کان پوءِ سنڌ جو سمورو عوام ايوبي آمريت جي خلاف پنهنجا جهنڊا اُڀا ڪري وطن جي مالڪي ۽ پنهنجي قومي وجود کي بچائڻ خاطر نڪري پيو، ان وقت ماڻهن راجپوتانا وٽ شاگردن جي رت مان ڏنل اڌ مُڙيل جهنڊا پنهنجن ڪلهن تي صليب جيان کڻي پنهنجي وطن جي خوشحالي جي دعوا ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري ايوبي آمريت کي چئلينج ڪري رهيا هئا نيٺ ايوبي آمريت سنڌي قوم جي آڏو گوڏا کوڙي پنهنجي هٺ ڌرمي تان دستبردار ٿي ون يونٽ کي ختم ڪري ڇڏيو هو.
چار مارچ 1967 جو واقعو ڪو عام واقعو نه هو پر اهو سنڌ جي تاريخ سان گڏوگڏ هن سموري خطي اندر تاريخي ۽ انقلابي واقعو هو، جنهن ڏينهن تي شاگردن اُڀ ڏار نعرن سان پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي ۽ پنهنجي قومي تشخص ۽ وجود کان دستبردار نه ٿيا هئا.
انهيءَ تسلسل سبب سنڌي قوم ۾ قومپرستيءَ جي لهر ايتري ته اُڀري هئي جو قومپرست اڳواڻن کي جيل بند ۽ نظر بند رکيو ويو هو جنهن ۾ جي ايم سيد پڻ شامل هو.
ننڍا قدم ڪڏهن ڪڏهن وڏو انقلاب آڻي ڇڏيندا آهن ايئن چار مارچ جي واقعي سنڌي قوم کي متحد ڪري انقلاب جو ڏيئو روشن ڪيو هو جنهن تسلسل کي برقرار رکندي سنڌي شاگرد اڄ ڏينهن تي ساڳي ئي للڪار سان وطن جي آجپي ۽ خوشحالي ان واقعي جي يادگيري ۾ سراپا جدوجهد آهن جنهن جي ياد ۾ 4 مارچ 2025 ۾ وري به هڪ دفعو ٻيهر سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين اهو باور ڪرايو ته جڏهن به وطن تي ڪير آڱر کڻندو تہ هي سنڌ جو شاگرد اها آڱر وڍڻ ته ڇا پر کيس مارڻ تائين پهچي ويندو. 4 مارچ 2025 تي بہ سنڌو دريا مٿان اڏجندڙ ڇهن ڪينالن ۽ سنڌ جي زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي فوجي قبضي خلاف سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن نعرا ۽ جهنڊا بلند ڪري وطن جي خوشحالي لاءِ، ۽ 4 مارچ 1967ع واري واقعي سان نڀاءُ ڪرڻ لاءِ M9 روڊ تي احتجاجي مظاهري ڪرڻ خاطر وڌيا ته ساڳيا ئي فوجي پوليس جي لباس ۾ شاگردن تي شيلنگ ۽ فائرنگ سان گڏ شاگرد اڳواڻن کي زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ لڳا، اِها جيئم سيد جي سدا کي روڪڻ جي ڪوشش هئي پر هو ڳاڙهي جهنڊي جي سدا کي روڪي ڪين سگهيا ۽ نيٺ وري شاگردن جي گرفتاري خلاف ساڳيو ئي روڊ بند ڪيو ويو ته رات جي پيٽ ۾ شاگردن کي ڇڏڻ انهن جي مجبوري ٿي پئي هئي، ان واقعي کان پوءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج ٿي هئي ۽ سڄي قوم ازخود روڊن تي ويهي رهي هئي،
سنڌ جي سياست کي بدلائڻ لاءِ شاگردن جو اهم ترين ڪردار رهيو آهي جنهن ڪري اهي شاگرد اڳواڻ اڄ به اسانکي ياد آهن جيڪي اسانجي نگاهن کان ڏور هليا ويا آهن جن جي تسلسل کي اڄ به هرڪو شاگرد برقرار رکي انهن سان نڀاءِ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.

پيس فل سپورٽنگ ھينڊس قاضي احمد ۽ سگا شاخ قاضي احمد  طرفان مينٽل ھيلٿ ڪيئر اويئرنيس پروگرام بعنوان نفسياتي ذھني  ۽ دماغي ...
06/02/2026

پيس فل سپورٽنگ ھينڊس قاضي احمد ۽ سگا شاخ قاضي احمد طرفان مينٽل ھيلٿ ڪيئر اويئرنيس پروگرام بعنوان نفسياتي ذھني ۽ دماغي بيمارين جي لاءِ آگاھي نشست ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مختلف مضمونن جي امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي مڃتا ۽ قاضي احمد ۾ سماجي خدمتن سرانجام ڏيندڙ تنظيمن کي مڃتا ايوارڊ جي مناسبت سان هائير سيڪنڊري اسڪول قاضي احمد جي آڊيٽوريم هال ۾ تقريب ٿي گذري جنھن ۾ شاگرد فائونڊيشن کي شھر اندر بھتر ڪارڪردگي جو ايوارڊ ڏنو ويو

03/12/2025

چوٿون ڪتابي ميلو
ميوزيڪل نائيٽ
او پرڏيھي او پرڏيھي
آء اسان جي پار ته توکي سنڌ گھمايان

چوٿون ڪتابي ميلوٻيون ڏينهن منسوب فقير رسول بخش انڙضلعي بار نوابشاھ جي دوستن کي قاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ ڀليڪار
02/12/2025

چوٿون ڪتابي ميلو

ٻيون ڏينهن

منسوب فقير رسول بخش انڙ

ضلعي بار نوابشاھ جي دوستن کي قاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ ڀليڪار

چوٿون قاضي احمد ڪتابي ميلو ٻيو ڏينھن ...
02/12/2025

چوٿون قاضي احمد ڪتابي ميلو

ٻيو ڏينھن ...

ڇوٿون ڪتابي ميلومنسوب فقير رسول بخش انڙقاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ رايل  سروري پبلڪ  اسڪول جا شاگرد ۽ استاد ايپريسيئيشن سرٽيف...
02/12/2025

ڇوٿون ڪتابي ميلو

منسوب فقير رسول بخش انڙ

قاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ رايل سروري پبلڪ اسڪول جا شاگرد ۽ استاد ايپريسيئيشن سرٽيفڪيٽ وصول ڪندي

ٻيون ڏينهن...قاضي احمد ڪتابي ميلي ڏانھن ادارن جو راغب ٿيڻ...چوٿون ڪتابي ميلو قاضي احمدمنسوب فقير رسول بخش انڙ ڪتابي ميلي...
02/12/2025

ٻيون ڏينهن...

قاضي احمد ڪتابي ميلي ڏانھن ادارن جو راغب ٿيڻ...

چوٿون ڪتابي ميلو قاضي احمد
منسوب فقير رسول بخش انڙ

ڪتابي ميلي سن رائز گرامر اسڪول قاضي احمد جي استادن کي ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪجي ٿو..

قاضي احمد ڪتابي ميلو وزٽ ڪرڻ کان پوء سن رائيز گرامر اسڪول قاضي احمد اپريسئيشن سرٽيفڪيت وصول ڪيو

ٻيون ڏينهن...چوٿون ڪتابي ميلو قاضي احمدمنسوب فقير رسول بخش انڙ ڪتابي ميلي رائزنگ اسٽار لنڊن اسڪول قاضي احمد جي استادن کي...
02/12/2025

ٻيون ڏينهن...

چوٿون ڪتابي ميلو قاضي احمد
منسوب فقير رسول بخش انڙ

ڪتابي ميلي رائزنگ اسٽار لنڊن اسڪول قاضي احمد جي استادن کي ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪجي ٿو..

قاضي احمد ڪتابي ميلو وزٽ ڪرڻ کان پوء رائزنگ اسٽار لنڊن اسڪول قاضي احمد اپريسئيشن سرٽيفڪيت وصول ڪيو

ڇوٿون ڪتابي ميلومنسوب فقير رسول بخش انڙقاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ سردارزاده ڄام شاهرخ انڙ ۽ زبير علي درويش دوستن سان گڏ وزٽ ...
02/12/2025

ڇوٿون ڪتابي ميلو

منسوب فقير رسول بخش انڙ

قاضي احمد ڪتابي ميلي ۾ سردارزاده ڄام شاهرخ انڙ ۽ زبير علي درويش دوستن سان گڏ وزٽ ڪيو

Address

Kazi Ahmad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when شاگرد فائونڊيشن قاضي احمد posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share