17/07/2026
هڪ پاسي سنڌ جي ساوڪ سڙي راک ٿي رهي آهي، اسان جا هاري پنهنجي روزگار کي تباهہ ٿيندي ڏسي رهيا آهن، تہ ٻئي پاسي پنجاب خاموشيء سان جلال پور ڪينال کولي ڇڏيو آهي. هي ڪا ترقي ناهي پر ارسا (IRSA) جي اکين جي اڳيان هيٺين وهڪري واري صوبي جي پاڻيء تي سڌو سنئون ڌاڙو آهي!
هن وقت سنڌ جي گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي 40 کان 60 سيڪڙو تائين پاڻيء جي سخت کوٽ آهي. سنڌو درياء سڪي رهيو آهي، سمنڊ اڳتي وڌي ڊيلٽا کي تباهہ ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي معيشت جوڳو گهٽجي رهيو آهي. پر مٿان نوان ڪينال ان پاڻيءَ سان ڀريا پيا وڃن جيڪو 1991ع جي معاهدي تحت اسان جي ڊيلٽا ۽ زمينن جو حق آهي.