GBPS Noor Ul Huda

GBPS Noor Ul Huda Sikandar Ali Dahri

📚 داخلائون جاري آهنگورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نوراالهداGBPS Noor-ul-Hudaڳوٺ رحيم بخش ڏاهريوالدين صاحبان کي اطلاع ڏجي ٿ...
10/04/2026

📚 داخلائون جاري آهن
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نوراالهدا
GBPS Noor-ul-Huda
ڳوٺ رحيم بخش ڏاهري
والدين صاحبان کي اطلاع ڏجي ٿو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول GBPS Noor-ul-Huda، ڳوٺ رحيم بخش ڏاهري ۾ ڪلاس پهرين کان پنجين (Class 1 to V) تائين نون شاگردن لاءِ داخلا جاري آهن۔
اسڪول جون خاص خوبيون: ✔ قابل ۽ تجربيڪار استاد
✔ بهترين تعليمي ماحول
✔ معياري تعليم تي خاص ڌيان
✔ اخلاق ۽ نظم و ضبط جي تربيت
✔ صاف سٿرو ۽ محفوظ اسڪول
📌 هيڊ ماسٽر:
منظور حسين ڏاهري

10/03/2026

ماشاءَالله ✨

تمام بهترين پيارا اظهر علي ڏاهري ۔
هي اسان جو پيارو ننڍڙو اظهر علي ڏاهري اڄ انگريزي ۾ اسپيچ ڪندي پنهنجي قابليت، همت ۽ اعتماد جو شاندار مظاهرو ڪيو آهي. ننڍي عمر ۾ اهڙو اعتماد سان ڳالهائڻ يقيناً وڏي صلاحيت ۽ روشن مستقبل جي نشاني آهي. 🌟

اهڙن ذهين ۽ باصلاحيت ٻارن تي نه صرف پنهنجي والدين کي پر پوري سماج کي فخر هوندو آهي.
الله پاڪ اظهر کي وڌيڪ علم، همت ۽ ڪاميابيون عطا فرمائي، ۽ هن کي مستقبل ۾ وڏو نالو ڪمائڻ جي توفيق ڏئي. 🤲📚

شاباش پيارا اظهر! اسان کي توتي فخر آهي. ❤️

26/02/2026
26/02/2026
جڏهان ڪر ٿيام، ساڃھ سپرين سين؛تڏهان ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام؛اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري۔۔بهترين طبيعت جي مالڪ۔ نف...
14/10/2024

جڏهان ڪر ٿيام، ساڃھ سپرين سين؛
تڏهان ڪر تر جيترو، ويل نه وسريام؛
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري۔۔

بهترين طبيعت جي مالڪ۔ نفيس ڪردار رکندڙ۔ نيڪ۔ مڻيادار۔ با ڪردار۔ با صلاحيت ۔ ايماندار ۔ فرض شناس ۔ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاء هميشه ڪوشان رهندڙ۔ تعليم جي سلسلي ۾ سٺي ساک رکندڙ آفيسر۔ تعلقا ايجيوڪيشن آفيسر پرائمري ميل قاضي احمد محترم سائين محمد امين ڏاهري صاحب اڄ اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول نورالهدا ۾ وزٽ ڪيو وزٽ دوران استادن سان نڪتل تصويرون۔
پيارا سائين اوهان جو دور تعلقا قاضي احمد لاء هڪ مثالي دور رهندو ۔رب پاڪ کان دعا آھي ته سائين هميشه آباد هجو ۽ سنڌ جي تعليمي ترقي ۾ پنهنجو مثبت تعميري ڪردار ادا ڪندا رهو۔۔

اڄ تاريخ  14-10 - 2024 ٽائيم 11:30am تي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميل قاضي احمد محترم سائين محمد امين ڏاهري صاحب GBPS...
14/10/2024

اڄ تاريخ 14-10 - 2024 ٽائيم 11:30am تي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري ميل قاضي احمد محترم سائين محمد امين ڏاهري صاحب GBPS نورالهدا جي اسڪول جو وزٽ ڪيو جنهن ۾ سڀ استاد حاضر هئا ۽ سائين شاگردن کان سوال جواب ڪيا شاگردن جا سنڌي ۽ انگريزي اکر چيڪ ڪيا سائين شاگردن کان ڪليپنگ ڪرائي ۽ سائين تمام گهڻو خوش ٿيو آخر ۾ سائين شاگردن ۾ بيگ ورهائيا ۔ سائين استادن جي محنت کي به ساراهيو ۔

14/08/2024

سڀني شاگردن کي اطلاع ڪجي ٿو سڀاڻي اسڪول کلي رھيا آهن صبح سوير اسڪول اچن ـ

13/08/2024

داخلا مهم 2024-25
پڙهندي سنڌ وڌندي سنڌ

سنڌ جا سرڪاري اسڪول 15 آگسٽ کان انشاء الله کلي رهيا آھن پنهنجي گلن جهڙي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو قابل هونهار محنتي باصلاحيت نوجوان استادن جي نگرانيء ۾ تعليم جهڙي زيور سان سينگاريو.
سرڪاري اسڪولن تي اعتماد ڪريو. پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو.

ٻار پڙهايو سنڌ سنواريو.

جتي مفت داخلا، ڪتاب ۽ معياري تعليم مھيا ڪئي وڃي ٿي.

01/06/2024

اڄ 1 جون 2024 کان اونھاري جون موڪلون شروع ٿي ويون آهن
هڪ استاد هجڻ جي ناتي ٻارڙن جي والدين لاء پيغام اميد ته انهن ڳالهين تي ضرور عمل ڪندا !!!
پيارا والدين، السلام عليڪم
گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو. ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون .

1. ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.
2. انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو.
3. انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچا ء ۾ مدد ڪن . انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو
4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو
5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو بہ ڪڍي رکجو ـ
6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ بہ ھڪ ڏينهن وٺي وڃو تہ جيئن انهن کي خبر پوي تہ توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ
7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽ وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ بہ سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ بہ ڏيو
8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق بہ ڄاڻ ڏيو
9. ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئي ـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا
10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو
11ـ ٻارن کي ڪجهه لوڪ گيت بہ ياد ڪرايو
12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو
13- ٻارن کي موبائيل ـ ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي کان پري رکو ـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي
14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره نہ کارائيندا
15. ٿي سگھي تہ ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻہ صفحا روز لکرايو
16- ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو تہ ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي
والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي تہ پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ
اونھاري جي موڪلن لاء توهان جي لاء نيڪ تمنائون .....

20/03/2024

اسڪولن ۾ والدين ٻارن جي بي فارم ٺهرائڻ لاء ايندا آهن ته ٻارن جا پيسا ملندا پر ڪڏهن پنهنجي ٻارن😢 جي پڇا ڪرڻ نه آيا ته اسان جي ٻارن جي پڙھائي جي لحاظ کان ڇا پوزيشن آھي موجوده وقت ۾ ٻھراڙين جي پوزيشن پنجاه فيصد اھا بيٺي آھي ته والدين بي آئي ايس پي جي سلپ فل ڪرائڻ جي لاء ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي سلپ ملڻ کانپوء ٻار کي اسڪول نٿا موڪلن خدارا ٻن ھزارن کي نه ڏسو اسڪول اچو پنھنجي ٻارن جي مالڪي ڪيو استادن سان ميٽنگس ڪيو پنھنجي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي استادن سان ڊسڪس ڪيو🙏✏✏📕📕📕

8 جنوري، اڄ تعليم جو عالمي ڏينھن آھي. سڀ کان پھريان فرض شناس استاد صاحبان کي نمي سرخ سلام، کين جس هجي جيڪي سھولتن جي اڻھ...
08/01/2024

8 جنوري، اڄ تعليم جو عالمي ڏينھن آھي. سڀ کان پھريان فرض شناس استاد صاحبان کي نمي سرخ سلام، کين جس هجي جيڪي سھولتن جي اڻھوند هوندي به سنڌ وطن جي معصوم گلڙن کي تعليم جي زيور سان نوازين ٿا.

استاد سڪندر علي ڏاهري

Address

Karani

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBPS Noor Ul Huda posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share