Muhammad Ashraf Memorial School

Muhammad Ashraf Memorial School Quality Education for All.

18/05/2026

Work update complete solar system with fitting.🪐🌑

❣️
17/05/2026

❣️

A child’s dream should never become a trafficker’s opportunity.

Education, safety, and dignity are not charity. They are protection against exploitation.

08/05/2026

FAS Muhammad Ashraf Memorial.
_Quality Education For All_
Class
Topic: Comparison b/w animal & plant cell.
Teacher: Sir Jawad Sarwar


فخر جوڳي خبر🌟فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول جو شاگرد، ڪلاس ستون مان حسنين عابد مھر، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت ...
29/04/2026

فخر جوڳي خبر🌟

فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول جو شاگرد، ڪلاس ستون مان حسنين عابد مھر، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت #مير #شير #محمد #ٽالپر #پبلڪ #اسڪول ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪري پنهنجي اسڪول، والدين ۽ استادن جو نالو روشن ڪيو آهي۔

حسنين کي هن شاندار ڪاميابي تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪيون وڃن ٿيون، گڏوگڏ سندس والدين ۽ قابلِ احترام استادن کي به ڀرپور واڌايون، جن جي رهنمائي ۽ محنت سان هي ڪاميابي ممڪن ٿي۔

واضح رهي ته حسنين هن اداري مان ٻيون شاگرد آهي جنهن پبلڪ اسڪول جي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي۔

اسان دعاگو آهيون ته حسنين مستقبل ۾ به اهڙيون ئي ڪاميابيون ماڻي ۽ پنهنجي والدين ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندو رهي۔ ✨



محترم والدين السلام عليڪم،اوهان سڀني کي اطلاع ڏجي ٿو ته اسڪول هاڻي پنهنجي معمول مطابق کليل رهندو. اسڪول جو وقت صبح 8:00 ...
31/03/2026

محترم والدين السلام عليڪم،
اوهان سڀني کي اطلاع ڏجي ٿو ته اسڪول هاڻي پنهنجي معمول مطابق کليل رهندو. اسڪول جو وقت صبح 8:00 وڳي کان منجهند 1:30 وڳي تائين هوندو.
مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي پابندي سان اسڪول يونيفارم ۾ موڪليو ته جيئن هو نئين تعليمي سيشن جو سٺو آغاز ڪري سگهن.
ان سان گڏوگڏ، اسڪول ۾ نئين داخلائن جو سلسلو پڻ شروع ٿي چڪو آهي. جيڪي والدين پنهنجي ٻارن جي داخلا ڪرائڻ چاهين ٿا، اهي اسڪول انتظاميه سان رابطو ڪن.
رابطو نمبر:
03023183372

فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي طرفان سالياني اسسمينٽ ٽيسٽ جاري آهي، جيڪا ڪلاس چوٿين...
12/03/2026

فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي طرفان سالياني اسسمينٽ ٽيسٽ جاري آهي، جيڪا ڪلاس چوٿين کان ڪلاس اٺين تائين ورتي پئي وڃي۔
اڄ شاگرد سائنس جو پيپر ڏئي رهيا آهن۔ اسڪول ۾ ٻارن جي حاضري تمام سٺي آهي ۽ شاگرد وڏي جوش ۽ جذبي سان امتحان ۾ حصو وٺي رهيا آهن۔

12/03/2026
موسمِ بهار جي آمد تي اسڪول ۾ شجرڪارياڄ فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول ۾ موسمِ بهار جي آمد جي خوشي ۾ شجرڪاري مهم...
11/03/2026

موسمِ بهار جي آمد تي اسڪول ۾ شجرڪاري

اڄ فائونڊيشن اسسٽڊ محمد اشرف ميموريل اسڪول ۾ موسمِ بهار جي آمد جي خوشي ۾ شجرڪاري مهم منعقد ڪئي وئي. هن موقعي تي پنجاهه کان وڌيڪ وڻ لڳايا ويا، جنهن ۾ سنڌ سگا شاخ قاضي احمد ۽ پيس فل سپورٽنگ هينڊس قاضي احمد جو خاص تعاون رهيو.

تقريب دوران استادن شاگردن کي وڻن جي اهميت بابت آگاهي ڏني. استادن پنهنجي ليڪچرن ۾ ٻڌايو ته وڻ ماحول کي صاف ۽ سرسبز بڻائين ٿا، آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ موسمي تبديلي کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

شاگردن کي پڻ همٿايو ويو ته هو وڻن جي پوک ۽ حفاظت کي پنهنجي ذميواري سمجهن، ڇو ته وڻ اسان جي ماحول لاءِ انتهائي فائديمند آهن. استادن زور ڏنو ته ايندڙ نسل جي بقا ۽ بهتر مستقبل لاءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

تقريب جي آخر ۾ شاگردن ۽ استادن گڏجي وڻ لڳايا ۽ ماحول کي سرسبز بڻائڻ جو عزم ڪيو.

08/03/2026

Happy women's day!

Address

Kazi Ahmad

Telephone

+923003249708

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Muhammad Ashraf Memorial School posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Muhammad Ashraf Memorial School:

Shortcuts

Share