Sain Ali Akbar Mugheri

Sain Ali Akbar Mugheri Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sain Ali Akbar Mugheri, Tutor/Teacher, Karachi.

انسان جي زندگي اڪثر شين جي پرک جي محور تي جاري ساري آهي پراهو عمل عقل ۽ سمجه تي منحصر رهي ٿو عقل جي ڪسوٽي عقيدي جي ٽڪراء...
25/07/2026

انسان جي زندگي اڪثر شين جي پرک جي محور تي جاري ساري آهي پراهو عمل عقل ۽ سمجه تي منحصر رهي ٿو عقل جي ڪسوٽي عقيدي جي ٽڪراءُ ۾ صدين کان رهندو اچي پيو
سمجھ الحامي هرگز ناهي هوندو سمجھ پرجهه پروڙ ۽ پرک جي پيدوار آهي جيڪو اڪثر ڪري فارمل ۽ نان فارمل ذريعن سان سماج فطرت ۽ڪائناتي شين منجهان ذهن ۾ اپٽجي پڌرو ٿئي ٿو
اهڙيء طرح سنڌي ادب جي ادبي تخليق ۾ اديب شاعرن عالمن لکارين جي سهڻي سڀاء فطرت جي مزاجي ڍنگ جو تحقيقي ڇنڊ ڇاڻ جو شاندار جز شامل آهي اهڙين محققن جي فهرست ۾ محترم سائين نواز علي شوق جو نالو پڻ سونهري سٽ سان سرجيل نظر ايندو هن شاندار شخص جي نالي جو سڻائو منهنجي ڪنن تي پڙاڏو وانگر ان وقت کان ٻجھي ٻري رهيو هيو جنهن وقت آء لالو رائنڪ هاء اسڪول کان واپسيءَ ۾ اوڻيه صديءَ جي بيباڪ شاعر تارڪ دنيا حضرت علاما هدايت علي نجفي تارڪ جي درگاھ تي انبن ۽ ڄمونء وڻ جي گهاٽن ڳوڙهي ڇانوء ۾ بس جي انتظار ڪندي فقير قادن سائين سان ڪچهري ء ۾ ٻڌو هيم
جڏهن ڪراچي رهائش جو پروگرام ٿيو
اها رب پاڪ جي مهرباني ته پنهنجي خوء جي نظام ۾ مزاجي خصلت صالحن جي صحبت رهي آهي نتيجي طور ڊاڪٽر شير مهراڻي ضياء ابڙو شوڪت اڄڻ مختيار علي ابڙو حسن ضيا جاويد شيخ سجاد سولنگي ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙو زبير ڪلوڙ۽ ٻيا ڪيترائي شاندار انسانن جي سڀا جي سڀاء ۾ رغبت ۽ چاه جي پاسداري جي وڙ منجهان هڙ حاصل ٿيندي رهي ٿي اهو سچ آهي ته ڏيئو ڏيئي منجهان روشن ٿيندو آهي اهڙن دوستن لاء ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو
رات سهائي ڀون سنئين ڀائي گھرجي ڀل
آهر م ايلاچنئون چندن چري چل
هاهر ڪندو هل ته کجايون کـرن کي
اهڙي ريت پنهنجي سڀا جو ڇت
اڄ وري ٻيهر دل جي طلب ۾ موج اسرڻ سان اباس ۽ هير رچي راس ٿيو ۽ منڊلي مچائڻ لاء
علامه ھدايت علي تارڪ نجفي جي شاعري تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ
سنڌ درتيء جو جھونو اديب محقق ڊاڪٽر نوازعلي شوق سان پڻ ڪچهريءَ جو رکيو سون ساڻن 1972ع کان وٺي 98ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي حالتن سنڌي شعبو بابت تاريخي ڄاڻ ملي
سائين جن جي هن وقت عمر ڇهاسي سال اٿن اهڙن بزرگ انسانن لاء
ڀٽ ڌڻي فرمايو

تاڪي ساڻن اور جان آهين اوطاقن م
ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن م پاڻ مٿانئن گھور
ويا جي هنگلور ته ڪرم ملندء ڪاپڙي

23/07/2026

اڱڻ مٿي اوپرا جڏھن ڏاگھا ڏينھن ڏٺاء
ڪنجيون جي قلفن جون تان ڪنهن لل لڪاء
ته سڀاڻي سندياء ٿئي ساروڻي سسئي

راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ جي گاڏيء وارو شهر
برھمڻ آبا

19/07/2026

اک الـٽي ڌار ونء الٽو عام سين
جي لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وھ اوڀار
نائين نيڻ نھار پر پٺيرو پرينء ڏي

17/07/2026

اي گت غوّاصن جئن سمنڊ سوجھيائون
پيهي منجھ پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون هيرو لال هٿن سين

16/07/2026
12/06/2026

مرزا غالب ۽ مولوي صاحب جو مقالمو
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ڪولهي کان کير نه وٺندڙ ڳالھ تي سوچيم پئي ته اسان هنن ننڍين ننڍين ڳالهين م ڇاجي ڪري ڦاسي ويا آهيون
اڄ گرميءَ جي شدت ڏاڍي هئي جيئن گهرپهتم ڪمري منجه داخل ٿيڻ سان سڪون مليو ڇوته اڳ۾ اي سي هلي رهي هئي
پهريون ته رب پاڪ جا شڪرانا ڳنهيم ۽ ان سوچ ۾ رهندي خيال ڪيم ته رب ڪريم هي هر انسان کي نعمتون ڏنيون آهن اهي اڪثر ڪري هٿان غير مسلم جي آھن ۽ انهن جي ايجاد ۾ مسلمانن جو عمل دخل گهٽ ۽ غير مسلم جو وڌيڪ ڇاجي ڪري آهي
هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن م سوچيندڙ انسان مشڪوڪ اڻچٽو هئڻ سان گڏ ڀرميلو پڻ ٿي ويندو آهي آخرڪار ماجرا ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي وارڌات جي اثر هيٺ جهان ۾ آرائش سان گڏ ڪائنات جي رمز راز طاقت ٻل سگهائيءجي آسودگي جو مهندار انهن ماڻهن جي هٿ وس ٿي ويو آهي
ذهن تي تاريخ جا ورق ورندا رهيا جنهن منجهه هڪ پاسي مسلمانن جي اوج اقبال مان مرتبو خوش بختي نيڪ ۽ سعادت وارو اروج
ته ٻئي پاسي دزيل غبار رئي ڪروڌ جي ڪرتوتن سان دونهاٽيل ڪارو باب پڻ پڻ پلٽو کائيندو رهيو
تاريخ گواه آهي ته نافہم مورک ڳهيلا احمق ۽ڪنڌ ذهن انتها پسند انسان ڪڏهن دنيا ۽ انسان جا ڀرجهلا ڪون رهيا آهن انهن هميشه سوچيندڙ ذهن کي چيهاڙيو آهي
ڀرجهلا آهي انسان رهيا جيڪي گيان پرجهه ۽ تميز جي گهڻن سان سرشار هئا جن تاڪيد ۽ تلقين کي ادراڪ جي انڊلٺ سان روء شناس ڪرايو
علم مذهبن جو محتاج هرگز نه هوندو آهي
مسلمانن جي عروج م يعقوب الڪندي جيڪو فلسفي ڪيميا ۽ طب جو عالم هيو جنهن کي وقت جي خليفي ۽ مولوين سٺ سال جي عمر ۾ ڪوڙا هڻا يا هو دانهون ڪندو رهيو هي ٽهڪ ڏيئي خوش پئي ٿيا
اهڙي ريت ابن رشد
ابن سينا
جابر بن حيا
ذڪريا الرازي جهڙن مشهور ۽ املھ انسان کي وقت جي نام نهاد عالمن فتوائون ڏيئ حاڪم خليفن هٿان سندن زندگي هيبتناڪ بڻايو ۽ اذيتون ڏييئي مارايو ويو
اهوئي سبب آهي جو هينئر هر نئين ايندڙ ايجاد مسلمانن جي وس جي نه رهي آهي اسان هميشه سوچيندڙ ذهن ۽سوال کي مذهب دشمن مرتڪب سمجهندا آهيون
ڇوته اسين اڃا تائين ان مسئلي ۾ مبتلا آهيون ته
ٿر امڙ ڪوٽ ۾ ڪولهي کان کير وٺڻ حرام آهي
ساڳيو سوال اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ پاڙي واري هندو کان لڏو وٺڻ تي مرزا اسدﷲ غالب کان هڪ مسلمان مولوي ڪيو هيو

آء پڻ اهو سوچيان پيو ته مون مٿان هن انگريزن جي ايجاد ٿيل اي سي جي ٿڌي هير حلال آهي الائي حرام آهي

ا ن جو سرٽيفڪيٽ به مونکي ملان کان وٺڻو پوندو

12/06/2026

حرام زادي جي اها خاصيت هوندي آهي ته هو تهمت جي سهاري پنهنجي مخالف کي
تڪليف ڏئي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي

سڄڻ ۽ساڻيھ ڪنھن اڻاسيءَ وسري
11/06/2026

سڄڻ ۽ساڻيھ ڪنھن اڻاسيءَ وسري

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sain Ali Akbar Mugheri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category