23/04/2026
✨ ڪتاب حڪمت,!
📘💐World Book Day
It is Indus valley school System Pipri Karachi celebrated onto promote reading and the love of books. It encourages students to explore new ideas and gain knowledge through reading. On this day, people remember great writers like William Shakespeare. Schools organize fun activities such as reading and storytelling. This day reminds us that books are our best friends and help us learn and grow.
12/02/2026
سائنس اینڈ آرٹ ایگزیبیشن — انڈس ویلی اسکول سسٹم، پپری کراچی میں واقع انڈس ویلی اسکول سسٹم پپری علم، تخلیق اور محنت کا ایک شاندار منظر دیکھنے کو ملا، جہاں سائنس اور آرٹ نمائش کا اہتمام کیا گیا۔ یہ نمائش صرف پراجیکٹس کی نمائش نہیں تھی بلکہ بچوں کے خوابوں، سوچ اور مستقبل کی جھلک تھی۔
اس خوبصورت پروگرام میں طلبہ نے اپنے اپنے سائنس اور آرٹ پراجیکٹس نہایت اعتماد، خوشی اور جوش کے ساتھ پیش کیے۔ ہر بچہ اپنی محنت کی کہانی خود بیان کرتا دکھائی دیا۔ کسی نے سائنسی ماڈل کے ذریعے دنیا کے مسائل کا حل پیش کیا، تو کسی نے آرٹ کے ذریعے رنگوں میں جذبات کی زبان بولی۔
نمائش کا ماحول ایسا تھا جیسے علم کے چراغ جل رہے ہوں اور ہر کونے میں تخلیق کے رنگ بکھر رہے ہوں۔
اس یادگار تقریب میں لیجنڈ آرٹسٹ سر سکندر جوگی صاحب مھمان خاص تھے، صدارت پروفیسر ریاض مھدی خاصخیلی نے کی جو کہ انڈس ویلی اسکول کے بانی بھی ہیں۔ انہوں نے طلبہ سے خطاب کرتے ہوئے کہا کہ:
"تعلیم ایک کامیاب مستقبل کی بنیاد ہے، اور آرٹ انسان کے اندر تخلیقی سوچ اور اعتماد پیدا کرتا ہے۔"
ان کے الفاظ طلبہ کے لیے حوصلہ افزائی اور امید کی روشنی بن گئے۔
اسی موقع پر اسکول کے فائونڈر نے بچوں کی حوصلہ افزائی کرتے ہوئے کہا کہ طلبہ کو اپنی زندگی میں علم اور فن دونوں کی قدر کرنی چاہیے، کیونکہ علم راستہ دکھاتا ہے اور فن شخصیت کو نکھارتا ہے۔
یہ نمائش اس بات کا ثبوت تھی کہ اگر بچوں کو موقع دیا جائے تو وہ اپنی صلاحیتوں سے دنیا کو حیران کر سکتے ہیں۔
انڈس ویلی اسکول سسٹم نے آج ثابت کر دیا کہ یہ ادارہ صرف تعلیم نہیں دیتا بلکہ صلاحیتوں کو جگاتا ہے، اعتماد کو بڑھاتا ہے، اور مستقبل کو روشن بناتا ہے۔
🌟 یہ دن طلبہ، اساتذہ اور والدین کے لیے ایک یادگار دن بن گیا
05/02/2026
الحمدللہ!
انڈس ویلی اسکول سسٹم پپری، کراچی میں خاص ڈویلپمنٹ ویلفیئر آرگنائزیشن کے تعاون سے بچوں کے ماہر ڈاکٹر امتیاز احمد خاصخیلی نے بچوں کا مفت طبی معائنہ (Free Check-up) کیا۔
اس موقع پر سید حسن امام اور خاص ڈویلپمنٹ ویلفیئر آرگنائزیشن کے صدر عبدالجبار خاصخیلی بھی سپورٹ اور تعاون کے لیے موجود تھے۔
ہم ڈاکٹر صاحب اور تمام تعاون کرنے والوں کے شکر گزار ہیں، جنہوں نے بچوں کی صحت کے لیے یہ بہترین قدم اٹھایا۔ 🌿
✅
Alhamdulillah! Alhamdulillah!
At Indus Valley School System, Pipri Karachi, with the support of Khaas Development Welfare Organization, child specialist Dr. Imtiaz Ahmed Khaskheli conducted a Free Medical Check-up for children.
On this occasion, Syed Hassan Imam and President of Khaas Development Welfare Organization Abdul Jabbar Khaskheli were also present to provide support and cooperation.
We are truly grateful to Dr. Sahib and all supporters for this wonderful initiative for children's health. 🌿🤍
19/01/2026
انڈس ویلی اسکول سسٹم کراچی کی طرف سے اپنے اسٹوڈنٹس کے لیے اکیڈمک اور تفریحی ٹور ،میری ٹائم میوزیم ،کراچی
22/12/2025
16
دسمبر یوم شہدائے اے پی ایس پشاور کو بھرپور انداز سے انڈس ویلی اسکول میں منایا گیا بچوں کو اگئی دی گئی بچوں نے عقیدت سے سرمئی کے نسبت سے رنگوں کے ذریعے بچوں کو سلام پیش کیا
12/11/2025
Indus Valley School System Karachi
Congratulations dear students
13/01/2025
سائين بيدارجعفري
مٽي ان مڪان اصل هئي ايتري
آصف رضا موريو
بيدارجعفري نه رڳو هڪ سٺو تعليمدان هيو پر تجزيه نگار، صحافي، مذهبي اسڪالر، خطيب، شاعر، عالم، مرثيه نگار، صحافي، سماج سڌارڪ، ڪالمنگار، اديب ماڻهو هيو جنهن جي ماٺيڻي ۽ سٻاجهي طبيعت جي پکيڙ محبتن جو انيڪ حدون اورانگهي متاثرڪندي هئي. هلڪي قد ڪاٺ تي سنهڙي سونهاري، وڏين گول اکين تي سدائين نظر جو نفيس چشمو، جاذب جسماني بيهڪ، نرم لهجي سان في البديح گفتگو جو سليقو ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ هجڻ جي خوبي کيس نجي زندگي توڙي محفلن ۾ ممتاز ڪندي هئي. هو سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ تمام سٺو لکندو هيو. سنڌي ۽ اردو زبان ۾ سندس خوش خطي ۽ ڪيليگرافي ڪمال جي هوندي هئي.
بيدار جعفري جو جنم 2 جنوري 1966ع ڌاري سيهڙ ڳوٺ جي هڪ غريب لوهارڪي گهراڻي ۾ ٿيو سندس ڇٺيءَ جو نالو ديدارعلي پٺاڻ رکيو ويو جڏهن ته اڳتي پنهنجي ادبي سڃاڻپ طور بيدارجعفري تخلص رکيو.
پنهنجي زندگي جي سموري محرومين کي ويجهڙائي کان ڏسندڙ بيدارجعفري اسان جي تر جي پهرئين ڪجهه گهڻي پڙهيل لکيل ۽ ساڃاهوند ماڻهن منجهان هيو جيڪو بي پهچ خانداني پسمنظر رکندي به پنهنجي ٻل ۽ محنت آڌارت پروفيسر جهڙي مانائتي عهدي تي رسيو. باڊهه جي اولاهين حصي ۾ سندس گهر ڀٽي چوڪ جي سڄي پاسي جرنيلي سڙڪ تي هوندو هيو.
بيدارجعفري جا ابا ڏاڏا پراڻي دور کان لوهارڪي ڌنڌي سان سلهاڙيل رهندا پئي آيا پر سندس والدعلي محمد جو گذر سفر لوهارڪي ڪرت ٿي آڌارت هوندو هيو. هاڻي توڙي جو هٿن جا اهڙا هنر سنڌي سماج ۾ آخري ساهه کڻي رهيا آهن پر سندس خاندان جا ڪجهه لوڪ اڃان به ان ڪرت کي زندهه رکيون اچن ٿا. انهن جي پراڻي سڃاڻپ لوهارڪي رهي آهي پر اڳتي هلي انهن پٺاڻ ذات اختيار ڪئي هن وقت به سيهڙ توڙي باڊهه ۽ نوڪري ۾لڏي آيل سندن خاندان جا فردلوهر سڏائن ٿا.
بيدارجعفري صحافت جي لڏي ۾ ايندي پنهنجو پاڻ کي ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪندي غريبي جي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ جدوجهد جي شروعات ڪئي. پاڻ کي ڪتابن، علم ۽ پڙهيل لکيل طبقي ويجهو آڻي سکيو ۽ لکڻ جي شروعات ڪئي. باڊهه ۾ بيشمار ٻين اخبارن ۽ روزاني جنگ اخبار جي پڻ ڪيترن سالن تائين نمائندگي ڪئي. ان دور ۾ استاد جي نوڪري تمام بهترين، عزت ڀري ۽ مانائتي ڀانئي ويندي هئي. مون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺن ۾ (بشمول اسان جو ڳوٺ) سٺو سڱ ماستري، سپاهين ۽ ڄامشورو حيدرآباد پاسي مل ۾ نوڪري ڪندڙن کي ملندو هيو. ان لاءِ سائين بيدارجعفري به تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو جڏهن ته سندس پهرين پوسٽنگ ”دڙا ڳوٺ“ جي پرائمري اسڪول ۾ ٿي.
پروگريسو لڏي جو ماڻهو هيو جيڪو سموري عمر نه رڳو ڪرتي پر علمي ۽ سماجي اوڌ وڌائڻ لاءِ پتوڙيندو پر وڌندو رهيو. لوهارڪي ڌئڌي مان صحافتي سلسلو، صحافت مان استاد ۽ پوءِ استاديءَ جا ڏاڪا اورانگهيندو رهيو. سنڌپبلڪ سروس جو امتحان ڏيندي گورنمنٽ ڪاليج ميهڙ ۾ اردو جو ليڪچرار ٿيو. هڙي ريت سيهڙن کان باڊهه ۽ باڊهه کان ڪراچي کي پنهنجي لاءِ بهتر ڀائيندي نوي واري ڏهاڪي ۾ گورنمنٽ ڪاليج ميمڻ ڳوٺ ۾ پنهنجي بدلي ڪرائي لڏي ويو. اڳتي هلي درساڻو ڇڻو گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج، ملير ڪراچي ۾ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو.
هن لائق انسان جي وني پڻ انگريزي زبان جي پروفيسر هئي جڏهن ته سندس نياڻي نفيس فاطمه پڻ ليڪچرار مقرر ٿي آھي .
باڊهه سنڌ جي تمام سهڻي شهرن جو پنهنجي شهرين، سياسي ماڻهن ۽ انتظامي آفيسرن طرفان ٿيندڙ ڏوهاري لاڙن جو بدترين مثال آهي. ڏوڪري، وارهه ۽ ميهڙ تعلقن سان زميني ڪلهو ملائيندڙ هي شهر توڙي جو مهين جو دڙو جو پاڙيسري آهي. هن شهر ۾ اسڪول تعليمي، عدالتي، قانوني ادارا، ادب ۽ ادبي تنظيمون، سرڪاري آفيسون، بجلي، گيس ۽ ڊرينيج وغيره جا شهري سلسلا به آهن پر شهر جي زبون حالت ڏسي لڳندوآهي ته ”اهڙي شهرن کان جهنگ ۽ ٻيلا به سٺا“.
سنڌ جي اهڙي شهرن جو سبب مجبورين سبب اتان جي پڙهيل لکيل طبقن جو تعليم، طبي سهولتن، تربيتن ۽ مراعتن آڌارت لڏڻ آهي ئي پر اسان جي انتظامي ۽ سياسي ماڻهن جو بدعنوان هجڻ آهي. جيئن پيءُ ماءُ ۽ دوست احباب پنهنجي پيارن جي وڇڙڻ تي ڏکارا ٿيندا آهن تيئن پنهنجي محنتي ۽ مانائتي ٻارن جي لڏڻ تي وستين جا ويڙها ويران ٿيندا آهن. مون ڏٺوآهي تي باڊهه شهر به پنهنجي اولاد جي وڇوڙن جا تڏا ڪڏهن ويڙهيا ئي ڪونه آهن سو بيدارجعفري کي شهر ڇڏڻ لاءِ به ضرور تڙپيو هوندو.
باڊهه شهر جي حوالي سان بيدارجعفري جون تمام گهڻيون ادبي، صحافتي، سماجي ۽ تدريسي خدمتون رهيون جو هواصغريہ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن سنڌ لاءِ ڊويزنل صدر رهيو ۽ پنهنجي شهر جي سماجي ترقي لاءِ باڊهه ڊولپمنٽ سوسائٽي ۽ باڊهه ٽرسٽ فورم جو پڻ بڻياد رکيو. باڊهه ٽرسٽ فورم جو صدر شيخ ذوالفقار هيو جڏهن ته نائب صدر بيدارجعفري، سيڪريٽري جنرل منصورمغيري، جوائنٽ سيڪريٽري رئوف ڪانڌڙو، فائنانس سيڪريٽري حميدسومرو ۽ ڪوآرڊيشن سيڪريٽري ارشادانصاري ٿيا. سندس ڳوٺ لاءِ بيدارجعفري جو وڏي ۾ وڏو ادبي حوالو خدمت سندس ڪڍيل رسالو ”باڊهه بوند بهار“ رهيو. پهرين جولائي 1992ع تي ”باڊهه بوند بهار“ جي تعارفي تقريب پڻ جوڙي وئي جنهن ۾ ڊاڪٽر درمحمدپٺاڻ خاص مهمان هيو ۽ مختلف مهمانن جن ۾ بيدارجعفري، ذوالفقار باڊاهي، ڊاڪٽرمولا بخش جوڻيجو، غلام النبي ڪولاچي، حميدناز سومرو، شاهن باڊاهي، حبيب ابڙو، محمد خان خشتر وغيره مقالا پڙهيا ۽ تقريرون پڻ ڪيون هيون.
بيدار جعفري اسان جي سماج جو هڪ تعليم يافته فرد هيو جنهن کي ڄاڻ هئي ته زندگي جو هنر ڪئين سکجي، سيکارجي ۽ پنهنجي زندگي علم جي زيور سان ڪهڙي ريت ڀلاين جا ڀال ڪندي ۽ پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪندي بدلائجي. سندس خيال هيو ته ”علم جي ترسيل جو بهترين ذريعو شاگردن جي حوصله افزائي ڪرڻ آهي“. هو نيلسن منڊيلا جي ان چوڻي کي گهڻ ورجائيندو رهندو هيو ته ”تعليم سڀ کان وڏو هٿيار آهي جنهن سان توهان دنيا کي بدلائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.
هو پنهنجي شاگردن کي سيکاريندو هيو ته قومي ترقي، ڌرتي دوستي ۽ ايندڙ سهڻي صبحن لاءِ پنهنجي تجسس کي وڌائي، پنهنجو پاڻ کي ڳوليندي، صلاحيتن جا بند دروازا کولي پڙهو، سکو، اڳتي وڌو ۽ ڪامياب ٿيو.
هو هڪ درمحمدپٺاڻ کي سوشل ميڊيا تي مخاطب ٿيندي لکي ٿوته”ڪتاب پڙهڻ اسان لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ باقي اصلاح اسان جي انهن استادن ڪئي. منهنجي ماحول جي صورتحال ڪا خاص ڪونه هئي. خالي هٿ، وسيله گهٽ، لوهارڪ پيءُ جو پٽ هيم. پر سائين جي ايم سيد سان لڳاتار ملاقاتون ۽ ٻين رهنمائن جهڙوڪ ذوالفقارعلي ڀٽو جي قتل، ڪميونسٽ ۽ قوم پرست لڏن سان قريبي تعلقات. ڪتابن جي گهڻي مطالعي، ذاتي تحقيق مون کي پڙهڻ، سکڻ ۽ ڪڙهڻ جو ديوانوبڻايو“.
منهنجو ڳوٺاڻو تر پنهنجي ڳوٺ ڪوٽ مرزاڪالو کان قبولو، سامٽيا، سيهڙ، ويهڙ، ٽاٽڙي ۽ شهري تر باڊهه، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي جيڪڏهن ڪنهن صحافي يا لکاري لڏي جي نالي سان پهرين واقفيت ٿي ته اهو مرحوم بيدار جعفري هيو بلڪه انيڪ خوبصورتين سان سلهاڙيل سندس نالو ”بيدارجعفري“ هيو. ان جو سبب اهو آهي ته مان لفظن جي ساحري، حسناڪي ۽ ڪشش جو شروع کان قائل رهيوآهيان ۽ مان اهو پڻ تسليم ڪيان ٿو ته مان پنهنجي سموري ادبي زندگي ۾ اهڙو خوبصورت نالو نه ٻڌو آهي.
توڙي جو چاهيندي به سندس سان منهنجي ملاقات ڪونه ٿي سگهي. جڏهن هو باڊهه اچي مون کي فون ڪندو هيو ته مان ڪنهن رولاڪي ۾ شهرلاڙڪاڻو۾ ڪونه هوندو هيم ۽ جڏهن به ڪراچي مان وڃي کيس ڪال ڪندو هيم ته هو ڪٿي مصروف پر فون تي ڳالهيون ٿينديون رهنديون هيو. مان سندس ادبي حيثيت کان وڌيڪ سندس جي علمي ۽ زندگي سان ويڙهاند ۽ جدوجهد جوقائل رهيم.
ڪجهه ڏينهن اڳ 6 جنوري 2025ع تي دل تي حملي سبب ڪراچي ۾ سندس وفات جي اطلاع سان ساڻس نه ملي سگهڻ جو ارمان رهجي ويو. کيس ساڍي ٽين وڳي ڌاري پپري فٽبال گرائونڊ ۾ سندس جنازه نماز پڙهائي کيس سپرهاءِ وي لڳ واديءِ حسين قبرستان اندر مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو.
حسينت جي علمي سبيل کي عملي ريت ورهائيندڙ بيدارجعفري سموري عمر سکڻ جي خوشي ڳوليندي ۽ ان جي آبياري پڻ ڪندو رهيو. پنهنجي تقريرن، ليڪچرن، ڪچهرين ۾ به هو به هو چڱ ڀلائي، ديني ۽ درسي ڳالهين جي ترسيل ڪندي اڪثر نهج البلاغه ۽ امام حسين عليه السلام جا قول ورجائيندو رهندو هيو. امام حسين عليه السلام جو هي قول سندس پسنديده هيو ته ”جيڪو شخص عمر ۽ رزق ۾ واڌارو چاهي ٿو ته ان کي گهرجي پنهنجي رشتي دارن سان سٺا تعلقات قائم ڪري“. اهڙي ريت کيس علي عليه السلام جي ”معاف ڪرڻ ۽ انصاف ڪرڻ“ واري ريت سان عشق هيو. منهنجي دعا آهي ته مالڪِ ارض و سما سندس درجات بلند ڪري.
31/05/2024
Annual Result Day- Session (2023-24)
Class 1 to 5
You worked hard and you did it!
CONGRATULATIONS to all students on their achievement.