Saath Public School Mustafa Paradise Qazi Ahmed

Saath Public School  Mustafa Paradise Qazi Ahmed ھر عام ۽ خاص لاء مفت معياري تعليم جو عزم پنھنجي معاشري کي تعليم جي ذريعي تبديل ڪرڻ لاء ڪاوشون ـ

ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري (فائونڊيشن اسسٽيڊ ) پاران سالياني ايوارڊ ورهاست تقريب نهايت شاندار، باوقار ۽ يادگار انداز ۾ منعقد...
24/05/2026

ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري (فائونڊيشن اسسٽيڊ )
پاران سالياني ايوارڊ ورهاست تقريب نهايت شاندار، باوقار ۽ يادگار انداز ۾ منعقد ڪئي وئي۔
تقريب ۾ خاص مهمان طورMPA. Ghullam Qadir Chandio، امام بخش اريسر (ريجنل ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شهيد بينظيرآباد)، ممتاز علي چانڊيو (ضلعي هيڊ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن شهيد بينظيرآباد)،
Fareedah Sheikh Principal Bakhtawar Cadet college Shaheed Benazirabad
Assistant commissioner Nazir Ahmed Jatoi، پارٽنرز سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، محترم والدين، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
تقريب دوران سالياني امتحانن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن، مختلف ڪيڊٽ ڪاليجز ۽ نامور تعليمي ادارن ۾ اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن ۽ هيڊ ٽيچرز کي ايوارڊ، شيلڊون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽس پيش ڪيا ويا۔
شاگردن پاران پيش ڪيل خوبصورت ٽيبلوز، متاثر ڪندڙ تقريرون، قومي ۽ تعليمي موضوعن تي اسٽيج پرفارمنس ۽ مزاحيه مختصر خاڪا تقريب جو مرڪز بڻيا، جن حاضرین کان زبردست داد حاصل ڪئي۔ تقريب جو مقصد شاگردن ۾ تعليم، اعتماد، نظم و ضبط ۽ صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ سان گڏ سندن حوصلا افزائي ڪرڻ هو۔

23/05/2026
23/05/2026

Annual award programme

ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري (فائونڊيشن اسسٽيڊ)  جي نالي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي! اسان جي اداري، محنتي استادن، لائق شاگردن ۽ معزز وا...
15/05/2026

ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري (فائونڊيشن اسسٽيڊ)
جي نالي هڪ ٻي وڏي ڪاميابي!
اسان جي اداري، محنتي استادن، لائق شاگردن ۽ معزز والدين لاءِ هڪ انتهائي فخر ۽ مسرت جو مقام!
🎉👏سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (حڪومت سنڌ) پاران ميرٽ جي بنياد تي سنڌ جي نامور تعليمي ادارن ۾ فلي فنڊيڊ (مڪمل طور تي مفت) اسڪالرشپ حاصل ڪري اسان جي اسڪول جي چمڪندڙ ستارن هڪ ڀيرو ٻيهر اداري جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي.
⭐🏆ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن جا نالا:
🎓 شاگرد راجوير – (اين جي وي پبلڪ اسڪول، ڪراچي)🎓 شاگرد عزادار علي (اين جي وي پبلڪ اسڪول، )🎓 شاگرد انيل – (آءِ بي اي اسڪول، ميرپورخاص)
هي شاندار ڪاميابي شاگردن جي ڏينهن رات جي محنت، اسان جي استادن جي بهترين رهنمائي ۽ والدين جي دعائن جو چٽو ثبوت آهي.
📚✨اسان پنهنجي سڄي ٽيم، ڪامياب ٿيل شاگردن ۽ سندن خاندانن کي دل جي گهراين سان لک لک مبارڪون پيش ڪيون ٿا. دعا آهي ته الله پاڪ انهن ٻارن کي علم جي ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي ۽ اهي اڳتي هلي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪن۔

Become a team member with us.
15/04/2026

Become a team member with us.

📢 خوشخبري! داخلا جو سلسلو جاري آهي!​سٽيشن 2026-27 | ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري​اسان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته...
31/03/2026

📢 خوشخبري! داخلا جو سلسلو جاري آهي!
​سٽيشن 2026-27 | ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري
​اسان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ساٿ پبلڪ اسڪول سيڪنڊري ۾ نئين تعليمي سال لاءِ داخلائن جو آغاز ٿي چڪو آهي.
​✨ اسان جون خاصيتون:
​✅ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) پاران سهڪار ٿيل.
​✅ مفت تعليم ۽ مفت ڪتاب.
​✅ جديد سهولتون ۽ بهترين تدريسي عملو.
​📝 درخواست ڪيئن ڏجي؟
توهان گهر ويٺي آن لائن يا سڌو سنئون اسڪول اچي داخلا فارم جمع ڪرائي سگهو ٿا.
​⚠️ اهم نوٽ:
درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ اميدوارن کان داخلا ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن جي تاريخ ۽ وقت بابت توهان کي ڪال ذريعي آگاهه ڪيو ويندو.
​📞 وڌيڪ معلومات لاءِ رابطو ڪريو:
​واٽس اپ: 03008109024
​اي ميل: [email protected]

ياسر چانڊيو ستين ڪلاس جو اهو هوشيار ۽ محنتي شاگرد آهي، جنهن جي اکين ۾ علم سان محبت جو اُجالو ۽ دل ۾ اڳتي وڌڻ جو عزم صاف ...
26/02/2026

ياسر چانڊيو ستين ڪلاس جو اهو هوشيار ۽ محنتي شاگرد آهي، جنهن جي اکين ۾ علم سان محبت جو اُجالو ۽ دل ۾ اڳتي وڌڻ جو عزم صاف نظر اچي ٿو. هو خاموشيءَ سان، پر لڳاتار محنت ڪري پنهنجي پڙهائيءَ ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪري رهيو آهي. سندس شوق، ذهانت ۽ تعليم م محنت ڪرڻ کي ساراهيندي کيس علمي انعام طور ڪتاب “ناميارا عالم ۽ مفڪر” تحفي ۾ ڏنو، جيڪو يقيناً سندس لاءِ رڳو هڪ ڪتاب نه، پر فڪر ۽ شعور جي نئين دنيا ڏانهن کُلندڙ دروازو آهي.

“ناميارا عالم ۽ مفڪر” جنهن ۾ دنيا ۽ سنڌ جي وڏن مفڪرن بابت سادي ۽ دلڪش انداز ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ افلاطون جهڙي عظيم فلسفي جو ذڪر آهي، جنهن علم ۽ اخلاق بابت انساني سوچ کي نئون رخ ڏنو، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو بيان آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي عشق، امن ۽ انسانيت جو پيغام عام ڪيو، روسو جا تعليمي ۽ سماجي خيال آهن، جيڪي ٻار جي فطري آزاديءَ تي زور ڏين ٿا، ڪارل مارڪس جو فڪر شامل آهي، جنهن معاشري ۽ معيشت بابت نوان نظريا پيش ڪيا، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جدوجهد جو احوال آهي، جنهن آزادي ۽ سجاڳيءَ لاءِ آواز بلند ڪيو، ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي علم دوست شخصيت جو تذڪرو آهي، جنهن تعليم ۽ فڪر جي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون.

ٻار جي سکيا جو سفر ماءُ جي هنج کان شروع ٿئي ٿو، جتان هو لفظن، احساسن ۽ رشتن جي سڃاڻپ حاصل ڪري ٿو. پوءِ سماج ۽ استاد ان سفر جا راهبر بڻجن ٿا، جيڪي ٻار جي ذهن کي سنوارين ٿا ۽ سندس صلاحيتن کي صحيح رخ ڏين ٿا۔ اهو ڏٺو ويو آهي ته ٻار اڪثر نصابي ڪتابن کان هٽي ڪري ڪهاڻين ۽ معلوماتي ڪتابن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا، ڇو ته اهڙي پڙهائي سندن تخيل کي پرواز ڏئي ٿي ۽ سندن اندر سوال ڪرڻ ۽ سوچڻ جي سگهه پيدا ڪري ٿي. جڏهن ٻار کي اهڙا ڪتاب ملن ٿا ته سندس مطالعو مضبوط ٿئي ٿو ۽ پڙهڻ جي عادت آهستي آهستي سندس شخصيت جو حصو بڻجي وڃي ٿي.
جديد ادبي تعليم جو حسن اهو آهي ته اها ٻار کي رڳو يادگيريءَ جي روايتي دائري ۾ قيد نٿي ڪري، پر کيس سوچڻ، پرکڻ ۽ تخليق ڪرڻ سيکاري ٿي. اهڙا ڪتاب ٻار جي اندر لڪل صلاحيتن کي جاڳائين ٿا ۽ سکيا کي هڪ خوشگوار تجربو بڻائين ٿا. ياسر چانڊيو جهڙو محنتي شاگرد جڏهن اهڙي ڪتاب سان لاڳاپيل ٿئي ٿو ته اهو يقين ٿئي ٿو ته سندس فڪر ۾ پختگي ۽ نظر ۾ وسعت ضرور پيدا ٿيندي. سندس پڙهائيءَ سان محبت ۽ علم لاءِ احترام ئي سندس اصل سڃاڻپ آهي، ۽ اهڙي ئي لگن سان هو يقيناً پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائيندو.
حسين لغاري
ساٿ پبلڪ اسڪول مصطفي پيراڊائيز قاضي احمد

اڄ اسان لاءِ انتهائي خوشيءَ ۽ فخر جو لمحو آهي ته اسان جي شاگردن Cadet College Larkana ۾ اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ ڏني ۽ سڄي سن...
21/02/2026

اڄ اسان لاءِ انتهائي خوشيءَ ۽ فخر جو لمحو آهي ته اسان جي شاگردن Cadet College Larkana ۾ اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ ڏني ۽ سڄي سنڌ ۾ شاندار ڪاميابي ماڻي۔
الحمدلله!
اسان جي ٽن ذهين شاگردن سڄي سنڌ ۾ پهرين، ٻي ۽ ٽئين
پوزيشن حاصل ڪئي۔
اصغر ولد علي بخش کوسو پھرين پوزيشن ۔
حسنين ولد محمود پرھياڙ
نديم علي ولد منير احمد آرائين
هي وڏي ڪاميابي اسان جي اداري لاءِ اعزاز آهي، جيڪا شاگردن جي محنت، والدين جي سهڪار ۽ استادن جي لگن ۽ رهنمائي جو نتيجو آهي۔
اسان دل جي گهراين سان شاگردن، انهن جي والدين ۽ سڀني استادن کي هن عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا۔
بيشڪ هي اسان جي اداري لاءِ وڏي فخر ۽ اعزاز جو مقام
آهي۔ 🌟
03008109024

Address

Mustafa Paradise Kazi Ahmed
Kazi Ahmad
6700

Opening Hours

Monday 08:00 - 14:00
Tuesday 08:00 - 14:00
Wednesday 08:00 - 14:00
Thursday 08:00 - 14:00
Friday 08:00 - 12:30
Saturday 08:00 - 14:00

Telephone

+923008109024

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Saath Public School Mustafa Paradise Qazi Ahmed posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The School

Send a message to Saath Public School Mustafa Paradise Qazi Ahmed:

Shortcuts

Share

Category