12/06/2024
جاپاني هوٽل جي سوئمنگ پول ۾ پيشاب ڪرڻ
ترجمو : مُبين چنا
لبناني شخص پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو تہ مان جاپان جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهيل هئس.
مان هوٽل جي سومنگ پول ۾ لٿس تہ ان وقت پول ۾ مون کان سواءِ ڪوبہ نہ هو. وهجندي وهجندي مون سوئمنگ پول ۾ پيشاب ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن ڪيميڪل جي ڪري ڪجھ ئي منٽن اندر سڄي سوئمنگ پول جي پاڻي جو رنگ تبديل ٿي ويو.
سيڪورٽي تي ٻيٺل عملو فورن پهچي ويو ۽ مون کي سوئمنگ پول مان ٻاهر ڪڍي، منهنجي نظرن جي سامهون ئي سڄي سوئمنگ پول جي پاڻي کي تبديل ڪيو ويو.
مون کي هوٽل جي ريسيپشن تي گهرايو ويو ۽ مون کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ سڄو سامان ڏئي مون کي هوٽل مان ٻاهر ڪڍيو ويو.
هاڻي مان شهر جي جنهن بہ هوٽل ۾ ڪمري وٺڻ لاءِ وڃان پيو تہ اتي ريسيپشن تي ويٺل عملو منهنجو پاسپورٽ ڏسي چئي پيو تہ تون اهو ئي آهين نہ جنهن سوئمنگ پول ۾ پيشاب ڪيو آهي.
مون کي ڪنهن بہ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ڪمرو نہ مليو تہ مون پنهنجي سفارتخاني جو رخ ڪيو ۽ انهن کي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي، سفارتخاني مان اها رهنمائي ملي تہ ڪا اهڙي هوٽل تلاش ڪر جنهن ۾ سوئمنگ پول نہ هجي.
مان جڏهن جاپان ڇڏڻ جي لاءِ ايئرپورٽ اميگريشن وارن وٽ پهتس تہ منهنجي پاسپورٽ تي مهر هڻندي اتان جي هڪ آفيسر چئي ڏنو تہ اميد آهي توکي سٺو سبق مليو هوندو.
اھو لبناني شخص چئي ٿو تہ انهن ٽن ڏينهن ۾ پورو جاپان ڄاڻي چڪو هو تہ اهو مان ئي هئس جنهن سوئمنگ پول ۾ پيشاب ڪيو آهي، واقعي کي ڪيترو ئي وقت گذري ويو آهي پر اڄ بہ جڏهن ڪوئي جاپاني مون کي ڪٿي نظر ايندو آهي تہ مون کي ائين لڳندو آهي تہ ان شخص کي بہ خبر هوندي تہ اهو مان ئي هئيس.
ٻئي طرف اسان جو ملڪ آهي جتي اربين ڊالر ملڪ کي لٽيو ڦريو ويو آهي، ملڪي خزانو خالي ڪيو ويو آهي پر ڪنهن کي بہ خبر ناهي تہ ڪير لٽي ويو، ڪير کائي ويو، ڪنهن ڪنهن ملڪي خزاني تي پنهنجا هٿ صاف ڪيا آهن.
اسان جي سياسي اڳواڻ ڪڏهن اسان کي اهو معلوم ٿيڻ ئي ناهي ڏنو تہ ڪنهن ڪنهن قومي خزاني ۾ ڪيترو پيشاب ڪيو آهي.
01/05/2024
26/10/2023