30/09/2026
لسانيات ڇا آهي؟
لسانيات (Linguistics) ٻوليءَ جي سائنسي مطالعي کي چيو وڃي ٿو. ٻولي صرف ڳالهائڻ يا لکڻ جو ذريعو نه آهي پر اها انسان جي سوچ، ثقافت، سڃاڻپ، سماج ۽ علم سان گهرو تعلق رکي ٿي.
لسانيات جي علم ذريعي اسان اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته آواز ڪيئن پيدا ٿين ٿا، لفظ ڪيئن ٺهن ٿا، جملا ڪيئن ٺهن ٿا، لفظن جي معني ڪيئن ٺهي ٿي يا انهن جا جا مطلب يا استعمال ڪيئن وجود ۾ اچن ٿا ۽ انسان ٻوليءَ کي ڪيئن سمجهي ۽ استعمال ڪري ٿو.
لسانيات جا اهم شعبا Phonetics، Phonology، Morphology، Syntax، Semantics، Pragmatics، Sociolinguistics etc ۽ Computational Linguistics آهن.
اڄ جي دور ۾ لسانيات جي اهميت اڃا وڌيڪ وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ تہ مشين کي انساني ٻولي سمجهائڻ لاءِ ٻوليءَ جي بناوٽ، معنى ۽ استعمال کي سائنسي طريقي سان سمجهڻ ضروري آهي.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ لسانياتي تحقيق صرف ٻوليءَ جي مطالعي تائين محدود ناهي پر اها سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل دنيا، ھٿراڌو ذهانت ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهم قدم آهي. ٻولي کي سمجهڻ، انسان جي سوچ کي سمجهڻ جي شروعات آهي.
#لسانيات