11/03/2026
تازو 5 مارچ تي سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪراچيءَ ۾ زيبسٽ يونيورسٽيء ۾ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي سھڪار سان عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو جنھن ۾ ادب، صحافت، وڪالت، صحت، تعليم ۽ ايڪٽوزم جي ميدانن ۾ پاڻ ملھائيندڙ ڪيترين ئي ساڃاھوند عورتن سان گڏ سڄاڻ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ھن پروگرام جي پھرئين حصي ۾ سنڌ جي محترم شخصيت جناب مظھرالحق صديقيء جي وفات جي حوالي سان ريفرنس رکيو ويو جنھن ۾ مرحوم جي سنڌ ۾ تعليم، سجاڳيء ۽ سماجي ترقيء لاء ڪيل خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ کيس ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ويو. جنھن جو نمايان پھلو سندس ڪٽنب جي ٽن پيڙھين ۾ نياڻين جي تعليم، صحت ۽ ميڊيا ۾ شرڪت ۽ ڪاميابين جو ذڪر ھن ڏينھن جي مناسبت سان تمام لاڀائتو رھيو. ھن موقعي تي نمايان مقررن ۾ سراج انسٽيٽيوٽ جي سيڪريٽري انيس ميمڻ، ھم ٽي ويء جي روح روان سلطانہ صديقي، جناح ميڊيڪل يونيورسٽيء جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج، ڊاڪٽر خورشيد نوراني، ڀاءُ منور صديقي ۽ صديقي خاندان جي بااختيار عورتن: ڌيئرن، نھرن، ڏھٽين ء پوٽين مرحوم جي شخصيت جي مختلف پھلوئن بابت ڳالھايو.
پروگرام جي ٻئي حصي ۾ سنڌ ۾ عورتن جي انساني حقن جي شعور بابت ھڪ پينل ڊسڪشن رکيل ھئي، جنھن جي صدارت سنڌ ڪميشن آن د اسٽيٽس آف وومين جي چيئرپرسن ايڊووڪيٽ روبينہ بروھيء ڪئي. جڏھن تہ خاص مھمان سنڌ جي سورمي رياض ميمڻ ھئي بحث ۾ حصو وٺندڙ مھمان ھيون: گورمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج لائيٽ هائوس ڪراچي جي پرنسپال ڊاڪٽر شھربانو ڪاڪا، پاٿ فائينڊر جي سربراھ ڊاڪٽر زيب ڏھر ۽ ڀيڻ شازيه نظاماڻي جيڪا سنڌ وومن لائيرز الائينس جي صدر آهي ، جڏھن تہ ماڊريٽر جا فرائض مارئي اعوڻ سرانجام ڏنا. ھن بحث ۾ سنڌ ۾ عورتن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن بابت ڳالھائڻ سان گڏ انھن جي حل لاء سماجي سجاڳيء، قانوني حقن جي آگاھيء ۽ شعور تي زور ڏنو ويو.
تقريب جي پڄاڻيء تي زيبسٽ يونيورسٽيء جي ڊين سوشل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر رياض شيخ مھمانن جا ٿورا مڃيا.
ھن سموري تقريب جي ڪاروائيء جي ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر ماريا بدويء ڪئي.
پروگرام جي حاضرين ۾ نمايان شخصيتن ۾ زيبسٽ يونيورسٽيء جي صدرشھناز وزير عليء کان سواء اعجاز ترڪ ، مسعود نوراني ، يوسف ميمڻ ، ادي حسنه ميمڻ ، جميله ميمڻ ، اعجاز قريشي ، ذولفقار هاليپوٽو ، امير راڄڙ ، ڊاڪٽر انور مقصود نوراني ، ڊاڪٽر طلعت چنه ، ڊاڪٽر حضوران شيخ ، ڊاڪٽر فوزيه رسول ، ڊاڪٽر فريده اياز ، ڊاڪٽر عديله ضھير ، عظمه ثاقب ، نويد سراج ، ثميره نويد ، عزيز فاطمه منگي ، گلشن حبيب ، ذاڪره انصاري ، اديب ملاح ، ضمير قاضي ، حسينه جتوئي ، ڊاڪٽر ڪلثوم بدوي ، زڪيه چنه ، اشرف صديقي ، نازيه انعام ،ضھير صديقي ، ڊاڪٽر مريم ترڪ ، سارنگ جويو ، ورثه پيرزادو ۽
امين جويو شامل ھئا.
06/03/2026
05/03/2026
04/03/2026
04/03/2026
28/03/2025