Sindh teachers forum

Sindh teachers forum

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Sindh teachers forum, Education, p. o darro sujawal, Karachi.

26/02/2024

ڪجهه ماڻھن سان رت جو رشتو ناھي به ھوندو پر پوء به پنهنجن واري خوشبو ايندي آھي
اصل ۾ رشتا رت جا نه
احساس جا ھوندا آھن

30/11/2023

*دنیا میں ایک ایسی محبوبہ بھی گزری ہے جس نے اپنی محبت کے لیے ساری حدیں عبور کر دی*
*نرس (کرسچن گلبرٹ) وہ ایک مرد سے بے حد محبت کرتی تھی ، جو کہ اس بات سے بے خبر تھا کہ وہ اس سے بے پناہ محبت کرتی ہے*

*صرف اس وجہ سے*
*نرس کرسچن گلبرٹ جو کہ "موت کا فرشتہ" کے نام سے جانی جاتی تھی ، وہ اپنے مریضوں کو بے ہوشی کا انجکشن لگا کر ‎مار دیتی تھی*
*کیونکہ اس کا عاشق ‎مردہ خانے میں کام کرتا تھا ، یہ اس کے لیے اپنے عاشق کو بلانے کا بہانہ ہوتا تھا اور وہ ‎ڈیڈ باڈی لینے آیا کرتا تھا ،*

*اور کرسچن اس کا دیدار کر لیتی تھی* 🙆🏻‍♀️🫵🏼❤‍🔥

Photos from Sindh teachers forum's post 22/05/2022

گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول دڙو جي معزز ۽ قابل استاد صاحبان سائين عبدالرئوف پليجو سائين حاجي احمد عباسي سائين علي محمد ميمڻ سائين محمد حسن چوھاڻ سائين عبدالله ميمڻ سائين محمد عارف ڪاندڙو سائين وقار عباسي جي طرفان مون کي دڙو اسڪول جوائن ڪرڻ تي welcome پارٽي ڪيفي توفيق ھوٽل سجاول ۾ ڏني ويئي آء سڀني محترم استادن جو شڪر گذار آھيان جن مان ڏنو ۽ عزت ڏني

15/12/2021
07/12/2020

عمر کان اڳ پوڙھو ڪندڙ شيون
”اصغر ساگر“

کاڌن جو جسم تي وڏو اثر پوي ٿو. کاڌا صحتمندي ڏين ٿا ۔ طاقت سان گڏ عمر وڌائين ٿا ۽ صحتمند سماج کي مرتب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ايڊيسن جو قول آھي تہ توھان مون کي بھترين بورچيخانو ڏيو، مان توھان کي بھترين قوم ڏيان. مطلب اھو نڪتو تہ سٺن کاڌن سان جتي جسم خودڀر رھي ٿو، اتي ذھن ھاڪاري اثر مرتب ڪري ٿو. سٺا کاڌا عمر وڌائن ٿا ۔ بيمارين کان دور ڪن ٿا ۽ پوڙھائپ ۾ ڪنھن جو محتاج نٿا ڪن. ھتي اھڙن ڏھن اسمن جو ذڪر ڪجي ٿو جيڪي عمر کان پھرين پوڙھو نٿا ڪن.

کنڊ ۽ مٺا کاڌا:
مٺا کاڌا مزيدار ٿين ٿا پر صحت لاء نقصانڪار ٿين ٿا. کنڊ اسان جي پروٽين Protein ۽ چرٻي Lipid کي کٽائي ٿي. جيڪي ماڻهو روز ٽن کان مٿي چانھيون پين ٿا، اھي جسم مان پروٽين کي ختم ڪري ڇڏين ٿا جڏھن تہ پروٽين جسم کي تازي تواني رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. وڌيڪ مٺاڻ کائڻ سڪر Sugar ۽ ٿولھ جو شڪار ڪري ٿي نتيجي طور وڏيون بيماريون ڪر کڻن ٿيون. پاڻ کي صحتمند رکڻ لاء کنڊ ۽ کنڊ وارين شين بجاء ميون تي زور ڌجي جيئن صحتئند ۽ جوان رھجي.

تريل کاڌا ۽ تيز کاڌا:
تريل ۽ تيز کاڌا اسان جي جسم ۾ رت جي وھڪري کي سست ڪن ٿا ۔ رڳن کي سوڙھو ڪن ٿا ۔ رڳن جي کل کي ٿلهو ڪن ٿا ۽ انهن کي بلاڪ ڪن ٿا. جيڪڏھن رت جي وھڪ جو نظام رخني جو شڪار ٿي وڃي ۽ ٺيڪ نموني ڪم نہ ڪري تہ چمڙي تي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ عمر کان پھرين گهنج پوڻ شروع ٿي وڃن ٿا. ان ڪري روز تريل کاڌن ۽ تيز کاڌن کان پرھيز ڪرڻ کپي.

صحتمند سڻڀ جو استعمال نہ ڪرڻ:
صحتمند سڻڀ وارا کاڌا استعمال نہ ڪرڻ سان چمڙي تي گهنج اچڻ جلدي شروع ٿي وڃن ٿا. ان ڪري صحتمند سڻڀ واريون شيون جيئن بادام ۔ نيزا ۔ پستا ۔ اخڙوٽ ۔ تخم بالا ۔ السي ۽ سبز پنن واريون سبزيون استعمال ڪرڻ کپن جيڪي چمڙي جي سوڄ کي ختم ڪن ٿيون ۽ رڳن کي بغير چرٻي ڏيڻ جي سڻڀيون رکن ٿيون ۽ چمڙي جي مردار گهرڙن کي ختم ڪري چمڙي جي رونق کي بحال رکن ٿيون.

لوڻ:
لوڻ جو استعمال جلدي پوڙھائپ ڏي آڻي ٿو. مڇي کي ترڻ کان پھرين لوڻ سان ڌوتو وڃي ٿو ۽ بعد ۾ ترڻ يا ڀاڄي ٺاھڻ وقت وري ان ۾ لوڻ وڌو وڃي ٿو جيڪو جسم لاء نقصانڪار آھي. نارنگي بغير لوڻ کائڻ سان رت جي چاڙھ کي ختم ڪري ٿي پر اسان وٽ نارنگي کي ڪٽي لوڻ کي ٻرڪي رت جي چاڙھ کي دعوت ڏني ويندي آھي. ساڳي نموني زيتون رت جي چاڙھ کي دور ڪري ٿو پر اسان وٽ ان مٿان لوڻ جو ٻرڪو ڏيئي ان کي نقصانڪار بنائڻ لازمي ھوندو آھي. ليمي جو پاڻي رت جي چاڙھ کي ھٽائي ٿو ۽ چمڙي کي تازو رکي ٿو پر اسان وٽ ان ۾ بہ لوڻ وجهي ان کي ناڪاري بنايو وڃي ٿو. اسان وٽ روز خوراڪ ۾ شامل گهڻو لوڻ اسان جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي گهٽ ڪري ٿو ۔ رڳن کي ڇوت Infection ڏئي ٿو ۽ رت جي چاڙھ کي وڌائي ان کي مستقل ڪري ٿو. جڏھن لوڻ جسم جي پاڻي کي جذب ڪرڻ لڳي ٿو نتيجي طور پوڙھائپ در تي پير رکي ٿي.

مرحلاتي کاڌا Processed food:
بازار ۾ ملڻ وارا مرحلاتي کاڌا جيئن برگر ۔ پڪوان يا ٻيون اھڙيون شيون ٻارن کي پسند ھونديون آھن، اھي چرٻيل چرٻي Trans fat تي مشتمل ھونديون آھن جيڪي جسم جي پاڻي کي کٽائين ٿيون ۽ چمڙي کي خشڪي طرف لاڙو ڏين ٿيون. خشڪي جسم لاء نقصانڪار ٿئي ٿي ۽ جسم ۾ گهنج پيدا ڪري پوڙھائپ جي راھ تي آڻي ٿي.

سڙيل کاڌا:
اھڙا کاڌا جيئن ڪڙھائي ۽ چرغو وغيرھ جيڪي باھ تي جلن ٿا ۽ ترجڻ بعد ڪاراٽجن ٿا، اھي صحت کي نقصان ڏين ٿا نتيجي طور جسم جا ڪولاڄا Colagen ختم ٿيڻ لڳن ٿا ۽ پوڙھائپ غالب ٿيڻ لڳي ٿي.

چانھن ۽ قھو Caffeine :
چانھن ۽ ڪافي ۾ قھو اسان جي جسم کي خشڪ ڪري ٿو ۽ چمڙي کي قدرتي سڻڀ کان محروم ڪري ٿو. ان ڪري چانھن ۽ ڪافي گهٽ استعمال ڪرڻ کپي. چانھن ۽ ڪافي کي گهٽ استعمال ڪرڻ پوڙھائپ دير سان اچي ٿي ۽ جڏھن تہ گهڻي استعمال سان ردعمل ابتو ٿي وڃي ٿو.

تيز مصالحن وارا کاڌا:
اڄ ڪلھ اسان جنھن دور مان گذرون ٿا، پيا اھو سماجي اظھار Social media جو دور آھي. يوٽيوب تي کاڌن جون ويبسائيٽون ھلن ٿيون پيون، سڀ جو سڀ مصالحن جون قائل آھن. ھڪ کاڌي ۾ گنج مصالحا پون ٿا جيڪي جسم جي پاڻي کي کٽائي سگهن ٿا. مصالحا مزيدار ٿين ٿا پر صحت کي خراب ڪن ٿا انهن کي کائڻ سان چمڙي تي ڳاڙھاڻ اچي ٿي ۔ چمڙي ۾ خشڪي اچي ٿي ۔ جسم جو پاڻي کٽي ٿو ۽ پوڙھائپ اچڻ لڳي ٿي. اھي کاڌا ڪڏھن ڪڏھن استعمال ڪجن ۽ انهن مٿان پاڻي ضرور پيئجي جيئن جسم جو پاڻي نہ کٽي ۽ خشڪي نہ اچي.

گهٽ پاڻي پيئڻ:
گهٽ پاڻي پيئڻ گهنجن کي دعوت ڏيڻ آھي جنھن سان جسم خشڪ ٿيندو ۽ بيماريون وڌنديون. جيڏي مھل اڃ لڳي پاڻي پيئجي ۽ ناغو نہ ڪجي پر ھڪ وقت گهڻو پاڻي نہ پيئجي.

Photos from Sindh teachers forum's post 26/09/2019

paternity leave ten days

Photos from Sindh teachers forum's post 26/09/2019

paternity leave ten days allow to male teachrs

21/09/2019

weldone

17/08/2019

جانورن ۽ پکين جا جمع
”پروفيسر شمس الدين عرساڻي“

مينھن ڍڳين جي جمع کي گُهرَ چئبو آھي.
رڍن ٻڪرين جي جمع کي ڌڻ چئبو آھي.
اٺن جي جمع کي وڳ يا گلو چئبو آھي.
ڪتن جي جمع کي لوڌ چئبو آھي.
ڇيلن جي جمع کي ڇانگ آھي.
ڪونجن جي جمع کي قطار چئبو آھي.
اڏامندڙ پکين جي جمع کي ولر چئبو آھي.
ٻني جي سنگ کائيندڙ پکين جي جمع کي جهار چئبو آھي.
پتنگن ۔ ماڪوڙين يا ٻين سنهن جيتن جي جمع کي ڪدرڪون چئبو آھي.

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Address


P. O Darro Sujawal
Karachi
73040