Sindh Speaks

Sindh Speaks

Share

ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلھوري.

17/07/2026

هڪ پاسي سنڌ جي ساوڪ سڙي راک ٿي رهي آهي، اسان جا هاري پنهنجي روزگار کي تباهہ ٿيندي ڏسي رهيا آهن، تہ ٻئي پاسي پنجاب خاموشيء سان جلال پور ڪينال کولي ڇڏيو آهي. هي ڪا ترقي ناهي پر ارسا (IRSA) جي اکين جي اڳيان هيٺين وهڪري واري صوبي جي پاڻيء تي سڌو سنئون ڌاڙو آهي!
هن وقت سنڌ جي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي 40 کان 60 سيڪڙو تائين پاڻيء جي سخت کوٽ آهي. سنڌو درياء سڪي رهيو آهي، سمنڊ اڳتي وڌي ڊيلٽا کي تباهہ ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي معيشت جوڳو گهٽجي رهيو آهي. پر مٿان نوان ڪينال ان پاڻيءَ سان ڀريا پيا وڃن جيڪو 1991ع جي معاهدي تحت اسان جي ڊيلٽا ۽ زمينن جو حق آهي.

13/07/2026

اهو خيال ته سنڌ اردو ٻولي نه چونڊڻ ڪري ”بدنصيب“ آهي، تاريخ جي توهين ۽ سراسر جهالت جو منظر آهي. اهو چوڻ ته هڪ قديم تهذيب کي پنهنجي هزارين سال پراڻي مادري ٻولي ڇڏي، اها ٻولي اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪا صدين کانپوءِ هڪ لشڪري ٻوليء طور وجود ۾ آئي، تڪبر ۽ بيوقوفيء جي انتها آهي-
سنڌي ڪا معمولي علائقائي ٻولي ناهي جنهن کي ڪنهن جي سهاري جي ضرورت هجي، هيء هڪ قديم ۽ تاريخي ٻولي آهي جنهن جون پاڙون اڪثر جديد ٻولين کان وڌيڪ پراڻيون آهن- جڏهن اڃا اتر هندستان ۾ اردو پنهنجي شروعاتي مرحلن ۾ هئي، تڏهن سنڌ ۾ هڪ مڪمل، پڙهيل لکيل ۽ تهذيب يافتہ سماج موجود هو-
سنڌ کي پنهنجي ٻولي مٽائڻ تي مجبور ڪرڻ يا اهڙي اميد رکڻ ثقافتي سامراجيت کان گهٽ ناهي-
سنڌ بدنصيب ناهي- سنڌ انتهائي خوشنصيب آهي جو ان وٽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جهڙن صوفي بزرگن جو هڪ اڻٽٽ ادبي ورثو موجود آهي. ڪنهن ٻئي جي لساني احساس ڪمتري کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌين مان پنهنجي قومي سڃاڻپ تي سودي بازي جي اميد رکڻ نه صرف تڪراري آهي پر مڪمل طور تي ناممڪن آهي-

10/07/2026

جماعت اسلامے برصغیر کے لوگون کے قاتل جماعت هے بنگالیو نے انهے شکست دے هے

یهان بهے حافظ نعیم نفرت کے آگ بڑها رهاهے وو همارے
زمین کا بیٹا نهین وو شیطانیت کا پیروکار هے

جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض چانڊيو

16/04/2026

سنڌي عورت بيٺڪيتي نظام جي جبر هيٺ زندگيءَ گذاري رهي آهي. بيٺڪيتي نظام، پنجاب جي بالادستي، ان کان پوءِ طبقاتي جبر، جاگيرداري نظام، ان کان ھيٺ وري مرداڻي بالادستي وارو سماج، ان ۾ بہ جاهليت جو عروج، انصاف ۽ قانون جا پئمانا عورت دشمن، انهيءَ ڪري سنڌي عورت پيڙجي رھي آھي، مارجي رهي آهي. پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پيڙا، تشد، جبر ۽ غربت سنڌي عورت ڀوڳي رهي آهي.
سنڌ جي آزاديءَ ئي سنڌي عورت جي مستقبل کي محفوظ ڪندي، مستحڪم ڪندي ۽ پاڻڀرو بڻائيندي. اُهو هڪ آزاد معاشرو ئي هوندو آهي، جتي عورتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور پاڻڀري ٿيڻ جا موقعا ملن ٿا. قومي آزاديءَ عورتن لاءِ نوان موقعا آڻي ٿي ۽ کين نئين سگھ مهيا ڪري ٿي.
تنهنڪري سنڌي عورت کي سياسي شعور جي قوت سان مالان مال ٿي پنهنجي تحفظ، ترقي، آزاديءَ ۽ شاندار باوقار مستقبل لاءِ پتوڙڻو پوندو.

(نواز خان زئور)

16/04/2026

روبينا چانڊيو ڪيس ۾ رهبر لطيف جو خيال

سنڌ جي فڪري امام ، شاه لطيف بہ، سهڻيءَ جي چونڊيل ميهار کي ئي سندس محبوب يا مڙس مڃيو آھي، ڏم کي نہ

اسانجي نياڻي روبينا چانڊيو کي بہ پنھنجو جيون ساٿي چونڊڻ جو پورو حق حاصل هو.
اچو تہ پنهنجي ٻچن جا، تاريخ جي جابرن هٿان کسيل ، موروثي حق بحال ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪرون !!

(منظور سولنگي)

22/02/2026

مان يونيورسٽي جو شاگرد آهيان، ۽ پنهنجي تعليمي خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ رڪشا هلائيندو آهيان. جيڪڏهن ڪنهن وٽ خالي شفٽ موجود هجي ته مهرباني ڪري مون سان رابطو ڪريو. توهان جي مدد مون لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿيندي. مهرباني.
وحيد سومرو
رابطو: 03182894259
جاءِ: بهار بستي، بروهي چوڪ، ليبر ڪالوني

(روشني پبليڪيشن)
I am a university student, and I drive a rickshaw to support my educational expenses. If anyone has a vacant shift available or any opportunity, please contact me. Your support would mean a lot to me. Thank you
Waheed Soomro
Contact: 03182894259
Location: Bihar Basti, Brohi Chowk, Labour Colony

Solidarity with a Working Student - More Power

Photos from Sindh Speaks's post 10/02/2026

راڪاس جو روڻو روهڙي ٽڪريون – خيرپور شادي شھيد
روهڙي ٽڪرين جو سلسلو سنڌ جي قديم ترين انساني رهائشي علائقن مان آهي. هن پهاڙي خطي ۾ موجود غارن مان سڀ کان اهم ۽ مستند ماڳ “راڪاس جو روڻو” آهي، جيڪو حجري دور کان وٺي سنڌو تهذيب تائين انساني موجودگيءَ جا چٽا ثبوت پيش ڪري ٿو.
مؤمن بلي پنهنجي ڪتاب Khairpur: Jewel & Crown of Sindh ۾ راڪاس جي روڻ کي روهڙي ٽڪرين جي هڪ اهم قدرتي غار طور بيان ڪري ٿو. سندس مطابق هي غار شادي شهيد کان لڳ ڀڳ 30 ڪلوميٽر اوڀر، روهڙي ٽڪرين ۾ واقع آهي. غار لڳ ڀڳ 15 فوٽ اونهي ۽ ويڪري آهي ۽ تقريباً 200 فوٽ اوچائي واري ٽڪري تي موجود آهي. مقامي روايتن موجب ڪنهن زماني ۾ هتي هڪ وحشي جانور رهندو هو، جنهن سبب ماڻهو پنهنجون وسنديون ڇڏي ويا. بهرحال، ميداني مشاهدي دوران اهڙي ڪا نشاني نه ملي؛ غار اندر فقط پکين جا آکيرا ۽ چمڙين جي فضلي جا نشان ڏٺا ويا. غار جي هيٺان لڳ ڀڳ 300 فوٽ اونهو کوهه آهي، جيڪو علائقي جي ڌنارن ۽ مالوند ماڻهن لاءِ اهم پاڻيءَ جو ذريعو رهيو آهي.
محقق بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب سنڌو جو سفر (1989ع) ۾ “راڪاش جو روڻو II” جي عنوان سان هن غار جو تفصيلي ذڪر ڪري ٿو. سندس مطابق هي غار پٿر جي دور سان لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ پنج چئمبر آهن ۽ ڪل ڊيگهه تقريباً 227 فٽ آهي. غار کي آرپار ٻه لنگهه ڏنل آهن. مٿين ٽڪريءَ تي وڏي مقدار ۾ پٿر جا گهڙيل اوزار (cores، flakes، blades) مليا آهن، جيڪي قديم انساني سرگرمين جا واضح ثبوت آهن. بدر ابڙو اهو به لکي ٿو ته علائقي ۾ راڪاس جي روڻ سان لاڳاپيل هڪ کان وڌيڪ غارون موجود آهن.
قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (2008ع)، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، صفحو 141 تي “راڪاس جو روڻو 1” ۽ “راڪاس جو روڻو 2” کي الڳ الڳ قديم ماڳن طور درج ڪري ٿي. راڪاس جو روڻو 1 روهڙي ٽڪرين، خيرپور ميرس ۾ واقع آهي، جتي ٺڪراٽو ۽ پٿر جا اوزار مليا آهن، جن جو واسطو هڙاپا دور سان ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته راڪاس جو روڻو 2 اروڙ واري علائقي ۾ واقع آهي، جتان سنڌو تهذيب جهڙو ڳاڙهو ٺڪراٽو، ٿانون جا حصا ۽ ٻيون وٿون مليون آهن.
راڪاس جو روڻو هڪ مستند ماڳ آهي، جنهن جي سڃاڻپ مؤمن بلي (Khairpur: Jewel & Crown of Sindh), بدر ابڙو (سنڌو جو سفر, 1989) ۽ قديم آثارن جي ڊائريڪٽري (2008ع) جهڙن معتبر حوالن سان ثابت ٿي آهي. ڪجهه دوستن ان غار جو نالو ‘K-7’ ڏنو آهي، جيڪو غير رسمي آهي، ۽ ان کي درست ڪرڻ ضروري آهي.
حوالا:
1. مؤمن بلي، Khairpur: Jewel & Crown of Sindh
2. بدر ابڙو، سنڌو جو سفر، 1989ع، صفحو 302–303
3. قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، صفحو 141، ڇاپو 2008ع
(سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد)
Copied From Wall of Engr Imtiaz Hussain

11/01/2026

تشدد ۽ عدم تشدد ڇا آھي
ڊاڪٽر مير عالم مري جي ان موضوع تي گفتگو تاريخي ڄاڻ ۽ حوالن تي ٻڌل آھي. دوست پاڻ به ٻڌن دوستن سان به شيئر ڪن ھي اھم گفتگو.
Meer Alam Mari




Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Website

Address


Karachi